۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » اسلام جون اهم شخصيات » تاريخ
  • آءِ ڊي : 1879
  • 26 جنوري 2021 - 8:48
  • 78 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : حجة الاسلام مولانا راشد علي چانڊيو
حضرت ام البنين س جي زندگي جو مختصر تعارف

حضرت ام البنين س جي زندگي جو مختصر تعارف

تحرير: حجةالاسلام مولانا راشد علي چانڊيو مقدمو: حضرت علي عليه السلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها سان شادي ڪئي هئي جيسيتائين حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها زنده رهي حضرت علي عليه السلام ٻي شادي نه ڪئي، سن ۱۱ هجري ۾ جڏهن پيغمبر اڪرم صلي […]

تحرير: حجةالاسلام مولانا راشد علي چانڊيو

مقدمو:

حضرت علي عليه السلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها سان شادي ڪئي هئي جيسيتائين حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها زنده رهي حضرت علي عليه السلام ٻي شادي نه ڪئي، سن ۱۱ هجري ۾ جڏهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت ۽ ان جي ڪجھ ئي عرصي کان بعد ۾ حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها جي شهادت ٿي ته حضرت عليه السلام عليه السلام جناب فاطمہ زهرا سلام الله عليها جي وصيت مطابق جناب امامہ بنت ابوالعاص سان شادي ڪئي(۱) ڇو جو حسنين عليهما السلام ، جناب زينب ۽ جناب ام ڪلثومعليهما السلام  جي عمر مبارڪ ننڍي هئي انهن جي سار سنڀال لاءِ حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها حضرت علي عليه السلام کي سفارش ڪئي هئي ته امامہ بنت ابوالعاص سان شادي ڪجان.

حضرت عليعليه السلام حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها جي شهادت کان پندرهن سال بعد حضرت ام البنينسلام الله عليها (فاطمہ ڪلابيہ) سان شادي ڪئي.

تاريخ ولادت :

جناب فاطمه ڪلابيهسلام الله عليها جي تاريخ ولادت مشخص نه آهي ته پاڻ ڪهڙي تاريخ يا ڪهڙي سال ۾ پيدا ٿي هئي، جناب ام البنين سلام الله عليها کي پهريون فرزند حضرت عباس عليه السلام ۲۶ هجري ۾ پيدا ٿيو ان ڪري ڪجھ مورخن اندازو لڳايو آهي ته پاڻ هجرت کان بعد پنجين يا ڇهين سال ڪوفه يا ان جي اطراف ۾ پيدا ٿي.

حضرت ام البنين سلام الله عليها جو نالو ۽ نسب:

حضرت ام البنين سلام الله عليها جو نالو مبارڪ حضرت فاطمه هيو ڪنيت مبارڪه ام البنين هئي ۽ پاڻ انهي ئي ڪنيت سان مشهور ۽ معروف ٿي، جناب ام البنين سلام الله عليها جي بابي جو نالو جناب حزام بن خالد هيو ۽ ماءُ جو نالو ليلى بنت شهيد بن ابي عامر هيو.

پاڻ بني ڪلاب خاندان مان هئي جنهن قبيلي جو شمار عرب جي بهترين قبيلن مان ٿيندو هيو.

اولاد

حضرت اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلامسان شادي ڪيائين ۽ ان جي پيٽ مان حضرت عليعليه السلام کي الله سائين چار پٽ نصيب ڪيا، ۱٫ قمر بني هاشم (خاندان بني هاشم جو چنڊ) حضرت ابو الفضل العباسعليه السلام ۲٫ حضرت عبدالله. ۳٫ حضرت جعفر ۽ حضرت عثمان.

پاڻ اهلبيت ۽ حضرت علي عليه السلام سان تمام گهڻي محبت رکندي هئي جنهن جو هڪ مثال سندس چار پٽن جو ڪربلا ۾ فرزند زهرا سلام الله عليها مٿان قربان ٿيڻ آهي، هن بيبي نه فقط پنهنجن چئن پٽن کي مولا حسين عليه السلام تي قربان ڪيو بلڪه انهن کي وصيت به ڪئي هيائين ته حسينعليه السلام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏجو، حسين عليه السلام مٿان ڪا به مصيبت نه اچي. واقعن جناب ام البنين سلام الله عليها جي پٽن ماءُ جو سر فخر سان بلند ڪيو ۽ جناب ام البنين سلام الله عليها پنهنجي آقا زادي جناب فاطمہ زهراسلام الله عليها وٽ سرخرو ٿي ويٺي هوندي جنهن جا چار پٽ هڪ ٻئي پويان جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي لخت جگر مٿان قربان ٿيا.

ام البنين سلام الله عليها جو انتخاب ڪيئن ٿيو:

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي شهادت کان تقريبا پندرهن سال بعد هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام پنهنجي ڀاءَ حضرت عقيل کي چيو ته اوهان منهنجي لاءِ هڪ بهترين عورت جو انتخاب ڪريو. حضرت عقيل جيڪو نسب شناس هيو هن قبيله ڪلابيه مان هڪ عورت جو انتخاب ڪيو جيڪا حزام بن خالد جي ڌيء هئي، هي خاندان عربن ۾ بهادر شمار ڪيو ويندو هيو.

اهڙي ريت حضرت عقيل ان خاندان سان مليو ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت علي  عليه السلامجي لاءِ حزام کان ان جي ڌيءَ جو رشتو طلب ڪيو، حزام کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ فورن رشتو قبول ڪري ڇڏيائين.

حضرت ام البنين سلام الله عليها سان حضرت علي عليه السلام جي شادي ڪڏهن ٿي ؟

 حضرت علي عليه السلام جي شادي حضرت ام البنين سان ڪڏهن ٿي ان جي باري ۾ ٻه قول ملن ٿا هڪ حضرت علي عليه السلام حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليهاجي شهادت کان فورن پوءِ حضرت ام البنين سلام الله عليها سان شادي ڪئي هئي. ان جي ثابتي لاءِ هڪ روايت کي پيش ڪيو ويو آهي. جيڪا حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان منقول آهي جنهن ۾ امام عليه السلام فرمائن ٿا ته حضرت علي عليه السلام حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها جي شهادت کان بعد حضرت ام البنين سلام الله عليها سان شادي ڪئي هئي (۲) جن جو هي قول آهي انهن جو چوڻ آهي ته حضرت عباس عليه السلام جي ولادت حضرت ام البنين سلام الله عليها جي شادي کان تقريبا ۱۰ سال بعد ٿي.

پر ٻيو قول ان جي برخلاف آهي ڇو جو ڪجھ محققن جو چوڻ آهي ته حضرت ام البنين سلام الله عليها جي شادي جي ڪجھ ئي عرصي کان بعد حضرت عباس عليه السلام پيدا ٿيو ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي ته حضرت عباس عليه السلام جي ولادت تقريبا ۲۶ هجري ۾ ٿي آهي ان کان علاوه ٻيو دليل هي به ڏين ٿا ته حضرت ام البنين سلام الله عليها جي عمر مبارڪ جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي شهادت وقت تمام گهٽ مطلب ڇه يا ست سال هئي.

ان ڪري پاڻ امام علي عليه السلام سان ايڏي ننڍي عمر ۾ شادي نه پئي ڪري سگهي ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو ئي ملي ٿو ته حضرت علي عليه السلام جناب ام البنين سلام الله عليها سان شادي حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليهاجي شهادت کان ۱۴ يا ۱۵ سال بعد ڪئي آهي، ان ڪري ئي ته حضرت عباس عليه السلامجي ولادت ۲۶ هجري ۾ آهي مطلب ته حضرت علي عليه السلام۽ حضرت ام البنين سلام الله عليها جي شادي سن ۲۴ يا سن ۲۵ هجري ۾ ٿي آهي.

ام البنين سلام الله عليها حضرت علي عليه السلام جي گهر ۾

جڏهن حضرت ام البنين سلام الله عليهاجي شادي حضرت امير المومنين علي ابن ابي طالب عليه السلامسان ٿي ۽ جڏهن ام البنين سلام الله عليها مولا جي گهر اچن پيون ۽ مولا پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيا ته جناب ام البنين گهر ۾ قدم رکڻ کان پهريان ئي عرض ڪيو جيسيتائين اوهان اجازت نه ڏيندؤ ايسيتائين آءُ هن گهر ۾ قدم نه رکنديس، مولا پنهنجي گهر واري کي اجازت ڏني ۽ هو گهر ۾ اندر داخل ٿي.

ام البنين کي ام البنين چو چوندا آهن ؟

عرب جي هي رسم رهي آهي ته جنهن به عورت کي ٽي يا ٽن کان مٿي پٽ هوندا هئا ان کي ام البنين چوندا هئا هي رسم عربن وٽ پهريان کان ئي هئي جڏهن ام البنين کي الله سائين چار پٽ ڏنا ته پاڻ ان ڪنيت سان تمام گهڻي مشهور ٿي وئي.

ڪجھ جو چوڻ آهي ته پاڻ جڏهن شادي ڪري حضرت امير المومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جي گهر ۾ آئي ته مولاءِ ڪائنات کيس فاطمہ چئي ڪري سڏيندا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي آقا ۽ مولا کي عرض ڪيو ته مان تمام گهڻي شرمسار ٿيان ٿي جو حسنينعليهم السلام، زينب ۽ ام ڪلثوم (عليهما السلام  ) جڏهن اوهان جي زبان مان فاطمہ جو لفظ ٻڌن ٿا ته انهن کي پنهنجي پياري امڙ فاطمہ زهرا(سلام الله عليها) جي ياد اچي ٿي وڃي ان ڪري بهتر ائين آهي جو اوهان مونکي ان نالي سان سڏ نه ڪريو(۳) ان وقت حضرت علي عليه السلام جناب فاطمہ ڪلابيه کي خوشخبري ٻڌائي:  اي فاطمہسلام الله عليها الله سائين توکي چار پٽ عطا ڪندو، ان ڪري هاڻي اڄ کان پوءِ مان توکي ام البنين سلام الله عليها ڪري سڏيندس ڇو جو تون گهڻن پٽن جي ماءُ ٿيندئين .

ان ڏينهن کان وٺي جناب فاطمه جي ڪنيت ام البنين سان مشهور ٿي وئي ۽ اڄ تائين به جيڪو ام البنين چوندو آهي ته هر هڪ انسان جو ذهن حضرت عباس عليه السلام جي ماءُ جناب ام البنين سلام الله عليها ڏانهن هليو ويندو آهي ان کان علاوه ڪجھ عالمن جو چوڻ آهي ته جناب ام البنين سلام الله عليها جي ڪنيت ننڍپڻ کان ئي اِها هئي، انهن جو چوڻ آهي ته عرب جي هي رسم رهي آهي ته هو ننڍي ٻار کي به ڪنيت سان سڏيندا هئا. (۴)

ام البنين سلام الله عليها ۽ اولاد فاطمه زهرا سلام الله عليها

جڏهن ام البنين سلام الله عليها جي شادي ٿي ۽ پاڻ حضرت عليعليه السلام جي گهر ۾ آئي ته پاڻ جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها جي اولاد سان تمام گهڻو پيار ڪرڻ لڳي، ايسيتائين جو جڏهن پنهنجا ٻار ٿيس تڏهن به فاطمه زهرا سلام الله عليهاجي ٻارن کي پنهنجي ٻارن مٿان فوقيت ڏيندي رهي، جڏهن به جناب ام البنين کان پڇندا هئا ته اوهان ايترو خيال پنهنجي ٻارن جو ناهيو رکنديون جيترو اوهان فاطمه زهرا سلام الله عليهاجي ٻارن جو خيال رکو ٿيون ته پاڻ جواب ۾ فرمائيندي هئي ته فاطمه جي ٻارن جي محبت الله سائين قرآن ۾ واجب ڪري ڇڏي آهي ان ڪري مان انهن سان تمام گهڻو پيار ۽ سندن احترم ڪندي آهيان، گهر ۾ هر شيءِ پهريان فاطمه زهرا جي ٻارن لاءِ هوندي پوءِ منهنجي ٻارن جي لاءِ.

ٻي علت پاڻ هي به بيان ڪندي هئي ته فاطمه زهرا سلام الله عليها جا ٻار در حقيت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جا ٻار آهن ان ڪري انهن جو احترام، انهن جي خدمت منهنجي لاءِ منهنجي پنهنجي پيٽ ڄائي ٻارن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي.

اِها ئي وجه آهي جو جڏهن حضرت عباس عليه السلام مولا حسين عليه السلام کي ڀاءُ چيو هيو ته پاڻ سلام الله عليها حضرت عباس عليه السلام کي چيو هيو ته حسين کي ڀاءُ نه بلڪه آَقا ڪري پڪاريندو ڪر ڇو جو تون حسين عليه السلامجو غلام آهين ۽ مان فاطمهسلام الله عليها جي ڪنيز آهيان (۵) ڪٿي فاطمه زهرا سلام الله عليها جو مقام ۽ ڪٿي مون جهڙي ڪنيز، ڪٿي حسين عليه السلامجو مقام ۽ ڪٿي (عباس عليه السلام) تنهنجو مقام. جناب ام البنين پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي ۽ جڏهن امام حسين عليه السلام مديني کان ڪربلا جي طرف ويا پئي تڏهن به حضرت ام البنين پنهنجي وڏي پٽ حضرت عباس عليه السلامکي مخاطب ٿيندي فرمايو هيو ”منهنجي دل جو سڪون ۽ اکين جي روشنائي منهنجي مولا حسين عليه السلامجو فرمانبردار رهجان “

جنام ام البنين سلام الله عليها جو صبر

هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام پنهنجي پٽ حضرت عباس عليه السلامکي پنهنجي گهر جي آڳر تي کيڏندي ڏٺو، پنهنجي پٽ جي ويجهو وڃي ان جي پيشاني تي بوسا ڏنا ۽ پوءِ پنهنجي پٽ جي آستينن کي مٿي ويڙهي ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي پٽ جي هٿن ۽ ٻانهَن کي بوسا ڏيڻ شروع ڪيا، جناب ام البنين ڏسي ڪري عرض ڪيو مولا هڪ ئي وقت هٿن ۽ ٻانهن کي بوسا به ڏيو ٿا ۽ روئو به ٿا !! ان جي ڪهڙي وجه آهي جنهن اوهان کي روئاريو آهي؟ حضرت امير المومنين عليه السلام جواب ۾ ارشاد ٿا فرمائن: اي ام البنين هي اسان جو پٽ ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويندو پر ان جي شهادت کان پهريان ان جا هي ٻئي هٿ ڪٽجي ويندا ان ڪري مان ان جي هٿن کي روئيندي بوسا ٿو ڏيان، ان ڏينهن کان وٺي جناب ام البنين پنهنجي پٽ تي ايندڙ مصيبت تي صبر ڪيو ۽ آخري وقت ۾ به ڄاتائين پئي ته جنهن سفر تي منهنجو فرزند عباس عليه السلام وڃي رهيو آهي ان سفر کان واپس موٽي نه ايندو پوءِ به پاڻ صبر ڪري کيس حضرت فاطمہ زهرا سلام الله عليها جي پٽ حضرت امام حسين عليه السلام سان گڏ ڪربلا وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ٻين ٽن پٽن کي به مولا سان گڏ روانو ڪيو.

جناب ام البنين ۽ هنر

پاڻ هڪ اهڙي خاندان مان هئي جن جي فصاحت ۽ بلاغت مشهور هئي ڪجھ اهڙا فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل اشعار بي بي کان ان وقت نقل ٿيل آهن جڏهن پاڻ پنهنجي پٽن جي شهادت جي خبر ٻڌي هئي.

مٿي ذڪر ڪري آهيا آهيون ته عرب، هر ان عورت کي ام البنين چوندا هئا جنهن جا ٽي يا ٽن کان مٿي ٻار هوندا هئا، ڪربلا واري واقعي کان پوء جڏهڻ پاڻ سلام الله عليها کي ام البنين ڪري سڏيندا هئا ته پاڻ ان ريت جواب ڏيندي هئي

لا تدعوني ويک ام البنين           تـذکـريـنـي بـلـيوث العرين

کانت بنون لي ادعي بهم           و اليوم اصبحتُ و لا من بنين

اربعة مثل نسور الرّبي                قد واصلوا الموت بقطع الوتين

مونکي ام البنين ڪري نه سڏيو ڇو جو مان پنهنجي بهادرن جي ياد ۾ پئجي ويندي آهيان

مونکي پٽ هئا جن جي ڪري مان (ام البنين) سڏي ويندي هيس پر هاڻي اهي ناهن رهيا.

چار پٽ جيڪي شڪاري باز وانگر هئا جيڪي سڀ جا سڀ شهيد ٿي ويا.

 

حضرت ام البنين جي وفات

مؤرخن حضرت ام البنين جي وفات جي باري ۾ مختلف قول بيان ڪيا آهن  ڪجھ مؤرخن جو چوڻ آهي ته پاڻ حضرت زينب ڪبرى سلام الله عليها جي شهادت کان بعد سن ۷۰ هجي ۾ وفات ڪري وئي، پر ڪجھ مؤرخن ام البنين جي وفات کي ۱۳ تيرنهن جمادي الثاني سن ۶۴ هجري نقل ڪيو آهي گهڻن عالمن ۽ مؤرخن ٻئين قول کي قبول ڪيو آهي.

پاڻ مديني شهر  ۾ وفات ڪري وئي ۽ کيس انهي ئي قبرستان ۾ جنهن ۾ حضرت امام حسن عليه السلام دفن ٿيا هئا دفن ڪيو ويو. (۶)

نتيجو:

جناب فاطمہ ڪلابيه سلام الله عليها جي زندگي تي تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن پر اسان هتي مختصر طور تي ڪجھ اهم ڳالهين کي پنهنجي قارئين تائين پهچايو آهي. جناب ام البنين سلام الله عليها جي فضيلت تمام گهڻي آهي جنهن کي اسان ڪجھ صفحن ۾ بيان نٿا ڪري سگهون، جناب ام البنين سلام الله عليها پنهنجي پوري زندگي اهلبيت عليهم السلام جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏي هئي، پاڻ تمام گهڻي فصيح ۽ بليغ هئي. اهل بيت عليهم السلام جا فضائل پنهنجي شعرن ذريعي بيان ڪندي هئي، جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ پنهنجي پيٽ ڄائي پٽن جي شهادت جي خبر ٻڌائين تڏهن به پاڻ اشعار ذريعي انهن جا مصائب بيان ڪندي رهي. جناب زينب سلام الله عليها سان گڏ واقعه ڪربلا تي مدينه وارن کي پنهنجي فصيح ۽ بليغ لفظن سان ڪوسيندي رهي انهن جا مرده ضمير دل جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، تاريخ گواه آهي ته پاڻ امام حسين عليه السلام جي  شهادت کان بعد سڌو جناب فاطمہ زهرا سلام الله عليها جي قبر مطهر تي آئي ۽ جناب فاطمہ زهرا سلام الله عليها کي پنهنجي پٽ امام حسين عليه السلام جي شهادت تي پرسو ڏنو جڏهن ته پنهنجا به چار پٽ انهي ئي واقعي ۾ شهيد ٿي ويا هيس پوءِ به پاڻ پنهنجن پٽن کان وڌيڪ امام حسين عليه السلام جي غم ۾ روئيندي رهي ۽ آخر ڪار ۱۳ جمادي الثاني سن ۶۴ هجري ۾ رحلت ڪري وئي ۽ مشهور قبرستان جنت البقيع مدينه منوره ۾ دفن ٿي.

حوالا:

(۱) شيخ صدوق، علل الشرايع، ج۱ ص ۲۲۲ ؛ ابن اثير، اسدالغابه، ج۷ ص ۲۵٫

(۲ کلباسي، خصائص العباسيہ، ص ۶۵

(۳) رباني خلخالي، چهره درخشان قمر بني هاشم ص ۶۹٫

(۴) ام البنين، سيدة نساء العرب، سيد مهدي سويج، ص ۱۲

(۵) زندگاني حضرت ابوالفضل العباس (عليه السلام) ص ۲۱؛ کتاب چهره درخشان قمر بني هاشم ص ۵۹

(۶) ام البنين سلام الله عليها نماد از خود گذشتگي، ص ۳۴٫

اھم لفظ

رايو 1

  1. سردار ظهير حسين ملوڪاڻي

    ادا تمام بهترين پورهيو آهي آس ٿي ڪجي ته، تمام مومنين ان مان لاڀ پرائيندا.

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*