۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » تاريخ » تجزيا ۽ خبرون
  • آءِ ڊي : 1760
  • 18 جنوري 2021 - 19:35
  • 7 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري
سامراج جو اسلام سان مقابلو (هاليوڊ جي ذريعي)

سامراج جو اسلام سان مقابلو (هاليوڊ جي ذريعي)

ليکڪ: حجت الاسلام زڪريا خيري سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري (سينگار) (پهرين قسط) ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فلم ۽ ٽيليويزن انسان جي معمول جي زندگي تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيا آهن، ٽيليويزن گهر ۾ موجود هجڻ ۽ اطلاعات جي ٻين ذريعن جيئن: اخبار، ڪتاب، سينيما ۽ انٽرنيٽ وغيره اطلاع […]

ليکڪ: حجت الاسلام زڪريا خيري

سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري (سينگار)

(پهرين قسط)

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فلم ۽ ٽيليويزن انسان جي معمول جي زندگي تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيا آهن، ٽيليويزن گهر ۾ موجود هجڻ ۽ اطلاعات جي ٻين ذريعن جيئن: اخبار، ڪتاب، سينيما ۽ انٽرنيٽ وغيره اطلاع پهچائڻ جي دنيا ۾ بيمثال ڪم ڪيو آهي. اليٽرانڪ ميڊيا جو ماڻهن جي زندگي تي سڌو يا اڻ سڌو اثر ايترو ته گهرو آهي جو جرئت سان ان تي جادو وارو اثر يا اهڙو ڪو ٻيو نالو رکي سگهجي ٿو.

هاڻي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهي اوزار ڪجهه نا اهل ۽ فاسد ماڻهن جي هٿ لڳي وڃن ته معاشري مٿان ڪهڙي وبا ۽ بلا نازل ٿيندي اهو ته خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو؟

يا ان جي ابتڙ اگر اهي ئي وسيلا معاشري جي صالح ۽ انسان دوست ماڻهن جي هٿن ۾ هجن ته انساني معاشري جي سعادت ۾ ڪيترو مددگار ثابت ٿيندا؟

رهبر معظم انقلاب سيد علي خامنه اي ره جن فرمائن ٿا: اگر اليٽرانڪ ميڊيا تي دين ۽ اخلاق جي حڪومت هجي ته انسان جي حالت بغير ڪنهن شڪ جي هاڻوڪي حالت کان ڪيئي دفعا بهتر ٿي ويندي ۽ ان صورت ۾ اليٽرانڪ ميڊيا انسانن جي سعادت ۾ اڳيان اڳيان هوندي.

ليڪن افسوس سان اهو چوڻو ٿو پئي ته هن وقت اليٽرانڪ ميڊيا جا تمام وسيلا سامراج جي هٿ ۾ آهن ۽ اهي انهن وسيلن جي ذريعي انسان جي نابودي لاءِ ڪوشان آهن. خاص طور تي يهوديت ۽ صهيونيزم جو اليٽرانڪ ميڊيا مٿان ڪنٽرول ڪارڻ ٿيو آهي جو اهي انهن اوزان جي ذريعي پنهنجي ماهرانه پرچار کي ڪتب آڻيندي انساني زندگي کي دين کان جدا ڪن ۽ سيڪليورزم طرف وٺي وڃن، سامراج انهن فڪرن سان دنيا جي پاڪ معاشرن کي بي دين بڻائڻ ۾ مشغول هيو جو ۱۹۷۹ ۾ وقت هڪ نئي قلابازي کاڌي ۽ ايران جي سرزمين تي اسلامي انقلاب  جي ذريعي سان اسلام ۾ هڪ نئين روح ڦوڪجي وئي ۽ سامراج جا تمام جا تمام خواب بغير تعبير جي رهجي ويا .

ان مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ جهان خوارن هڪ نئين تياري شروع ڪئي ۽ان لاءِ وڏو بجيٽ مختص ڪيو ويو.

اسان هن ڪالم ۾ ڪوشش ڪندا سين ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي سامراج جي اسلام خلاف جنگ جو مختصر جائزو وٺون ۽ اهو ڏسون ته ان جي پويان ڪهڙين طاقتن جا هٿ آهن.

حصو پهريون

اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ دنيا ۾ يهودين جي  حيثيت ۽ مقام

۱_ عيسائي معاشري ۾ يهودين جي حيثيت: وچين صدين ۾ مغربي معاشري ۾ جيڪو اڪثر يورپ تي مشتمل ۽ مسيحيت جو ڳڙهه هئو، هڪ ٽڪنڊو لعنت ۽ بدبختي جي علامت هئو ۽ ان ٽڪنڊي جا ٽي ۳ رخ هي هئا.

(۱) يهودي: حضرت عيسى جي قاتل جي حيثيت سان.

(۲) يهودي اسخريوطي: حضرت عيسى جو اهو خيانتڪار حواري جيڪو حضرت جي لڪل جڳهه جو اطلاع ڏيئي ڪري سندس قتل جو سبب بڻيو

(۳) شيطان: ابليس جيڪو انسان جو ازلي ۽ ابدي دشمن آهي.

ان سبب جي ڪري يهودي جيڪي تعداد ۾تمام گهٽ هئا، هميشه عيسائين جي لعنت جي زد ۾ هوندا هئا، ايتري تائين جو سرڪاري طور تي انهن لاءِ حڪومت جي طرفان هڪ لعنت وارو جملو تيار ڪيو ويو هيو ۽ کين گندي ڪوئي جي لقب سان نوازيو ويندو هيو ۽ عيسائين وٽ انهن کي گندو ڪوئو سڏڻ لاءِ ٽي ۳ دليل هئا.

۱_ يهودي حضرت موسى جا پيروڪار آهن ۽ انگريزي ۾ ڪوئي کي مائوس چيو ويندو آهي ۽ مائوس موسى سان لفظي هڪجهڙائي رکي ٿو.

۲_ گندن چوهن ۾ گهڻي نسل ڄڻڻ جو رواج آهي ۽ يهودي به پنهنجي ديني عقيدي مطابق، نسل وڌائڻ جا شوقين آهن.

۳_ ڪوئو هميشه لڪل زندگي گذاريندو آهي ۽ يهودي به هميشهه گمنامي واري زندگي گذاريندا هئا ۽ انهن ٽن دليلن جي ڪري عيسائي، يهودين کي گندو چوهو ڪوٺيندا هئا.

يهودي تعداد ۾ به تمام گهٽ هئا ۽ انهن حالتن ۾ انهن لاءِ پنهنجو دفاع به ناممڪن هيو ان ڪري ان بي عزتي واري حالت تي خاموش هئا ۽ انتهائي صبر سان زندگي پئي گذاريائون ۽ انهن حالتن کي عذاب الاهي سان تعبير پئي ڪيائون.

يهودين جو فلم سازي جي دنيا ۾ اچڻ ۽ هاليوڊ ٺهڻ جا سبب

يهودين جي اها توهين آميز حالت جديد دور ۾ داخل ٿيڻ تائين باقي رهي ۽ جڏهن سائنس هڪ نئين دنيا ۾ قدم رکيو ۽ انسان ڦوٽو کي چرڻ پرڻ واري حالت ۾ آڻڻ جو سوچي رهيو هئو ته ۱۹۸۵ عيسوي ۾ لومير ڀائرن هڪ مووي ٺاهي ۽ ماڻهو هڪ نئين دنيا يعني فلم ۾ داخل ٿيا.

فلم پنهنجي جذابيت ۽ وڻندڙ هجڻ جي ڪري معاشري ۾ وڏي جاءِ والاري ۽ ٽيليويزن جي ايجاد کان پوءِ ان جي هر گهر ۾ موجود هجڻ جي ڪري هر گهر تائين پهچي وئي ۽ هي صنعت دنيا جي وڏي صنعت ليکجڻ لڳي. ان دنيا ۾ پئسي وارن ماڻهن جو اچڻ سبب ٿيو جو اهي دولت ڪمائڻ جي لالچ ۾ ڪنهن به طريقي کان ڪو نه مڙن ۽ جلد ئي فلمي دنيا ۾ خيالات ۽ اگهاڙپ  sex داخل ٿي ويا ۽ يهودي انهن معاملن ۾ بي مثال تجربو رکندا هئا جنهن لاءِ ڪجهه دليل هيٺ ذڪر ڪريون ٿا.

(۱) معاشري ۾ انهن جو ٽئين نسل وارو هجڻ ۽ هن صنعت جو يهودين جي ذريعي ايجاد ٿيڻ سبب ٿيو ته اهي سيڪس کي ان دنيا ۾ آڻي ڪري پنهنجي سرمائيداري کي ڦهلائين.

ڪارٽرمن هن موضوع تي اظهار نظر ڪندي لکي ٿو: جڏهن يهودين پاڻ کي معاشري ۾ هڪ ڪريل فرد ڏٺو ته انهن اهڙي ڪم جي طرف رغبت پيدا ڪئي جنهن ۾ پاڻ جهڙي سوچ رکڻ وارن کي پاڻ سان گڏ ڪري دولت ڪمائي سگهن.

(۲) هو هن سيڪس واري صنعت ۾ ان ڪري آيا جو اها صنعت انهن لاءِ مناسب هئي، ڇو ته عيسائيت واري معاشري ۾ انهن لاءِ هڪ اهڙو ڪم جيڪو افضل قوم لاءِ باعث ننگ و عار هجي، ڪو به شبهو نه پيو رکي.

(۳) يهودين جي دين ۾ بي حيائي، بي شرمي ۽ اگهاڙپ ايترو ڪريل ڪم نه آهن جيترو ٻين دينن ۾ انهن جي ممانعت ٿيل آهي.

ڊاڪٽر ڪارٽرمن ان بابت لکي ٿو: اگهاڙيون ۽ پورنو فلمون هڪ اهڙي شي کي چاهين پيون جيڪا يهودين ۾ انتهائي گهڻي مقدار ۾ موجود هئي ۽ اها آهي بي حيائي ۽ بي شرمي.

اوهان جيڪڏهن ۱۹۷۰ ۽ ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي جي پورنو ۽ سيڪسي فلمن تي نظر ڪندا ته انهن ۾ اڪثر مرد اداڪارن يا خاتون اداڪارائن جو تعلق يهودين سان آهي.

پروفيسر ناٽن آبرمز جيڪو آمريڪي تاريخ جو ليڪچرار به آهي لکي ٿو: يهودين جو سيڪسي فلمن ۾ ٻن ٽولن ۾ وجود هيو، هڪ فلم ٺاهيندڙ ۽ ٻيا کپائيندڙ، جڏهن ته آمريڪا ۾ يهودين جي تعداد فقط ٻه فيصد آهي، ليڪن اهي پورنو جي دنيا جا انتهائي ماهر هئا.

۱۸۹۰ کان ۱۹۴۰ عيسوي تائين شهوت انگيز فلمن جي دنيا ۾ يهودين رڪارڊ ڪم ڪيو ۽ اهي يهودي جرمني کان هجرت ڪري آمريڪا آيا هئا.

پهرئين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ دوبي اسٽورمين جي نالي سان هڪ بدنام ترين ڊائريڪٽر هن دنيا ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ليڪن اهو به چوڻ کان نه رهجي ته اهي يهودي جيڪي هن دنيا ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، دين ۽ مذهب جا گهڻا پابند ڪو نه هئا ۽ هڪ سيڪيولر نظرئي تي اعتقاد رکڻ وار هيا، ليڪن حسب ۽ نسب جي لحاظ کان يهودي هيا.

فلم ۾ ماڻهن جي گهڻي دلچسپي سبب بڻي جو ڪيترا ئي فلمي اسٽوڊيو وجود ۾ آيا، ايتري تائين جو ۱۹۱۰ عيسوي کان پوءِ آمريڪي رياست لاس اينجلس جي اتر اولهه ۾ ڇهه ۶ اسٽوڊيو جن ۾ اڪثر يهودين سان تعلق رکن پيا، وجود ۾ آيا. جن جا نالا هي آهن. وارنر برادرز، ميٽرو گولڊن ماير، يونيورسل، پيرامائونٽ، ڪولمبيا ۽ فوڪس. جن ملي ڪري هاليووڊ فلم انڊسٽري کي تشڪيل ڏنو، جن مان صرف هڪڙي اسٽوڊيو جو مالڪ مسٽر ايلن لاڊ جونيور، عيسائي هيو باقي تمام جا تمام اسٽوڊيو يهودين جا هئا ۽ اڄڪلهه هاليوڊ جون اهم فلمون هنن ڇهن اسٽوڊيوز جي ذريعي ئي ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ نوي ۹۰ فيصد سرمائي گذاري يهودين طرفان ڪئي ويندي آهي.

فلم سازي جي صنعت يهودين کي طاقتور بڻايو

قرآن مجيد، دنيا پرستي جو لقب يهودين کي ڏنو آهي، گهڻن نبين جو هن قوم ڏانهن اچڻ ۽ بيدردي ۽ وحشتناڪ طريقي سان قتل ٿي وڃڻ ان قوم جي سنگدلي جو دليل آهي.

اها ڳالهه جيڪا اسان هتي ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا هي آهي ته ڪهڙا ڪارڻ ٿيا جو هڪ تڙيل قوم ايتري طاقتور ٿي وئي جو هن وقت دنيا جا اهم فيصلا انهن جي هٿ ۾ آهن.

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*