۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » قرآني سرگرميون
  • آءِ ڊي : 1778
  • 18 جنوري 2021 - 21:01
  • 13 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : ايڊمن المجتبي فائونڊيشن
سورت حمد جو ترجمو

سورت حمد جو ترجمو

سنڌيڪار: قاري امان الله ڪربلائي   الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع سڀ حمد فقط الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار وڏو مهربان نهايت رحم وارو جو (بدلي ڏيڻ واري) ڏينهن قيامت جو مالڪ آهي (اي الله) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد […]

سنڌيڪار: قاري امان الله ڪربلائي

 

  1. الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع
  2. سڀ حمد فقط الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار
  3. وڏو مهربان نهايت رحم وارو
  4. جو (بدلي ڏيڻ واري) ڏينهن قيامت جو مالڪ آهي
  5. (اي الله) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا
  6. ثابت قدم رک اسان کي واٽ سڌي تي
  7. واٽ انهن جي جن کي تو نعمت عطا ڪئي نه (واٽ انهن جي) جن تي ڏمر ٿيو ۽ نه (واٽ) انهن جي جيڪي گمراھ ٿيا.

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*