۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » تاريخ
  • آءِ ڊي : 1836
  • 18 جنوري 2021 - 22:28
  • 11 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : حجة الاسلام مولانا ڊاڪٽر غلام قاسم تسنيمي
يوم القدس جي اهميت

يوم القدس جي اهميت

تحرير: حجة الاسلام مولانا ڊاڪٽر غلام قاسم تسنيمي جياپو، وجود ۽ زندگي الله سائين جون عظيم نعمتون آهن، پر جياپو رڳو جسماني چرپر جو نالو نه آهي، اصل جياپو مقصد لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، البت جهڙي نموني فرد يا هر انسان جو جياپو هوندو آهي اهڙي نموني قومن لاءِ به جياپو ۽ […]

تحرير: حجة الاسلام مولانا ڊاڪٽر غلام قاسم تسنيمي

جياپو، وجود ۽ زندگي الله سائين جون عظيم نعمتون آهن، پر جياپو رڳو جسماني چرپر جو نالو نه آهي، اصل جياپو مقصد لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، البت جهڙي نموني فرد يا هر انسان جو جياپو هوندو آهي اهڙي نموني قومن لاءِ به جياپو ۽ موت هوندا آهن، فرد جو جياپو سندس فردي مقصد جي بلندي سان پرکيو ويندو ته قوم جو جياپو سندس اجتماعي تشخص، ميراث جي حفاظت، جڳ جي قومن ۾ پنهنجو قومي معيار برقرار رکڻ سان ماپيو ويندو آهي.

قرآن مجيد ڪيترين ئي آيتن ۾ قومن جي موت جي حوالي سان گفتگو ڪئي آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ لِكلُ‏ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً وَ لَا يَسْتَقْدِمُون ؛

۽ سڀ ڪنهن گروھ لاءِ (ناپيد هئڻ) جو هڪ خاص وقت آهي. پوءِ انهن جو وقت اچي پهچي ٿو ته نه هڪ گهڙي پٺ تي ٿيندا ۽ نه وڌي سگهندا.

هتي قوم جي موت جو مسئلو بيان ٿيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قوم جو به هڪ جياپو آهي، ٿي سگهي ٿو ته فردي طور تي ڪنهن به قوم جا تمام فرد زندھ هجن پر قومي طور تي اها قوم مرده هجي، جنهن مان مراد اها ٿي سگهي ٿي ته ان قوم پنهنجي قومي تشخص، عزت سربلندي يا پنهنجو وطن يا پنهنجيون سرزمينون هٿان وڃائي ڇڏيون هجن.

هڪ امت ۽ قوم هجڻ جي ناطي اسان مسلمانن جون به ڪي قومي ذميواريون آهن، اسلام جي ميراث جي حفاظت اسان جو فرض آهي، مسلمانن جا علائقه، اسلام جا علائقه آهن خاص طور تي اها سرزمين جيڪا ڪيترائي سال مسلمانن جو قبلو رهي، جتي ڪيترائي خدا جا نبي مدفون آهن، جتي ڪيتريون ئي خدائي نشانيون ظاهر ٿيون، جتي انسانن لاءِ خدائي پيغام کڻي آڻڻ وارا آيا. جنهن کي پاڪ پالڻهار پنهنجي معجزاتي ڪلام ۾ نبي پاڪ جي معجزاتي سفر معراج ۾ ذڪر فرمايو:

سُبْحانَ الَّذي أَسْرى‏ بِعَبْدِهِ لَيْلاً مِنَ الْمَسْجِدِ الْحَرامِ إِلَى الْمَسْجِدِ الْأَقْصَى الَّذي بارَكْنا حَوْلَهُ لِنُرِيَهُ مِنْ آياتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ الْبَصير ؛

اهو خدا (هر عيب کان) پاڪ صاف آهي جنهن پنهنجي عبد کي راتو رات مسجد حرام (ڪعبي) کان مسجد اقصى (آسماني مسجد) تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان هر قسم جي برڪت بنائي رکي آهي ته جئين کيس پنهنجي (اعلى قدرت جون) نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ (اهو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڏسندڙ آهي.

اهڙي سرزمين مسلمانن جي قومي سرزمين آهي، ان مٿان دشمنن جو ناجائز قبضو ڪرڻ مسلمانن کي اتان کان بي دخل يا جلاوطن ڪرڻ هڪ تاريخي ظلم آهي جنهن خلاف آواز اٿارڻ، پنهنجي مسلمه حق جو دفاع ڪرڻ ۽ قومي ذميواري آهي.

آيتن جا حوالا

سورت اعراف، آيت ۳۴٫

سورت اسراءَ، آيت۱٫

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*