۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » تاريخ » تجزيا ۽ خبرون
  • آءِ ڊي : 1757
  • 18 جنوري 2021 - 19:32
  • 4 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري
سامراج جو اسلام سان مقابلو هاليوڊ جي ذريعي (آخري قسط)

سامراج جو اسلام سان مقابلو هاليوڊ جي ذريعي (آخري قسط)

سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري مهاڳ اسان پوين قسطن ۾ هاليوڊ جي ظهور جي باري ۾ تفصيلي ذڪر ڪري آيا آهيون. جنهن ۾ اسان اهيو به ذڪر ڪيوسين ته هاليوڊ يهوديت جي حاڪميت آهي جنهن کي پنهنجي مرضي سان سامراجي دماغ استعمال ڪندي دنيا کي مختلف شيطاني ٽڪنڊي […]

سنڌيڪار: حجة الاسلام مولانا محمد جواد عسڪري

ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري

مهاڳ

اسان پوين قسطن ۾ هاليوڊ جي ظهور جي باري ۾ تفصيلي ذڪر ڪري آيا آهيون. جنهن ۾ اسان اهيو به ذڪر ڪيوسين ته هاليوڊ يهوديت جي حاڪميت آهي جنهن کي پنهنجي مرضي سان سامراجي دماغ استعمال ڪندي دنيا کي مختلف شيطاني ٽڪنڊي جي آگاهي پئي ڏنائون ۽ ايتري تائين جو انقلاب اسلامي جو ايران جي سرزمين تي رونما ٿيڻ انهن جي تمام منصوبن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين ان لاءِ انهن هاڻي هڪ ٻيو شيطاني ٽڪنڊو دنيا ۾ فلم ذريعي معرفي ڪرائڻ شروع ڪيو جنهن جون ٽي ڪنڊون اسان هيٽ بيان ڪنداسين.

هاڻي سامراج جي اڳيان انقلاب اسلامي هڪ جديد دشمن جي صورت ۾  رونما ٿي چڪو هيو ۽ انهن پنهنجي ثقافت سازي نئي طريقي سان شروع ڪئي ۽ هاڻي هڪ نئون شيطاني ٽڪنڊون سڃاڻائڻ شروع ڪيو جنهن جون ٽي ڪنڊون ڪجھ هن ريت هيون روس، اسلام ۽ ابليس. جنهن ۾ ڪجھ ڊاڪومينٽري فلمون ٺاهيون ويون انهن ۾ معروف ۽ سڃاتل آهي. جنهن ۾ انهن اهيو تاثر ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ايران ۽ روس پاڻ ۾ اتحاد ڪري آمريڪا تي حملو ڪن ٿا ليڪن نتيجو آمريڪا جي فائدي ۾ وڃي ٿو ۽ ايران ۽ روس بري طرح ناڪام ٿين ٿا.

هاليوڊ ۾ غير عادي قوتن جو ظهور ۽ ان جا سبب

مهم ترين سبب جيڪي ڄاڻايا ويا آهن هن ريت آهن

۱: خيالي قوتن ڏيکارڻ سان فلمن ۾ هڪ قسم جي جذابيت اچي ٿي جيڪا فلمن جي بزنس مارڪيٽ ۽ سينما گهرن ۾ رونق جو سبب بڻجي ٿي.

۲: ڪنهن به ملڪ جي خيالي طاقت کي ڏيکارڻ ۽ ان جو دٻدٻو ڏيکارڻ لاءِ فلم بهترين ذريعو آهي ۽ فلمي دنيا ان ڪم ۾ هڪ خاص مهارت رکي ٿي. اگرچه سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته فلمن ۾ ڏيکاريل شي جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه آهي ليڪن ان شي کي جڏهن گهڻو دهرايو وڃي ته ماڻهن جي اها شي حقيقت جو روپ ڌاريندي آهي.

ان لاءِ بهترين مثال اهيو آهي جو فلمن ۾ ان شي جو تاثر ڏنو ٿو وڃي ته آمريڪي فوج بي مثال هٿيارن سان ليس آهي جهڙوڪ اڙن کٽولي جنهن کي علمي زبان ۾ اسپيس شپ چيو ويندو آهي يا ڪيترائي مختلف قسمن جا عجيب ۽ غريب ۽ خطرناڪ هٿيار ڏيکاري دنياوي ذهنن تي هڪ قسم جو غلبو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

۳: آمريڪا جو ڪو به ماضي ۾ ثقافت، تمدن ۽ ترقي ۾ ڪردار ناهي رهيو ۽ آمريڪا چاهي ٿو ته مستقبل ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري ان ڪري فلمي دنيا جي ذريعي هو مستقبل ۾ هڪ خيالي جنت، جيڪا فقط ۽ فقط آمريڪين لاءِ هجي، ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ ان لاءِ هن غير عادي قوتن جو فلمن ۾ سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان لاءِ اوهان ڪجھ هيٺين فلمن ۾ غور سان مٿي ڄاڻايل ڳالھ جي تصديق ڪري سگهو ٿا جهڙوڪ

 SPIDER MAN, BAT MAN, SUPER MAN, X MAN وغيرھ

اچو ته موضوع کي گڏ ڪري نتيجو ڪڍون

۱: اسرائيل ،،هلال شيعه،، جي ڪري خطري ۾ آهي.

۲: ان خطري جو مرڪزي ڪردار ايران جي هٿ ۾ آهي.

۳: مغرب جو اصلي دشمن اسلام آهي ۽ اهو حقيقي اسلام ناب شيعت ۾ لڪل آهي.

۴: اسرائيل نيل دريا کان وٺي فرات تائين وچ اوڀرين علائقن تي قبضي جو اميدوار آهي.

۽ ان خواب جي پوري ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ ايران آهي. جنهن هميشه اسرائيل دشمن قوتن جي حمايت ڪئي آهي.

ان سان گڏو گڏ مغربي قوتن لاءِ وڏو خطرو اهي ڏتڙيل مظلوم قومون آهن جن انقلاب اسلامي کي نمونه عمل بڻائي ظلم جو وڏيون ديوارون ڪرايون آهن.

غرب جي طاقت جي زور نه لڳڻ جا سبب

۱: ايران جي انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ جنگ ۽ فوجي حملي جو آپشن غرب، صدام جي ذريعي آزمايو. ليڪن خدائي ۽ الهي قوتن جي مدد سان اٺ ساله جنگ کان پوءِ به بدترين شڪست کاڌائين ۽ ٻيهر اهڙي غلطي ورجائڻ کان سخت خوفزده آهي.

۲: ايران جي عظيم رهبر امام خميني رضوان الله عليه ۽ هاڻي واري سپريم رهنما آيت الله خامنائي هميشه خارجه پاليسي ۾ انتهائي احتياط ڪيو آهي ۽ دشمن کي ڪڏهن به حملي جو موقعو به نه ڏنو آهي.

۳: ايران تي فوجي ڪاه جي صورت ۾ هڪ وڏي بجٽ درڪار ايندي آهي جنهن کي مهيا ڪرڻ هن بحراني حالتن ۾ ممڪن ناهي.

۴: انرجي جا اهم ۽ وڏا ردو بدل جا سامونڊي رستا ايران جي سامونڊي حدن کان لنگهن ٿا اگر ايران تي حملو ڪيو ويو ۽ ايران طرفان اهي رستا بند ڪرڻ يعني دنيا جي ڪارونهوار واري دل جي رڳن کي بند ڪرڻ جيان آهي.

۵: ايران جي مختلف ميدانن ۾ پابندين جي باوجود ترقي هن قوم کي اعتماد نفس ڏنو آهي. جيڪو غرب جي حملي جي صورت ۾ ٻرندڙ  جبل وانگر ڦاٽي سگهي ٿو وغيره.

انڪري سامراجي قوتن انقلاب اسلامي ۽ اسلام خلاف هڪ ٻيو محاذ کوليو آهي جيڪو هيٺ ذڪر ڪري رهيا آهيون:

۱: جنگ نرم: رهبر معظم انقلاب سيد علي خامنائي جنگ نرم جي باري ۾ ڪيترائي ئي دفعا پيڪچر ڏئي چڪا آهن ۽ ان جنگ کي ثقافتي جنگ سان شباهت ڏني اٿئون. يعني قومن جي ثقافت تي راتاهو هڻڻ، جيئن اسپين جي مسلمانن تي اتان جي عيسائين هنيو ۽ مسلمانن کي عظيم شڪست کائڻي پئي.

جنگ نرم ( ثقافتي يلغار) جا مقاصد

۱: اسلامي ۽ انقلابي سوچ کي ڪمزور ڪرڻ

۲: ماڻهن ۽ اسلامي عالمن ۽ حاڪمن جي درميان بدگماني پيدا ڪرڻ

۳: دين کي سياست کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ

۴: دنيا کي پيٽ پرستي ، قيامت ۽ موت فراموشي واري حالت ڏانهن وٺي وڃڻ جنهن جو نتيجو دنيا ۾ رزق ۽ برق ۾ گم ٿي وڃڻ آهي.

۵: ماڻهن ۾ غرب زدگي يعني مغرب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ. انجو نتيجو اهو آهي جو ماڻهو غرب طرف هجرت ڪرڻ جي آرزو رکن ٿا.

۶: ماڻهن جي دلن ۾ پرنٽ ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي شيعه خلاف نفرت ڦيلائڻ ۽ انقلاب اسلامي خلاف دلين ۾ شڪوڪ ۽ شبهات پيدا ڪرڻ.

۷: ماڻهن کي سامراج خلاف جنگ ۾ نا اميد ڪرڻ.

۸: ايران خلاف شيعن ۾ نفرت ڦيلائڻ ۽ گڏوگڏ شيعن ۾ اختلاف پيدا ڪري مجتهدن ۽ عالمن کان عوام کي جدا ڪرڻ.

ان تمام سازشن سان مقابلي جو دڳ

جيتوڻيڪ دشمن تمام طاقتور آهي ليڪن الهي قوتن تي اعتماد ڪندي اسان تمام دشمنن ۽ سامراجين سان ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ خصوصا سوشل ميڊيا تي جوانن تائين حقايق پهچايون. فلمي دنيا ۾ حقيقي اسلام ثقافت ، ريتن رسمن، تاريخ ، تمدن ۽ اسلامي تعليمات تي فلمون ٺاهي ماڻهن کي آماده ڪيون ته اهڙيون فلمون ڏسن ۽ الحمد لله اهڙيون فلمون ايران طرفان ٺاهيون وڃن ٿيون.

سالم ۽ وڻندڙ تفريحي چينلن جو قيام تاڪه ماڻهن لاءِ توهين ۽ بد تهذيبي کان پري اسلامي ٽيليويزن جو بندوبست ٿي سگهي.

مختلف علمي ۽ اپ ڊيٽڊ علمي آگاهي جون محفلون برپا ڪرڻ جنهن ۾ هاءِ اسڪول، ڪالج، يونيورسٽي ۽ عام پبلڪ به شامل هجن ۽ ماڻهن ۾ مختلف فورمن تي جنگ  نرم جي آگاهي ڏيڻ.

علماء ڪرام ۽ طلاب حضرات پنهنجي تبليغي دورن ۾ شيعت جي اصل اصولن تي ضروري بحث ڇيڙن ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏين.

ان کان علاوه ٻيا به طريقا آهن جن جي بيان ڪرڻ جي سگھ ڪونهي لهذا هر انسان هڪ ذميداري رکي ٿو گهٽ ۾ گهٽ ذميداري اها آهي ته پنهنجي گهرن کان شروع ڪري.

الله پاڪ کان دعا آهي ته اسان منجھ سڄاڳي پيدا ڪري آمين.

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*