۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » تاريخ » تجزيا ۽ خبرون
  • آءِ ڊي : 1762
  • 18 جنوري 2021 - 19:38
  • 9 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري
سامراج جو اسلام سان مقابلو ((هاليوڊ جي ذريعي))

سامراج جو اسلام سان مقابلو ((هاليوڊ جي ذريعي))

ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري  (قسط ٻئين) (ج) اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صنعت يهودين کي طاقتور بڻايو:  هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ڪهڙن ڪارڻن هٿ ۾ هٿ ڏنو جو يهودي جيڪي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ تڙيل قوم هئا، ان جاءِ تي پهچن جو هن مهل دنيا […]

ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري

سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري

 (قسط ٻئين)

(ج) اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صنعت يهودين کي طاقتور بڻايو:

 هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ڪهڙن ڪارڻن هٿ ۾ هٿ ڏنو جو يهودي جيڪي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ تڙيل قوم هئا، ان جاءِ تي پهچن جو هن مهل دنيا جو هستيون ۽ طاقتون انهن جي مقابلي ۾ ڪنڌ جھڪايل ۽ پاڻ کي انهن ڏانهن نسبت ڏيندي نظر اچن ٿيون.

مذهبي تحريڪون اسان کي اهيو ٻڌائين ٿيون ته رسانس (۱) کانپوءِ جيڪي اعتراض ۽ دين جي مخالفت ۾ جيڪي تحريڪون شروع ٿيون انهن مان هڪ سيڪولاريزم (۲) جي تحريڪ هئي جنهن جو هدف ماڻهن جي زندگيءَ کي دين جو مخالف ڪرڻ هيو يا وري هڪ ٻي تحريڪ جنهن جو نالو پروٽسٽانٽيزم (۳) جنهن جو هدف ماڻهن جي زندگيءَ کي هڪ اهڙي حال ۾ منتقل ڪرڻ هيو جو اهي هميشه جي لاءِ دين کان بدگمان هجن.

ٻئي طرف نام نهاد روشن فڪر ماڻهن، دين تي الزام هڻڻ جي اوڙهه ۾ جديد علم کي انسانيت جي ترقيءَ ۾ پيش قدم هجڻ جو ڪارڻ قرار پئي ڏنائون. ان تحريڪ جي اوگاسٽ ڪانٽ، مارڪس، ڊارون وغيره جهڙن دهرين (ماده پرست ماڻهن) اڳواڻي پئي ڪئي. اهي ماڻهون جيڪي ڪِليسا جي شهنشاهن جي غلامي نه پيا ڪرڻ چاهين ۽ ڪليسا ۾ موجود انجيل ۾ عقل کان عاري ڳالهين جو اعتراض جوڳو جواب نه پيا ٻڌڻ چاهين اهي ديني ماڻهن جي مدمقابل اچي ويا.

ان وچ ۾ دنيا طلب يهودين جو عقلمنديءَ سان ميدان ۾ اچي ڪري (سن ۱۴ صدي عيسويءَ کان ۱۶ صدي عيسويءَ تائين) پروٽسٽانٽيزم يهوديزم جيڪي مارٽين لوڌر (۴) جي ذريعي سان وجود ۾ آيا، مسيحيت ۾ وارد ٿي ويا ۽ پئسي وارن يهودين ۽ قدرت طلب مسيحي بادشاهن جي ذريعي ڪيٿولڪ جي خلاف قيام ڪيائون، پوءِ پروٽسٽانٽيزم جي اندر مان پيوريٽانيزم (۵) يهودي ڄاوا ۽ آنلگوساڪسن (۶) جي ثقافت جي برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ڦهلجڻ کانپوءِ اومانيسٽي (۷) تمدن وسعت پيدا ڪئي ۽ اومانيسٽيءَ جو نعرو هنيو، ليبرل ڊيموڪريسي.

پيوريٽانيزم جي يهوديت سان ايتري ته وابستگي هئي جو ٻين سڀني عقيدن کان اڳتي هلي وئي يعني ائين کڻي چئجي ته يهوديت، مسيحيت جي لباس ۾ هئي.

پيوريٽانيزم جو وجود ۾ اچڻ سبب ٿيو جو ماڻهن جي نظر يهودين جي لاءِ مٽجڻ شروع ٿي وئي ۽ يهودي احترام جي نظر سان ڏسجڻ لڳا ڇو ته اهي پيوريٽانيزم جي ٿئولاجي (۸) جي ذريعي توڙي جي زبان ۽ ڪلچر جا محافظ هئا ۽ اهو ضروري هيو ته عيسى مسيح عليه السلام جي زمين ته واپسي کان پهريان اهي يعني موسى عليه السلام زمين تي واپس اچين. پيوريٽانيزم فڪر جي برطانيائي مهاجرن جي ذريعي آمريڪا ۾ تبليغ ٿي ۽ ان جي ئي ڪري پهرين پيورٽاني تحريڪ يونائيٽيڊ اسٽيٽ جي رياست ماساچوسٽ (۹) ۾ سن ۱۷ صدي عيسويءَ ۾ شڪل ۾ آئي.

دائرة المعارف برطانيڪن، آمريڪا جي پيورٽانين جي باري ۾ هن نموني لکيو آهي: يورپ جي ڪلونزانسين جي تاريخ ۾ ڪنهن به پيورٽاني تحريڪ ماساچوسٽ جي پيورٽاني تحريڪ وانگر پئسي وارا نه ٿي سگهيا آهن ۽ انهن پيورٽانين جو هدف آمريڪا جي وسيع مملڪت تي هڪ نئين سياسي صهيوني رياست ۽ حڪومت جو وجود ۾ آڻڻ هيو. پيورٽانينزم جو آمريڪا جي جان ۾ جان پوڻ ۾ بغير ڪنهن شڪ جي هڪ وڏو ڪردار آهي. پيوريٽاني قديم ثقافت تي ايترو ته گهرو ايمان رکندا هئا جو آمريڪا جي لاءِ نيو انگلينڊ جي بجاءِ نيو اسرائيل نالو رکڻ لاءِ تيار هئا، ان جي ڪري پيوريٽنيزم آمريڪا جي جان ۾ جان وجھڻ سان گڏوگڏ آمريڪا ۾ يهودي ثقافت جي اجراء، سياست، اجتماع ۽ هر شعبي ۾ پنهنجو اثر رسوخ ڄمائڻ جي ڪوشش ڪيائون ان ۾ جوڳا نتيجا به کين نصيب ٿيا ۽ ان ڪم کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ انهن هر وسيلي جھڙوڪ عيسائي پادرين، مبلغن ۽ نون نون ٽيڪنالاجين جيئن ميڊيا وغيره کان ڪم ورتو ته جيئن آمريڪا کي مڪمل طور تي پنهنجي عقيدي جي اثر ۾ آڻين ان ڪري ئي آمريڪا جي عيسائيت عهد قديم تي گھڻو اعتقاد رکي ٿي. (۱۰) ۽ آمريڪا جو اسرائيل جي شديد حمايت ڪرڻ انهن منجهان هڪ ڪڙي آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جو مذهبي عقيدي ۽ هڪ هجڻ به قابل فراموش نه آهي. آمريڪا ۾ اهي ماڻهون جيڪي پيوريٽانيزم تي گھڻو اعتقاد نٿا رکن، انهن جو آمريڪا ۾ ڪو خاص مقام نه آهي ۽ اصلي ڪردار پيوريٽانين جو آهي. جڏهن يهودين جي غربت جو اوج هيو ان وقت کي اهي عذابِ الاهيءَ جي نالي سان ياد ڪندا هئا. ان وقت اهي يوم السبت (۱۱) جي ڏينهن کي انتهائي جوش ۽ خروش سان ملهائيندا هئا ۽ چوندا آهن ته اهي اسان نه هياسين جن يوم السبت کي بچايو بلڪه اهو يوم السبت هيو جنهن يهودين جي حفاطت ڪئي ۽ ان جاءِ تي اسان اگر اهو چئون ته جيڪڏهن يهودي ان گذريل جملي جي جاءِ تي اهو چئون ته اها سينيما جي صنعت هئي جنهن يهودين ۾ نئون روح ڦوڪيو ته غلط نه ٿيندو.

(د) يهودين جو آمريڪا ۽ يورپ جي ميڊيا تي تسلط:

سال ۱۹۸۳ عيسويءَ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون ۵۰ ايجنسيون جيڪي آمريڪا ۾ ڪم ڪنديون هيون ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجو اثر رسوخ رکنديون هيون، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا جي رهاڪن جي ثقافت جو سڄو اختيار انهن جي هٿن ۾ هيو. ۲۰۰۳ عيسويءَ ۾ اهي پنجاهه جون پنجاهه ايجنسيون جن دنيا کي مُٺ ۾ بند ڪري رکيو هيو پنج صهيونيست يهودين، رچرڊ پارسن، مائيڪل آئسنر، سام نرسٽن، ري هارڊموهن ۽ رابرت مورداڪ جيڪو ٻين کان وڌيڪ ڏاڍ مڙس هيو، جي اختيار ۾ اچي ويون، البته ٻيون ڪمپنيون جيئن Dream woks ۽ SKG  جيڪي ٽن معروف يهودين ڊيوڊجيفن، جيفري ڪاٽزنبرگ ۽ اٽيون اسپيلبرگ جي اختيار ۾ آهن ۽ جلدي انهن مٿين پنجن سان ملي وينديون.

توهان حال حاصر ۾ ڪنهن به ٽي وي چئنل جيئن بي بي سي، اي بي سي، اين بي سي، سي بي سي، فيڪس نيوز وغيره يا فلم ٺاهڻ جي اندسٽري يا موسيقي جي پروڊڪشن ڳولهي نه سگهندئو جنهن ۾ يهودين جو سڌو يا اڻ سڌو ڪردار نه هجي. الگزيندر سولزنيٽسن (۱۲) ان ناري ۾ لکي ٿو: گھڻن سالن کانپوءِ  ڪجھ ميگزينن جو مطالعو ڪيم جنهن ۾ يهودي پنهنجي فلم اندسٽريءَ جي صنعت تي قابض هجڻ تي فخر ۽ مباهات ڪندا آهن. آءُ پاڻ ان معاملي تي خود يهودين جي لکيل ڪتاب ”هڪ سلطنت“ جنهن جو ليکڪ هڪ نيل گابلر يهودي آهي. ان ۾ يهودين جو فلمي دنيا ۾ اچڻ تي قبضو ڄمائڻ تفصيل ۽ تحليل سان بيان ٿيل آهي.

بن اسٽائن جيڪو هاليوڊ ۾ فلم ڪهاڻيڪار آهي ۽ ان جي پيءُ هاربرٽ اسٽائن جيڪو سابق آمريڪي صدر رچرڊ نيڪسن جو اقتصادي صلاحڪار هيو، هڪ ڪتاب ۾ واضح طور تي لکيو آهي ته هاليوڊ جا اڪثر اداڪار، اداڪارائون ۽ ڊائريڪٽر وغيره يهودي آهن ۽ مسيحيت جا شديد مخالف آهن ۽ عهد قديم جا ڪٽر حامي. ان اهڙي ئي نموني ۱۹۹۷ عيسويءَ ۾ هڪ آرٽيڪل ڪالم لکيو جنهن جو موضوع هيو ”ڇا يهودي ميڊيا تي قابض آهن؟“ ها ائين ئي آهي ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ستر (۷۰) جي ڏهائيءَ ڊاڪٽر وليم پيرس، نيشنل ون گارڊ رسالي جو ڊائريڪٽر، يهودين جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تسلط جي باري ۾ تحقيق ڪري ٿو ۽ آخرڪار ان کي هڪ آرٽيڪل ”ڪير آمريڪا تي حڪومت ڪري ٿو؟“ جي عنوان سان شايع ڪري ٿو. هو پنهنجي تحقيق ۾ ڪافي دليلن ۽ گواهين سان اهو ثابت ڪري ٿو ته هڪ اقليت جيڪا متحد آهي مذهبي ڪٽرپڻ سان اڪثريت تي غالب اچي وئي آهي. اهي عرب نه آهن. آئرلينڊ جا نه آهن جرمن جا ناهن، فرينچ ناهن، برطانيائي ناهن، ۽ نه ئي روسي آهن اهي نه مسلمان آهن نه مسيحي، نه ئي هندو ۽ بودائي بلڪه اهي تعصب پرست صهيونيست آهن جيڪي اهڙا عجيب غريب ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي نتيجو اهو نڪري ٿو ته اوهان سوال ڪري سگهو ٿا ته اگر هاليوڊ فلم انڊسٽري ۾ صرف ۽ صرف يهودي آهن ته پوءِ اسان کوڙ اهڙن اداڪارن وغيره کي سڃاڻون ٿا جيڪي عيسائي آهن ته ان لاءِ آءُ اهو عرض ڪندس ته اڪثريت چوڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته اهي يهودي ان فلم اندسٽري ۾ ڌڙ ۾ سر جو ڪردار رکن ٿا ۽ ٻين جو ان ۾ ڪردار صرف فالتو عضون جھڙو آهي. هاڻي هتي اصلي نڪتو هي آهي ڪا به قوم يهودين وانگر دنيا ۾ مطلب پرست نه آهي ۽ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو دنيا جو ايترو اختيار هٿ ۾ رکڻ جي باوجود هو ان انڊسٽريز منجھان پنهنجن مقصدن لاءِ ڪم نه ڪن؟

(هه) فلم جي ذريعي ماڻهن جي سوچ تبديل ڪرڻ:

 فلم انڊسٽريز جي مالڪن وڏين آمدنين ڪمائڻ کانپوءِ وڏين وڏين ڪانفرنسن ۽ ڪارنيوال برپاء ڪرڻ وقت جنهن ۾ معروف اداڪارائن ۽ اداڪارن جن جا چاهيندڙ تمام گھڻا هئا، ان نتيجي تي پهتا ته اهي موضوع جيڪي ماڻهن ۾ ڪالهه تائين اڻ وڻندڙ هئا يا انهن کي خاص اهميت نه هئي اهي اڄ ماڻهن ۾ انتهائي ولولي سان پسند ڪيا وڃن. انهن فلم جي انساني ثقافت تي اثرائتي هجڻ تي تحقيق ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتا ته ماڻهون ڪپڙن پائڻ، هار سينگار ڪرڻ، ڳالهائڻ ۽ ايتري تائين جو هلڻ گھمڻ ۾ اداڪارن جي تقليد ڪندا آهن.

ان عجيب تاثير، فلم اندسٽريز جي مالڪن کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو جو اهي ان تاثير گزار وسيلي جي ذريعي ماڻهن جي فڪرن ۽ سوچن کي تبديل ڪرڻ جو سوچيو ۽ انهن اهو پهه ڪيو ته ٽڪنڊو جيڪو ڪالهه تائين يهودين جي لاءِ عيسائي معاشري ۾ هڪ نڀاڳو نشان هيو. ان کي تبديل ڪن ۽ انهن ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ان جو فائدو ورتو ۽ فلم، ٽيليويزن، ڊراما سيريلن ۽ ميڊيا جي ذريعي ان تبليغ جو آعاز ڪيو ۽ هڪ نئين ٽڪنڊي جي سڃاڻپ ڪرائڻ شروع ڪيائون ۽ ان جا هي نوان ٽي رخ قرار ڏنائون. نازيسم (۱۳)، (هٽلر جرمنيءَ جو ڳواڻ) فاشيزم(۱۴)، (موسيليني اٽلي جو اڳواڻ) ۽ شيطان ابليس ۽ وچ ۾ انهن تمام فلمن ۾ شيطان ۽ شيطان جي حامين کي انهن ٽن رخن ۾ آڻڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهون هٽلر ۽ ان جي حامين جي سچين ۽ ڪوڙين شرارتن ۾ ايترا ته مشغول ٿي ويا جو انهن يهودين تي لعنت ڪرڻ کي بلڪل وساري ڇڏيو ۽ هن دوران انهن جي نفرت ۽ لعنت فقط مازيسم ۽ فاشيزم سان هئي.

ان دوران فلمون جيئن هٽلر کي قتل ڪرڻ جا ٻائيتاليهه رستا، وڏو ڊڪٽيٽر جيڪي چارلي چپلين ٺاهيون، منظر عام تي آيون. انهن فلمن ۾ يهودين کي هڪ مظلوم جي عنوان سان ڏيکاريو ويو آهي ۽ هٽلر جيڪو انهن تي ظلم جي انتها ڪري ٿو ۽ انهن ڪمرن کي ڏيکاريو وڃي ٿو جنهن ۾ يهودي کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو وغيره. انهن فلمن آمريڪي ۽ يورپي معاشري تي ايترو ته گھرو اثر ڇڏيو جو نئين نسل اصطلاحن مظلومن جي حامي ٿي وئي. ميديا،هٽلر ۽ ان جي حامين خلاف اهم ڪم ڪيو جو ان معاشري ۾ هٽلر شيطان جي علامت ۽ ان جا مخالف مقدس ڪوٺجڻ لڳا ۽ پروپيگنڊا هڪ وڏو هٿيار استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ٽڪنڊي جو مرحلو هٽلر جي خلاف ايسيتائين جاري رهيو جو ٻه قطب يعني روس ۽ آمريڪا جي پاڻ ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي ۽ آمريڪا، هڪ نئين ٽڪنڊي جي جيڪو شر جي علامت آهي، سڃاڻپ ڪرائڻ شروع ڪئي ۽ ان دوران چين به سرد جنگ ۾ شرڪت ڪئي.

جواد شمقدري لکي ٿو: سرد جنگ جي دوران جيڪا ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ شروع ٿي ان وقت بدبختيءَ جي علامت ٽڪنڊي ۾ ٻه ڪردار هٽلر ۽ فاشيزم هئا ۽ پوءِ وري هٽلر ۽ ان جي حامين کي ٽڪنڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ جڳهه ڏئي ڪري هڪ نئين ڪردار کي جيڪو روس هيو، اضافو ڪيو ۽ انهن جون اڪثر فلمون انهن اثرن سان ڀريل آهن ۽ انهن ۾ جرمني، اٽلي ۽ روس جي حڪومت کي شيطانيت جو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي. ليڪن ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ انهن پنجاهه سالن جي دوران جيڪو به آمريڪا جي مخالفت ۾ هيو اهو شيطاني محور ڪوٺجڻ لڳو جن ۾ چين، مسامان ملڪ، آفريقائي ايتري تائين جو آمريڪا ۾ رهندڙ انقلابي ۽ لاتين (۱۵) آمريڪين جي خلاف به فلمون ٺاهيون ويون ۽ وري جڏهن اهو دور گذريو ته هاڻي روس، چين ۽ شيطان بدبختيءَ جي علامت ڪوٺجڻ لڳا ۽ معروف فلمن جيئن ”مامور ۰۰۷“ يا جيمز باند انهن تبليعات منجهان هڪ آهن. فلم ”راڪي ۲“ ۾ طاقت جا ٻه نشان آمريڪا ۽ وس هڪ باڪسنگ جي راند ۾ هڪٻئي جي مقابلي ۾ اچن ٿا ۽ آخرڪار هارائيندڙ روس ٿي وڃي ٿو. هاڻي هن زماني ۾ عيسائي معاشري ۾ يهودي شيطان جا حامي نه آهن ۽ اهو ئي سرد جنگ جو ڪمال آهي، آهسته ليڪن هميشه هڪ سوچيل سمجھيل رٿابنديءَ جي ذريعي مقصد تائين پهچڻ.

جاري آهي

توضيحات:

(۱) Renaissance رنوسانس: هڪ ثقافتي انقلاب يا ٻين لفظن ۾ هڪ علمي انقلاب جيڪو سن ۱۳۰۰ عيسوي ۾ شروع ٿيو.

(۲) Secularism سيڪيولرزم: يعني زندگيءَ جي عمومي امور ۾ دين جي عدم مداخلت.

(۳)Protestantism  پروٽسٽانٽيزم عيسائيت جي هڪ شاخ آهي جنهن جو هميشه اهو اصول آهي ته هر شيءِ تي اعتراض ڪري. پروٽسٽان هن وقت گهڻو ڪري اتر يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن.

(۴)  Martin Loader ماٽين لوڌر ۱۰ نومبر ۱۴۸۳ ۾ جرمنيءَ ۾ ڄائو. هڪ روشن فڪر پادري ۽ انجيل کي جرمني زبان ۾ترجمو ڪرڻ وارو ۽ پروٽسٽان تحريڪ جو اڳواڻ هيو.

(۵) پيوريٽانيزم: هي اهو ٽولي هيو جيڪو انجيل کي دنياوي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ سمجھندو هيو (۽ حقيقت به اها آهي ته انجيل جيڪو هاڻي واري زماني ۾ آهي ان ۾ تحريف ٿيل عجيب ۽ غريب ڳالهيون آهن جيڪي عقل تسليم نٿو ڪري.

(۶) Anglo-Saxons آنگلو ساڪسن: هيءَ هڪ قوم آهي جنهن جي مادري زبان انگريزي آهي ۽ هن وقت انهن جي اڪثريت انگلينڊ ۾ آهي. هيءَ هڪ مرموز ۽ ڏکي قوم آهي انهن کي سڃاڻڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي، انهن جو نظريو آهي ته سڄي جهان ۾ هڪ حڪومت هجي ۽ هي ان جا مالڪ هجن.

(۷) Humanism اومانيزم يا اومانيسٽي: هڪ نظريو آهي جنهن جي معنى هيءَ آهي ته تمام جهان ماده ۽ انرجي منجھان ٺاهيو ويو آهي ۽ ماوراء طبيعت يعني اهي شيون جيڪي حس نه ڪري سگھجن، انهن جو وجود نه آهي.

(۸) Theology ٿئولاجي: مذهب، عقيدو، منطق، عقلي علم.

(۹) Massachusetts ماساچوسٽس: آمريڪا جي هڪ اوڀرين رياست آهي جنهن جي گاديءَ جو هنڌ Boston بوسٽن آهي جنهن جي رسمي ويب سائيٽ هيءَ آهي www.mas.org

(۱۰) عهد قديم ۽ عهدجديد ٻه اصطلاحون آهن جيڪي يهودين ۽ عيسائين ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. عهد قديم يعني حضرت موسى ع جو زمانو يا توريت ۽ عهد جديد يعني حضرت عيسى ع جو زمانو يا انجيل ۽ يهودي فقط عهد قديم تي ايمان رکن ٿا ۽ عيسائي عهد قديم ۽ عهد جديد ٻنهي تي ايمان رکن ٿا.

(۱۱) Saturday يوم السبت: ڇنڇر جو ڏينهن يهودين ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي ان جو تاريخي راز آهي جنهن جو ذڪر قرآن ۾ آهي جنهن کي هتي ذڪر ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون.

(۱۲) Alexander Svlzntsn االيگزينڊر سولزنسٽن: هڪ مشهور روسي ليکڪ هيو جيڪو ۱۸ ڊسمبر ۱۹۱۸ عيسوي ۾ ڄائو ۽ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ هيو. ۱۹۷۰ عيسوي ۾ جوزف اسٽالين جي گناهن تان پردو هٽائڻ جي الزام ۾ ۲۰ سال ملڪ نيڪالي واري زندگي گذاريائين ۽ جوزف اسٽالين روسي ڪميونسٽ تحريڪ جو سربراهه هيو.

(۱۳) National Socialism نيشنل سوشلزم: هي هڪ نظريو آهي جيڪو نازي ٽولي تي اطلاق ٿئي ٿو جن جو اڳواڻ هٽلر آهي هي ڪٽر قوم پرست نظرئي جا مالڪ آهن ۽ يهوديت کي پنهنجو پهريون نمبر دشمن سمجھندا آهن.

(۱۴) فاشيم يا فاشيزم به هڪ سياسي نظريو ۽ آئڊيولوجي آهي جنهن جو مقصد سرمائيداري نظام جو معاشري تي حڪم هجڻ آهي.

(۱۵) لاتين آمريڪا: يعني ڏکن آمريڪا جنهن ۾ برازيل ۽ ارجنٽائن وغيره شامل آهن.

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*