۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » تاريخ » سيرت معصومين (ع)
  • آءِ ڊي : 1859
  • 25 جنوري 2021 - 15:31
  • 9 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : حجة الاسلام مولانا نظير احمد بهشتي
آيت مباهله اهل بيت (ع) ۽ اهل سنت جي نظر ۾

آيت مباهله اهل بيت (ع) ۽ اهل سنت جي نظر ۾

    ترجمو ۽ ترتيب: حجة الاسلام مولانا نظير احمد بهشتي پهريون حصو مباهلي واري آيت جي مختصر تفسير آيت مباهله سورت آل عمران جي ۶۱ نمبر آيت آهي، جيڪا ۲۰۰ آيتن تي مشتمل آهي ۽ مدني ڳڻي وڃي ٿي. هن سورت مبارڪه ۾ بلند اسلامي معارف، هميشه رهندڙ ديني احڪام ماضي جي ڪجھ واقعن […]

 

 

ترجمو ۽ ترتيب: حجة الاسلام مولانا نظير احمد بهشتي

پهريون حصو مباهلي واري آيت جي مختصر تفسير

آيت مباهله سورت آل عمران جي ۶۱ نمبر آيت آهي، جيڪا ۲۰۰ آيتن تي مشتمل آهي ۽ مدني ڳڻي وڃي ٿي. هن سورت مبارڪه ۾ بلند اسلامي معارف، هميشه رهندڙ ديني احڪام ماضي جي ڪجھ واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي. الله سائين آيت مباهله ۾ هن ريت فرمائي ٿو: ان مثل عیسی عند الله کمثل آدم خلقه من تراب ثم قال له کن فیکون. الحق من ربک فلاتکن من الممترین. فمن حاجّک فیه من بعد ما جائک من العلم فقل تعالوا ندع ابنائنا و ابنائکم و نسائنا و نسائکم و انفسنا و انفسکم ثم نبتهل فنجعل لعنت الله علی الکاذبین؛

خدا وٽ ته جهڙي عيسى جي حالت تهڙي ئي آدم جي حالت، جو ان کي مٽيءَ جو پتلو بڻائي چيائين ته ”ٿيءُ“ ته (يڪدم ئي) اهو (انسان) ٿي پيو. (اي رسول صه) قبلي کي بدلائڻ تنهنجي پالڻهار طرفان حق آهي. پوءِ (ائين نه ٿئي جو) تون شڪ ڪرڻ وارن مان ٿئين! پوءِ جيڪي تو سان ان ۾ هن کان پوءِ (به) جهڳڙو ڪن جو تو وٽ علم (قرآن) پهتو ته کين چئو ته (چڱو ميدان ۾) اچو ته اسين پنهنجن پٽن کي آڻيون توهان پنهنجي پٽن کي ۽ اسين پنهنجن زالن کي آڻيون توهين پنهنجين زالن کي ۽ اسين پنهنجن نفسن (جان جگرن) کي سڏيون ۽ اوهان پنهنجي نفسن کي وري زاريءَ سان دعا گهرون ۽ ڪوڙن تي خدا جي لعنت ڪريون. (سورت آل عمران، آيت ۵۹، ۶۰، ۶۱)

ڇو جو هن آيت ۾ مباهله جي ڳالھ ٿي رهي آهي تنهن ڪري ان لفظ جي وضاحت تمام مناسب ۽ ضروري آهي.

مباهلي جي معنى تي هڪ نظر

مباهله عربي ٻولي جو هڪ لفظ آهي جنهن جي معنى آهي آزاد ڪرڻ ۽ ڪنهن شيءِ تان پابندي هٽائي ڇڏڻ، ان جي هڪ معنى مادي جانور کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جا ٿڻ نه ٻڌڻ آهي ته جيئن ان وسيلي پنهنجي نئين ڄاول ٻچي کي آرام سان کير پياري سگهي. عربي ٻولي ۾ ان حيوان کي باهِل چيو ويندو آهي. (ر.ک: راغب الاصفهاني، مفردات الفاظ القرآن، ص ۱۴۹(مادّه بهل)، دارالقلم، دمشق، چاپ اول، ۱۴۱۲ق؛ الزمخشری، جارالله، اساس البلاغة، ص ۳۲، تحقیق: عبدالرحیم محمود، دارالمعرفة، بيروت بي تا.

اهڙي طرح هي لفظ لعنت ڪرڻ جي معنى م به آيو آهي. (ر.ک: احمد بن محمد القيومي المصباح المنير، ج ۱، ص ۶۴، مؤسسه دارالهجرة، قم، چاپ اول، ۱۴۰۵ق؛ الزمخشري، اساس البلاغه، ص ۳۲٫)

ليڪن اصطلاح ۾ ٻن ماڻهن يا ٻن ٽولن جي هڪٻئي تي لعنت و ملامت ڪرڻ جي معنى ۾ آهي، اهڙي ريت جو جيڪي ماڻهو هڪ اهم ديني، مذهبي يا…مسئلي تي هڪٻئي سان اختلاف رکندا هجن، هڪ جاءِ تي گڏ ٿين ۽ الله جي بارگاه ۾ راز ۽ نياز ڪن ۽ الله کان ڪوڙي ماڻهو جي ذلت ۽ خواري جو مطالبو ڪن يا مٿس عذاب نازل ڪرڻ جي گهر ڪن.

آيت مباهله جو شان نزول

آيت مباهله جي شان نزول بابت هڪٻئي سان ڪجھ تفاوت رکندڙ متعدد روايتون موجود آهن، هتي صرف هڪ کي نقل ٿا ڪريون:

نجران جي عيسائين جو هڪ وفد مديني ۾ پيغمبر اڪرم (ص) جي خدمت ۾ آيو ۽ چيائين: ڇا اوهان اهڙو ٻار ڏٺو آهي جيڪو بغير پيءُ جي ڄميو هجي؟ الله سائين انهن جي سوال جي جواب ۾ سورت آل عمران جي ۵۹ نمبر آيت نازل ڪئي، ان مثل عیسی عند الله کمثل آدم خلقه من تراب ثم قال له کن فیکون. خدا وٽ ته جهڙي عيسى جي حالت تهڙي ئي آدم جي حالت جو ان کي مٽيءَ جو پتلو بڻائي چيائين ته ”ٿيءُ“ ته (يڪدم ئي) اهو (انسان) ٿي پيو.

۽ انهن کي ٻڌايو ته عيسى (ع) ساڳيو حضرت آدم (ع) جيان آهي جيڪو بغير پيءُ ۽ ماءُ جي وجود ۾ آيو. جڏهن عيسائين جو وفد پنهنجي جهالت ۽ ڪيل دعوا تي ڳنڍ ڏيئي بيهي رهيو ته پيغمبر اڪرم (ص) (الله جي حڪم سان) انهن کي مباهلي جي آڇ ڪئي، انهن پيغمبر اڪرم (ص) کان هڪ ڏينهن جي مهلت گهري. (عيسائي وفد جي روحاني اڳواڻ) اسقف اعظم کين چيو: توهان سڀاڻي محمد (ص) کي ڏسجو، جيڪڏهن مباهلي لاءِ پنهنجي ٻارن ۽ گهر وارن سان گڏ اچي ته ان سان مباهلي کان پرهيز ڪجو ۽ جيڪڏهن پنهنجي اصحاب سان اچي ته ان سان مباهلو ڪجو، ان ڪري جو (ان مهل) انهن وٽ ڪجھ نه هوندو. ٻئي ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم، علي ابن ابي طالب، حسن، حسين ۽ فاطمه سان گڏ آيو، پاڻ سڳورن (ص) جي هٿ ۾ علي ابن ابي طالب جو هٿ هئو، حسن ۽ حسين سندس اڳيان پئي هليا ۽ حضرت فاطمه سندس پٺيان هئي.

عيسائي وفد به ان حال ۾ آيو جو انهن جو وڏو روحاني عالم اسقف اعظم اڳيان هئو، ان جڏهن پيغمبر اڪرم (ص) کي انهن ڪجھ ماڻهن سان ڏٺو ته انهن بابت پڇا ڪئي، کيس ٻڌايائون ته اهو سندس سئوٽ ۽ کيس سڀني کان وڌيڪ پيارو آهي ۽ اهي ٻئي ٻار علي (ع) منجهان سندس نياڻي جا پٽ آهن ۽ اها جوان عورت سندس نياڻي فاطمه (ع) آهي وٽس سڀ کان وڌيڪ پياري ۽ سندس دل جي سڀ کان وڌيڪ ويجهو افراد منجهان آهي.

ان مهل عيسائي وفد مباهلي تان هٿ کنيو ۽ انهن جي روحاني سربراه اسقف اعظم، پيغمبر اڪرم (ص) کي چيو: اي ابو القاسم، اسان توهان سان مباهلو نه ٿا ڪريون بلڪه صلح ٿا ڪريون، پيغمبر اڪرم (ص) پڻ انهن سان جزيو يا ٽئڪس ڏيڻ جي شرط

تي صلح ڪيو. (شیخ طبرسی، مجمع البیان فی تفسیر القرآن، ج ۲، ص ۷۶۲، دارالمعرفة، بيروت، ۱۹۸۶م.)

روايت ۾ آيو آهي ته انهن جي روحاني سربراه اسقف اعظم چيو: مان اهڙا چهرا ڏسي رهيو آهيان جيڪڏهن اهي الله کان گهر ڪن ته جبلن کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي ڇڏي ته الله انهن جو مطالبو پورو ڪندو، انهن سان ڪنهن به صورت ۾ مباهلو نه ڪريو جو نابود ٿي ويندؤ ۽ قيامت تائين هڪ به عيسائي زمين تي باقي نه رهندو. (الفخر الرازی، تفسیر الفخر الرازی، ج ۸، ص ۸۹، دارالفکر، بیروت، چاپ سوم، ۱۹۸۵م؛ مجمع البیان فی تفسیر القرآن، ج ۲، ص ۷۶۲؛ جار الله الزمخشری، تفسیر الکشاف، ج ۱، ص ۳۶۸ـ۳۶۹، نشر البلاغه، قم، چاپ دوم، ۱۴۱۵ق.)

اهڙي ريت هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي ته پيغمبر اڪرم (ص) عيسائي وفد پاران مباهلي تان هٿ کڻڻ ۽ ٽئڪس ادا ڪرڻ لاءِ راضي ٿيڻ کان پوءِ هن ريت فرمايو: قسم آهي ان الله جو جنهن مون کي حق سان گڏ نبي بڻائي موڪليو، جيڪڏهن اهي اسان سان مباهلو ڪن ها ته انهن تي باه وسڻ شروع ٿي وڃي ها. (الواحدی النیشابوری، اسباب النزول، ص ۹۰، دارالکتاب العربی، بیروت، ۱۹۹۴م؛ الزمخشری، تفسیر الکشاف، ج ۱، ص ۳۶۹٫)

ٻيو حصو مباهلي واري آيت اهل بيت (ع) ۽ اهل سنت جي روايتن جي روشني ۾

جيڪڏهن اهل بيت (ع) ۽ اهل سنت جي تفسيري ۽ حديثي ڪتابن تي نظر ڪندا سين ته معلوم ٿيندو ته مباهلي واري آيت بابت پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم، اهل بيت عليهم السلام، اصحاب ۽ تابعين کان متعدد روايتون نقل ٿيون آهن.

هتي انهن روايتن جا ڪجھ نمونا بيان ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ٽولن جي ڪتابن تي نظر ٿا ڪريون ۽ انهن روايتن جي متعدد ڪتابن منجهان ڪجھ کي هتي ذڪر ڪيون ٿا.

  1. صحیح مسلم، مسلم نیشابوری(متوفای ۲۶۱ق)، ص ۱۰۴۲، ح ۳۲(کتاب الفضائل باب فضائل علی بن ابی طالب).
  2. الجامع الصحیح(سنن ترمذی)، ابوعیسی محمد بن عیسی ترمذی(۲۰۹ـ۲۹۷ق)، ج ۵، ص ۲۲۵، ح ۲۹۹۹٫
  3. اسباب النزول، واحدی نیشابوری(متوفای ۴۶۸ق)، ص ۹۰ـ۹۱٫
  4. المستدرک علی الصحیحین، حاکم نیشابوری(متوفای ۴۰۵ق)، ج ۳، ص ۱۵۰٫
  5. جامع البیان عن تأویل آی القرآن، محمد بن جریر طبری(متوفای ۳۱۰ق) ج ۳، ص ۳۰۰ـ۳۰۱، جزء ۳٫
  6. تفسیر القرآن العظیم، ابن ابی حاتم(متوفای ۳۲۷ق)، ج ۲، ص ۶۶۷ـ۶۶۸، احادیث ۳۶۱۶ـ۳۶۱۹٫
  7. تفسیر القرآن العظیم، ابن کثیر دمشقی(متوفای ۷۷۴ق)، ج ۱، ص ۳۷۹٫
  8. الدر المنثور فی التفسیر المأثور، جلال الدین سیوطی(متوفای ۹۱۱ق)، ج ۲، ص ۲۳۱ـ۲۳۳٫
  9. تفسیر الکشاف، جارالله زمخشری(متوفای ۵۳۸ق)، ج ۱، ص ۳۶۸ـ۳۷۰٫
  10. الجامع الاحکام القرآن، قرطبی(متوفای ۶۷۱ق)، ج ۳، ص ۱۰۴( چاپ مصر، ۱۹۳۶م).
  11. تفسیر السمرقندی، نصربن محمد سمرقندی(متوفای ۳۷۵ق)، ج ۱، ص ۲۷۴ـ۲۷۵٫
  12. تفسیر الفخر الرازی، فخر رازی( ۵۴۴ـ۶۰۴ق)، ج ۸، ص ۸۸ـ۸۹٫
  13. تفسیر البیضاوی، عبدالله بن عمربیضاوی(متوفای ۷۹۱ق)، ج ۱، ص ۱۶۳٫
  14. المسند، احمدبن حنبل، ج ۱، ص ۱۸۵، چاپ مصر.
  15. دلائل النبوة، حافظ ابونعیم اصفهانی، ص ۲۹۷٫
  16. جامع الاصول، ابن اثیر، ج ۹، ص ۴۷۰، السنة المحمدیة، مصر.
  17. تذکرة الخواص، ابن جوزی، ص ۱۷٫
  18. تفسیر روح المعانی، آلوسی، ج ۳، ص ۱۶۷، منیریه، مصر.
  19. تفسیر الجواهر، شیخ طنطاوی، ج ۲، ص ۱۲۰، چاپ مصر.
  20. الاصابة، احمدبن حجرعسقلانی، ج ۲، ص ۵۰۳، چاپ مصر.
  21. تفسیر العیاشی، ابونصر محمدبن مسعود بن عیاش سمرقندی، ج ۱، ص ۱۷۵ـ۱۷۷، احادیث ۵۴،۵۷،۵۸ و ۵۹٫
  22. تفسیر فرات الکوفی، ص ۸۵ـ۹۰، ح ۶۱٫
  23. الامالی، شیخ طوسی(۳۸۵ـ۴۶۰ق)، ص ۳۰۷، ح ۶۱۶٫
  24. التبیان فی تفسیر القرآن، شیخ طوسی(۳۸۵ـ۴۶۰ق)، ج ۲، ص ۴۸۴٫
  25. مجمع البیان فی تفسیر القرآن، شیخ طبرسی(متوفای ۵۴۸ق)، ج ۲، ص ۷۶۲ـ۷۶۳٫
  26. البرهان فی تفسیر القرآن، سیدبحرانی(متوفای ۱۰۹۱ق)، ج ۲، ص ۴۹ـ۵۰، ح ۹،۱۲،۱۳، و۱۴٫
  27. تفسیر نورالثقلین، حویزی(متوفای ۱۱۱۲ق) ج ۱، ص ۳۴۹، ح ۱۶۳٫
  28. تفسیر ابوالفتوح رازی(متوفای ۵۵۴ق)، ج ۴، ص ۳۶۰ـ۳۶۱٫

 

هاڻي ڪجھ روايتون ذڪر ڪريون ٿا

مذهب اهل بيت (ع) جا ڪتاب

۱_ قال علی(ع)… لما نزلت هذه الایة «قل تعالوا ندع ابنائنا و ابنائکم…» اخذ بید علی و فاطمه و ابنیهما(ع)، فقال رجل من النصاری(الیهود): لاتفعلوا فتحیبکم عنت…

امام علي (ع) فرمايو: جڏهن مباهلي واري آيت نازل ٿي، پيغمبر اڪرم (ص) علي، فاطمه ۽ سندس ٻن پٽن جو هٿ پڪڙيو ۽ مباهلي لاءِ آيو. ان مهل هڪ عيسائي (يا هڪ يهودي) چيو: (انهن سان مباهلو) نه ڪريو جو مشڪلات ۾ مبتلا ٿي ويندؤ. (العیاشی، تفسیر العیاشی، ج ۱، ص ۱۷۷، ح ۵۸، المکتبة العلمیة الاسلامیة، تهران، ۱۳۸۰ق؛ البحرانی، البرهان فی تفسیر القرآن، ج ۲، ص ۵۰، ح ۱۳، مؤسسة الاعلمی للمطبوعات، بیروت، چاپ دوم، ۱۹۸۲م.)

۲_ امام صادق (ع) نقل ٿا ڪن ته امير المومنين امام علي (ع) کان سندن فضائل بابت سوال ڪيو ويو، پاڻ انهن جي جواب ۾ پنهنجا ڪجھ فضائل بيان ڪيائون. انهن چيو اي علي اڃا ٻڌاءِ. پاڻ فرمايائون: پيغمبر اڪرم (ص) وٽ اهل نجران جي نصارا من

جهان ٻه عالم شخص آيا ۽ عيسى (ع) جي باري ۾ گفتگو ڪيائون. الله سائين به مباهله واريون آيتون نازل فرمايون، ان کان پوءِ پيغمبر (ص) مون علي جو، حسن، حسين ۽ فاطمه جو هٿ پڪڙيو ۽ پوءِ هٿ جي تري آسمان ڏانهن ڪري انهن کي مباهلي لاءِ سڏيو. (العیاشی، تفسیر العیاشی، ج ۱، ص ۱۷۵ـ۱۷۶، ح ۵۴؛ البرهان فی تفسیر القرآن، ج ۲، ص ۴۹، ح ۹٫)

۳_ عن ابی جعفر(ع) فی قوله «ابنائنا وابنائکم»(یعنی) الحسن و الحسین، «انفسنا و انفسکم» رسول الله(ص) و علی(ع). «و نسائنا و نسائکم» فاطمه الزهراء(س) 

امام محمد باقر عليه السلام آيت مباهله بابت فرمايو: ابنائنا مان مراد حسن ۽ حسين، ۽ انفسنا مان مراد پيغمبر اڪرم (ص)  ۽ علي (ع) ۽ نسائنا مان مراد فاطمه زهرا (س) آهي  (فرات الکوفی، تفسیر فرات الکوفی، ص ۸۵ـ۸۶، ح ۶۱، تحقیق، محمد الکاظم، مؤسسة الطبع و النشر لوزارة الثقافة و الارشاد الاسلامی، تهران، چاپ اول، ۱۹۹۰م.)

.

 

۴_ مامون رشيد پاران پنهنجي محل ۾ منعقد ڪيل هڪ علمي جلسي ۾  امام رضا عليه السلام فرمايو: الله سائين آيت مباهله ۾ پنهنجي خاص ٻانهن کي معين ڪري پنهنجي پيغمبر کي (نجران جي عيسائين سان مباهلي جو) حڪم ڏنو…۽ آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم، علي، فاطمه، حسن ۽ حسين (ع) کي پاڻ سان گڏ مباهلي لاءِ وٺي ويو..اهو اهڙو افتخار آهي جيڪو اهل بيت کان اڳ ۾ ڪنهن کي حاصل ناهي ٿيو، ۽ اهڙي فضيلت آهي جيڪا ٻئي ڪنهن به انسان کي حاصل نه ٿي آهي ۽ اهڙو شرف آهي جيڪو ان کان پهريان ڪنهن کي نه مليو آهي.

(الحویزی، تفسیر نورالثقلین، ج ۱، ص ۳۴۹، ح ۱۶۳، تحقیق: سید هاشم رسولی محلاتی، مؤسسه اسماعیلیان، قم، چاپ چهارم، ۱۴۱۲ق.)

۵_ عامر بن سعد بن ابي وقاص پنهنجي پيءُ (سعد بن ابي وقاص) کان نقل ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن ان کي معاويه چيو: ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ ٿي بڻجي جو ابو تراب (علي ابن ابي طالب) کي گار نه ڏئين؟ سعد بن وقاص چيو: ٽن صفتن سبب جيڪي ان ۾ ڏٺيون اٿم ۽ انهن مان هڪ هن ريت آهي ته: «لما نزلت آیة المباهلة (تعالوا ندع ابنائنا و ابنائکم…) اخذ رسول الله(ص) بید علی و فاطمه و حسن و حسین(ع) قال: هؤلاء اهلی؛ جنهن وقت مباهلي واري آيت نازل ٿي…پيغمبر اڪرم (ص) علي، فاطمه، حسن ۽ حسين جو هٿ پڪڙيو ۽ فرمايو: هي منهنجا اهل بيت آهن. (تفسیر العیاشی، ج ۱، ص ۱۷۷، ح ۵۹؛ البرهان فی تفسیر القرآن، ج ۲، ص ۵۰، ح ۱۴٫)

۶_ عن سعد بن ابن وقاص قال…لما نزلت هذه الایة «ندع ابنائنا و ابنائکم» دعا رسول الله(ص) علیا و فاطمة و حسنا و حسینا(ع) و قال: اللهم هؤلاء اهلی؛

سعد بن ابي وقاص کان روايت آهي ته ان چيو: جڏهن هي آيت (مباهله) نازل ٿي ته پيغمبر اڪرم (ص) علي، فاطمه، حسن ۽ حسين (ع) کي گهرايو ۽ فرمايو: اي منهنجا الله! هي منهنجا اهل بيت آهن. (شیخ طوسی، الامالی، ص ۳۰۷، ح ۶۱۶، موسسة البعثة، قم، چاپ اول، ۱۴۱۴ق.)

اهل سنت جا ڪتاب

۱_ قال جابر: و فیهم نزلت «ندع ابنائنا و ابنائکم و نسائنا و نسائکم و انفسنا و انفسکم» قال جابر: «انفسنا و انفسکم» رسول الله(ص) و علی بن ابی طالب و «ابنائنا» الحسن و الحسین و «نسائنا» فاطمة؛

جابر چيو: هي (آيت مباهله) انهن (اهل بيت) جي باري ۾ نازل ٿي آهي. انفسنا مان مراد رسول خدا ۽ علي ابن ابي طالب آهي، ابنائنا مان مراد حسن ۽ حسين آهن، ۽ نسائنا مان مراد فاطمه آهي. (ابن کثیر الدمشقی، تفسیر القرآن العظیم، ج ۱، ص ۳۷۹، دارالمعرفة، بیروت، ۱۹۱۷م؛ اسباب النزول، ص۹۱؛ السیوطی، الدرالمنثور فی التفسیر المأثور، ج ۲، ص ۲۳۱، دارالفکر، بیروت، ۱۹۹۳م.)

۲_ عن زیدبن علی فی قوله:«تعالوا ندع ابنائنا و ابنائکم…» الآیة، قال: کان النبی(ص) و علی و فاطمة و الحسن و الحسین؛

زيد بن علي کان نقل ٿيو آهي ته انهن آيت مباهله بابت چيو: اهي پيغمبر (ص) علي، فاطمه، حسن ۽ حسين هئا. (الطبری، جامع البیان عن تأویل آی القرآن، ج ۳، ص ۳۰۰، جزء ۳، دارالفکر، بیروت، ۱۹۸۸م.)

۳_ عن السدی «فمن حاجک فیه من بعد ماجائک من العلم…الایة» فأخذ یعنی النبی(ص) بید الحسن و الحسین و فاطمة و قال لعلی اتبعنا، فخرج معهم. فلم یخرج یومئذ النصاری و قالوا: انا نخاف ان یکون هذا النبی(ص) و لیس دعوة النبی کغیرها، فتخلفوا عنه یومئذ. فقال النبی(ص): لوخرجوا لاحترقوا فصالحوه علی صلح.

سدي کان نقل ٿيو آهي ته جڏهن مباهله واري آيت نازل ٿي ته پيغمبر اڪرم (ص)  حسن، حسين ۽ فاطمه جو هٿ پڪڙيو ۽ علي کي فرمايو: اسان جي پويان اچ ۽ اهڙي ريت مباهلي لاءِ تيار ٿيا. ليڪن عيسائي مباهلي لاءِ تيار نه ٿيا ۽ چيائون اسان ڊڄون ٿا ته متان هي اهو ئي ساڳيو پيغمبر هجي ۽ پيغمبر جي دعا ٻين جي دعا جيان نه آهي. ان ڪري ان ڏينهن مباهلي تان هٿ کڻي ويا. پيغمبر اڪرم (ص) فرمايو: جيڪڏهن اهي مباهلو ڪن ها ته سڙي وڃن ها، تنهن ڪري پيغبر اڪرم (ص) انهن سان صلح مصالحو ڪيو. (جامع البیان عن تأویل ای القرآن، ج ۳، ص ۳۰۰، جزء ۳؛ ابن ابی حاتم، تفسیر القرآن العظیم، ج ۲، ص ۶۶۷، ح۳۶۱۸(با کمی تفاوت)، المکتبة العصریة، بیروت، چاپ دوم، ۱۹۹۹م.)

۴_ عامر بن سعد بن ابي وقاص پنهنجي پيءُ (سعد بن ابي وقاص) کان نقل ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن ان کي معاويه چيو: ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ ٿي بڻجي جو ابو تراب (علي ابن ابي طالب) کي گار ڏئين؟ سعد بن وقاص چيو: ٽن صفتن سبب جيڪي پيغمبر اڪرم (ص) ان بابت بيان ڪيون آهن … ۽ انهن مان هڪ هن ريت آهي ته: «لما نزلت آیة المباهلة (تعالوا ندع ابنائنا و ابنائکم…) اخذ رسول الله(ص) بید علی و فاطمه و حسن و حسین(ع) قال: هؤلاء اهلی؛ جنهن وقت مباهلي واري آيت نازل ٿي…پيغمبر اڪرم (ص) علي، فاطمه، حسن ۽ حسين جو هٿ پڪڙيو ۽ فرمايو: هي منهنجا اهل بيت آهن. (مسلم النیشابوری، صحیح مسلم، ص ۱۰۴۲، ح ۳۲،(الفضائل، باب فضایل علی بن ابی طالب(ع)، داراحیاء التراث العربی، بیروت، چاپ اول، ۲۰۰۰م؛ الترمذی، الجامع الصحیح(سنن الترمذی)، ج ۵، ص ۲۲۵، ح ۲۹۹۹، داراحیاء التراث العربی، بیروت، بی تا؛ الحاکم النیشابوری، المستدرک علی الصحیحین، ج ۳، ص ۱۵۰(کتاب معرفة الصحابة، باب من مناقب اهل بیت رسول الله ـ ص ـ)، دارالمعرفة، بیروت، بی تا؛ الدرالمنثور فی التفسیر المأثور، ج ۳، ص ۲۳۲ـ۲۳۳؛ رشید رضا، تفسیر المنار، ج ۳، ص ۳۲۲، دارالفکر، بیروت، چاپ دوم، چاپ افست.)

حاڪم نيشاپوري (متوفي ۴۰۵ قمري) اها روايت نقل ڪرڻ کان پوءِ هن ريت لکي ٿو: هذا حدیث صحیح علی شرط الشیخین و لم یخرجاه هي حديث بخاري ۽ مسلم وٽ شرطن مطابق (يعني صحت ۽ قبوليت جي اعتبار سان) صحيح حديث آهي، ليڪن انهن ٻنهي هن روايت کي نقل نه ڪيو آهي. (المستدرک علی الصحیحین، ج۳، ص ۱۵۰٫  ۱۸)

۵_ جابر بن عبد الله نقل ڪري ٿو ته اهل نجران جو هڪ وفد پيغمبر اڪرم (ص) وٽ آيو ۽ ساڻس ڳالھ ٻول ڪيائون، پيغمبر اڪرم (ص) انهن کي مباهلي جي آڇ ڪئي ۽ طئي ڪيائون ته ٻئي ڏينهن تي مباهلو ڪندا، ٻئي ڏينهن پيغمبر اڪرم (ص) علي، فاطمه، حسن ۽ حسين جو هٿ پڪڙيو ۽ انهن کي مباهلي لاءِ سڏيو، ليڪن اهي مباهلي تان هٿ کڻي ويا ۽ جزيو ٽئڪس ڏيڻ تي راضي ٿي ويا. پيغمبر اڪرم (ص) ان کان پوءِ فرمايو: ان الله جو قسم جنهن مون کي حق سان مبعوث ڪيو، جي اهي مباهلو ڪن ها ته انهن تي باه وسي ها. (اسباب النزول، ص ۹۰٫)

۶_ قال الشعبی: «ابنائنا» الحسن و الحسین «و نسائنا» فاطمة، «و انفسنا» علی بن ابی طالب،

شعبي چيو: ابنائنا مان مراد حسن ۽ حسين، نسائنا مان مراد فاطمه ۽ انفسنا مان مراد علي ابن ابي طالب آهي.

روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ خلاصو

مٿين روايتن ۽ حديثن مان هيٺيان مطالب حاصل ٿين ٿا

۱_ آيت مباهله سڀ کان پهريان چٽي طرح پنجتن آل عبا _پيغمبر اڪرم، امام علي، فاطمه زهرا، امام حسن ۽ امام حسين جي فضيلت ۽ برتري تي دلالت ڪري ٿي.

۲_ آيت مباهله پنجتن پاڪ سان مخصوص آهي ۽ اها ڳالھ آيت مان ۽ شيعه سني روايتن مان ظاهر ٿئي ٿي.

۳_ امام علي، حضرت فاطمه زهرا (س) امام حسن (ع)  ۽ امام حسين (ع) جو پيغمبر اڪرم (ص) وٽ هڪ خاص مقام ۽ مرتبو هئو.

۴_ انهن روايتن مطابق پيغمبر اڪرم (ص) پنهنجي سڀ کان پيارن فردن کي وٺي اچڻ مهل انهن کي پنهنجو اهل بيت چئي پڪاريو آهي ۽ اهو به پهرئين درجي ۾ اهل بيت جي قرآني ۽ اصطلاحي معنى سان تعلق رکي ٿو.

۵_ خود امامن (ع) جو ۽ پيغمبر اڪرم (ص) جي ڪجھ اصحاب جو آيت مباهله کي اهل بيت (ع) جي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ دليل طور پيش ڪرڻ ان حادثي جي واقع هجڻ لاءِ مضبوط قرينو آهي ۽ ان جي اهل بيت (ع) سان مخصوص هجڻ لاءِ تاڪيد آهي.

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*