۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » تاريخ » تجزيا ۽ خبرون
  • آءِ ڊي : 1766
  • 18 جنوري 2021 - 19:44
  • 52 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري
سامراج جو مقابلو اسلام سان (هاليوڊ ذريعي) (قسط چوٿين)

سامراج جو مقابلو اسلام سان (هاليوڊ ذريعي) (قسط چوٿين)

ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري ڀاڱو ٻيون ايران جو انقلابي اسلام ۽ دنيا مٿان ان جا اثر: رنسانس واري دور کانپوءِ دنيا اندر هڪ ٻيو وڏو اهم تاريخي موڙ آيو هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن ماڻهو هڪ خشڪ ۽ عادي زندگي جا ڏينهن گذاري رهيا هئا ۽ دين […]

ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري

سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري

ڀاڱو ٻيون

ايران جو انقلابي اسلام ۽ دنيا مٿان ان جا اثر:

رنسانس واري دور کانپوءِ دنيا اندر هڪ ٻيو وڏو اهم تاريخي موڙ آيو هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن ماڻهو هڪ خشڪ ۽ عادي زندگي جا ڏينهن گذاري رهيا هئا ۽ دين نانءُ جي ڪاء شيء ماڻهن ۾ نه پئي ڏٺي وئي ۽ جيڪي نهايت ئي ديندار هئا فقط اهي ئي دين کي هڪ سٺي شيء سان تشبيھ ڏئي رهيا هئا ته اچانڪ ايران جي سرزمين تي هڪ اهم حادثو پيش آيو ۽ اهو هيو هڪ عالم دين جي سربراهي ۾ جنهن خدا تي توڪل ڪندي ۽ ماڻهن جي مدد سان جيڪي فقط ۽ فقط ان سان دين جي نانءُ تي ڪٺا ٿيا هيا هڪ موروثي ڊڪٽيٽر کي تخت تان لاهي ڦٽو ڪيو ۽ سندس جاء تي هڪ جمهوري ۽ اسلامي حڪومت جو بنياد رکيائين، ۽ اچرج جوڳي ڳالهه ته اها آهي جو اڃا هن انقلاب پنهنجا پير ئي نه کوڙيا هئا ته ان مٿان ظالمن پاران جنگ مڙهي وئي ۽ ڊگهي عرصي تائين هن ملڪ جي ديندار جوانن دشمنن جي بيشمار جنگي طاقت اڳيان فولاد جي ديوار بڻجي پنهنجي دين ۽ ملڪ جو زبردست دفاع ڪيو ايتري تائين جو دشمن آخر ڪار شڪست تسليم ڪئي. المختصر هن انقلاب آمريڪا ۽ انجي سامراجي حوارين لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ پيدا ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته انهن سامراجي طاقتن ڊگهي عرصي کان ميڊيا جي ذريعي اربين رپيا خرچ ڪري ماڻهن جي سوچن کي ان جاءِ تي پهچايو هيو ته دين نالي جي ڪا شيء هن دنيا ۾ موجود ناهي ۽ جيڪڏهن آهي به سهي ته هن دنيا ۾ ڪنهن ڪم جي نه آهي. ليڪن ايران جي اسلامي انقلاب انهن جي تمام محنت تي پاڻي هاري چڏيو ڇو جو ديندار ماڻهن عملي ميدان ۾ انهن تمام سامراجي طاقتن کي اٺن سالن جي ڊگهي جنگ دوران زبردست شڪست سان روبرو ڪيو ۽ هي آخري جملو فقط هڪ افسانو نه بلڪه حقيقت آهي ڇو ته جڏهن انقلاب ڪامياب ٿيو ته شاھ ملڪ جو خزانو خالي ڪري هتان ڀڄي ويو ۽ انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ ايران مٿان زبردست پابنديون وڌيون ويون ۽ جڏهن صدام ملعون جي سربراهي ۾ ايران مٿان جنگ مڙهي وئي ته تمام عالمي سپر طاقتون ايران جي خلاف صدام جي پٺڀرائي ڪري رهيو هيون.

هتي دنيا وارن لاءِ هڪ وڏو سوال اهو اڀري رهيو هو ته ايران وٽ اها ڪهڙي طاقت آهي جو هو بي ڌڙڪ آمريڪا جهڙي طاقت کي للڪاري رهيو آهي؟ ۽ اهو ئي موقعو هيو جو سامراجي پنڊٽن جا دنيا فتح ڪرڻ وارا خواب چڪنا چور ٿي ويا.

هڪ انگريز ليکڪ اسٽوران ام هاور لکي ٿو.

رنسانس جي زماني کان پوءِ يهوديت ۽ مسيحت دنياوي ثقافت ۾ هڪ بي اثر نظرئي وانگر موجود هيا، ليڪن ان جي مقابلي ۾ سيڪيولرزم گهرائي سان يورپ ۾ اثر انداز هئي. ليڪن ۱۹۷۹ع واري ايراني انقلاب کان پوءِ صورتحال بلڪل تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هن واقعي ڪيترن ئي تجربه شده سياسي، ثقافتي ۽ ميڊيائي ڪردارن کي لوڏائي ڇڏيو آهي.

ڇو ايراني انقلاب سامراج لاءِ خطري جي گهنٽي ثابت ٿيو؟

هي هڪ اهم سوال آهي ليڪن افسوس ته ان سوال تي ايترو غور نه ڪيو ويو آهي آخر اهو ڪهڙو سبب هيو جو سامراجي قوتون گڏجي ۽ شدت سان ايران جي مقابلي ۾ اچي ويون؟ ڇو انهن هڪ اهڙي ملڪ جي نئين انقلاب جي حمايت نه ڪئي جيڪو ملڪ اسٽريٽجڪ حوالي سان انهن جي فائدي ۾ هيو ۽ انقلاب کان پهريان اهي ئي قوتون ۽ طاقتون ان جون زبردست حامي ۽ دوست هيون؟ ڇو هاڻي تائين به هر محاذ تي ان انقلاب جي خلاف ڪم ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ وڏي بجيٽ ان ڪم لاءِ ڪتب آندي وڃي ٿي؟ ايتري قوت سان ان انقلاب جو جيڪڏهن مقابلو ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ سامراج جو ڪهڙو فائدو آهي؟

سامراج جا ايران سان دشمني ڪرڻ جا دليل

۱ ايران انقلاب کان پهريان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جو زيردست حامي هيو ليڪن انقلاب کان پوءِ ايران اسرائيل جو سڀ کان وڏو مخالف ٿي ويو.

۲ انقلاب کان پهريان هيومنزم نظرئي دنيا مٿان پنهنجا وڏا اثر وڌا هيا ۽ ان نظرئي جي بنياد دين کي بيڪار هجڻ ۽ کيس ردي جي ٽوڪري ۾ وجهڻ جهڙو نظريو بڻائي ڇڏيو هيو. ليڪن اسلامي انقلاب ان هيومنزم نظرئي کي باطل قرار ڏيندي دين جي آفاقي نظرئي کي دنيا اڳيان اجاگر ڪيو.

۳ دين کي اهڙي نموني معرفي ڪيو جو اولهئين سيڪولر نظرئي جا بنياد لڏڻ لڳا.

۴ ايراني قوم اها واحد قوم هئي جنهن فقط دين جي سهاري هٿين خالي وڏين قوتن سان مهاڏو اٽڪايو.

  1. اسلامي انقلاب جو دنيا جي مظلوم ۽ محروم قومن لاءِ مشعل راه بڻجڻ.
  2. سامراج دنيا جي ڪافي ملڪن جي حڪومتن ۾ سرايت ڪئي. اسلامي انقلاب باعث ٿيو ته ٻيا ملڪ ۽ قومون به پنهنجي اندر لڪيل سامراج کي سڃاڻي سگهن.

تصوير جو نئون رخ:

ايران جو اسلامي انقلاب اندروني ۽ بيروني سازشن کي ناڪام بڻائيندي اڃا تائين قائم ۽ دائم آهي ۽ ڀرپور طاقت سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

سامراج انقلاب جي ان شروعاتي ڏينهن ۾ اٺ سال زبردستي جنگ وڙهڻ کان پوءِ به انقلاب کي ڪمزور ته نه ويتر طاقتور بڻائي ڇڏيو ۽ ايران جي قوت ارادي ۾ اضافو ٿي ويو. ليڪن ڇا سامراج شڪست کائڻ کان پوءِ چپ ڪري ويٺو يا هڪ ٻئي رخ سان محاذ تي لٿو.

دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ دشمن جي سڃاڻ انتهائي اهم ۽ جنگي ٽيڪنڪ آهي ان ڪري دشمن يعني سامراجي طاقتن اسلام سان مقابلي لاءِ اسلام کي سڃاڻڻ شروع ڪيو.

اسلام ٻن وڏن ٽولن ۾ ورهايل آهي

اهل سنت ۽ شيعه.

اسان برادران اهل سنت جي دل آزاري کي روڪڻ لاءِ اهل سنت تي بحث ڪونه ڪنداسين.

شيعه مذهب. هي اهو ئي مذهب آهي جنهن جا پيروڪار ايران ۾ رهڻ وارا اڪثر مسلمان آهن ۽ انهن ئي تاريخ ۾ پهريو دفعو سامراج لاءِ هڪ وڏي مشڪل پيدا ڪئي.

۱۹۸۶ع ۾ اسرائيل ۾ شيعه شناسي لاءِ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ واشنگٽن جي هپڪينز يونيورسٽي جي هڪ ماهر استاد مسٽر فرانس فوڪوياما خطاب ڪيو ۽ مخاطبين کي شيعت جي باري ۾ تمام قيمتي مطالب ٻڌايا. ويهن پنجويهن سالن ۾ اسان ڏسي رهيا آهيون ۽ تجربي سان به اها ڳالھ ثابت آهي ته هن تقرير آمريڪا جي مستقبل جي سياست ۾ مرڪزي قردار ادا ڪيو آهي.

هن تقرير ۾ فوڪوياما شيعه کي هڪ پکي سان تشبيھ ڏني آهي جنهن جا ٻه پر آهن جنهن جو هڪڙو پر امام زمانه عج جي ظهور جو انتظار آهي ۽ جيڪو ان کي مستقبل ۾ جيئڻ جي اميد ڏئي ٿو ۽ ان جو ٻيو پر جهاد ۽ شهادت جي آرزو آهي جيڪا ان کي ظلم جي مقابلي ۾ استقامت جو سبق ڏئي ٿي. ۽ انهن ٻن پرن کان علاوھ به شيعه وٽ هڪ ٽيون رخ آهي اهو آهي شيعت ۾ اجتهاد ۽ مجتهدن جو وجود. فوڪوياما شيعت جي انهن ٽن رخن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنج طريقا بيان ڪيا آهن.

۱ــ شيعت جو چنڊ

فوڪوياما چوي ٿو اسان وچ اوڀر ۾ شيعت جو چنڊ نما نقشو آرام سان مشاهدو ڪري سگهون ٿا جنهن جو ڇيڙو سوريا (شام) کان شروع ٿئي ٿو ۽ عراق، عربستان کان گذري ٿو، ۽ هڪ ڪمان نما اهو سلسلو جنهن جي تير اڇلائڻ جي ڏور قنڌار (افغانستان) منجھ آهي ۽ ان جو نشانو (target) قدس يعني قلب اسرائيل آهي ۽ اسان هڪ اهڙي تير ڪمان جي مقابلي ۾ آهيون يعني قدس کان قندار تائين شيعت جو هڪ اسٽريٽجڪ( strategic) علائقو آهي ۽ ان ئي ڪانفرنس ۾ اهو چيائين ته جيڪڏهن آمريڪا ان علائقي يعني افغانستان تي قبضو ڪري ته ڄڻ شيعت جي ڪمان جي چلي تي قبضو ڪيائين ۽ ان ذريعي اسرائيل کي برباد ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ان گفتگو جو نتيجو اهيو نڪتو جو آمريڪا ۱۱ سيپٽمبر جي واقعات کان پوءِ ميڊيا جي ذريعي بهانا بڻائي ۽ راھ هموار ڪري افغانستان تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو ۽ اسان بلڪل سهڻي نموني ڏسي سگهون ٿا ته ايران جيڪو شيعت جو مرڪز آهي ان جي بارڊر کي آمريڪا وڪوڙي ويو آهي جيئن افغانستان، پاڪستان، آذربائيجان، ارسينا وغيرھ ۽ اهڙي ريت عراق تي به تسلط برقرار ڪري آمريڪا حقيقت ۾ شيعت کي محصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

  1. شيعت جي روح کي ڪمزور ڪرڻ. يعني شيعن منجهان شهادت واري جذبي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش، آسائش، دنيا طلبي ۽ ٻين وسيلن سان شيعت منجهان شهادت جي شوق جو جذبو ختم ڪرڻ ۽ جڏهن شهادت جو جذبو ختم ٿي ويندو ته اها قوم آهسته آهسته هڪ ثقافتي موت جي طرف گامزن ٿيندي ۽ نتيجي ۾ پاڻهي نابود ٿي ويندي.
  2. ماڻهن کي علماء ۽ مجتهدين کان بدبين ڪرڻ.

جيئن ته پهريان ذڪر ڪري آيا آهيون ته وڏي مطالعي کان پوءِ سامراج ان نتيجي تي پهتو ته شيعت جي ڍال انهن ۾ جامع الشرائط مجتهدن جو موجود هجڻ آهي جيڪي هوشياري سان انهن (قوم) کي دشمن جي مڪر ۽ فريب کان بچايون اچن ٿا. تنهن ڪري ماڻهن جي درميان انهن هستين کي نفرت انگيز انداز ۾ پيش ڪيو وڃي جڏهن ماڻهو مجتهدن ۽ عالمن کان پاسيرا ٿيندا ته نتيجي ۾ اهي آساني سان سامراج جي هٿ جا رانديڪا ٿي پوندا ۽ جيڏانهن سامراج چاهيندو اهي اوڏانهن حرڪت ڪرڻ شروع ڪندا.

  1. شيعت کي فرقن ۾ تقسيم ڪرڻ. (معذرت سان ان ٽاپڪ تي لکڻ کان عذر خواهي ڪيان ٿو از طرف مترجم)
  2. ميڊيا بهترين ذريعو آهي ملت ۽ قوم کي غفلت جي ننڊ سمهارڻ جو.

ميڊيا ذهنن کي فتح ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.

جيئن ۱۱/۹ وارن واقعن کان پوءِ ميڊيا تي دهشتگردن خلاف آپريشن لاءِ ذهن فتح ڪيا ويا.

 ذهنن کي اهڙين شين ۾ مشغول ڪرڻ جيئن اهي ٻئي پاسي سوچي به نه سگهن مثال طور فلم ۲۰۱۲ جنهن ۾ دنيا کي ختم ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. يعني هاڻي ۲۰۱۲ ڪڏهن جو گذري ويو ليڪن ان وقت ذهن مشغول هيا ان طرف ته ۲۰۱۲ ۾ دنيا ختم ٿي ويندي پر هڪ خاص ترم( term) لاءِ ذهنن وٽ ٻيو ڪجھ سوچڻ لاءِ وقت ڪونه هيو.

 سرگرمي ۽ بي حيائي: هڪ تصديق شده رپورٽ مطابق آمريڪا دنيا ۾ xxx فلمون ٺاهڻ ۾ پهرئين نمبر تي آهي يعني دنيا ۾ جيتريون به سيڪسي فلمون ٺهن ٿيون انهن مان ۸۹ سيڪڙو فقط ۽ فقط آمريڪا ۾ ٺهن ٿيون، يعني هڪ سروي مطابق هر ۳۰ منٽن ۾ آمريڪا ۾ هڪ خطرناڪ ۽ بي حيا ترين اگهاڙي فلم ٺهي ٿي ۽ هر سيڪنڊ ۾ ۳۰ هزار ماڻهو ان فلم کي ڏسڻ ۾ مشغول آهن، ۽ آمريڪا جي نيٽ استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن منجهان %۴۲ سيڪڙو ماڻهو اهڙيون فلمون ڏسڻ جا شوقين آهن ۽ هن ڪڌي عمل جي سالانه آمدني ۱۳ ارب ڊالر آهي. جيڪا ان عمل جي بانين جي جيب ۾ وڃي ٿي ۽ انهن تمام ڪمن جو مقصد ماڻهن کي ذهني غلام بڻائڻ آهي تاڪه هو ٻئي ڪنهن پاسي ڏانهن سوچي نه سگهن.

۽ اهڙي نموني سان ميڊيا ذريعي هراس ڦهلائڻ جيئن مثال طور پاڪستان ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ، ٻوڏ، بجلي جو بحران، گيس  ۽ تيل جو بحران تاڪه ماڻهو بنيادي مسائل کان نه نڪري سگهن.

جاري…….

اھم لفظ

ھن پوسٽ ۾ اھم لفظ شامل ناھي.

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*