۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » قرآني سرگرميون
  • آءِ ڊي : 1361
  • 29 ڊسمبر 2020 - 22:28
  • 16 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : مولانا محمد جواد عسڪري
اسلام ۾ علم تفسير (حصو پهريون)

اسلام ۾ علم تفسير (حصو پهريون)

  تحرير: مولانا محمد جواد عسڪري مهاڳ: لفظ تفسير لغت ۾ (فسر) کان ورتو ويو آهي . جنهن جي معنى آهي بيان ڪرڻ، واضح ڪرڻ ۽ پردو هٽائڻ. عربي جي معروف ۽ مڃيل ڊڪشنري تاج العروس ۾ ان لفظ جي معنى ۾ آيو آهي (الفسر الابانة و کشف المغطّي) يعني لفظ فسر جي معنى آهي […]

 

تحرير: مولانا محمد جواد عسڪري

مهاڳ:

لفظ تفسير لغت ۾ (فسر) کان ورتو ويو آهي . جنهن جي معنى آهي بيان ڪرڻ، واضح ڪرڻ ۽ پردو هٽائڻ. عربي جي معروف ۽ مڃيل ڊڪشنري تاج العروس ۾ ان لفظ جي معنى ۾ آيو آهي

(الفسر الابانة و کشف المغطّي)

يعني لفظ فسر جي معنى آهي ظاهر ڪرڻ ۽ پردو هٽائڻ.(۱)

تفسير جي اسلامي اصطلاحي معنى ڪجھ هن ريت آهي: هڪ اهڙو علم جيڪو قرآن جي ڏکين مطلبن ۽ معنائن کي چٽو ۽ روشن ڪري.

اهل سنت جو برک عالم دين زرڪشي لکي ٿو: تفسير هڪ اهڙو علم آهي جنهن جي ذريعي الله جي نبي تي نازل ٿيل ڪتاب جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. ۽ ان علم جي ذريعي ان جون معنائون واضح ٿين ٿيون ۽ سندس لڪل راز ۽ رمز وائکا ٿين ٿا.(۲)

شيعت جو معروف مفسر قرآن علامه طباطبائي تفسير جي اصطلاحي معنى ڪندي بيان فرمائي ٿو: تفسير يعني قرآني آيتن جي معنى بيان ڪرڻ ۽ انهن جي مقصد ۽ هدف کي واضح ڪرڻ. (۳)

ان مختصر تشريح مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته تفسير يعني اهڙو علم جيڪو الله تعالى جي پاڪ ڪتاب جي آيتن جي لڪل معنائن کي واضح ۽ چٽو ڪري.

هن مختصر ڪالم ۾ اسان تفسير جي تاريخ تي نظر وجهندا سين.

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم جي زماني ۾ تفسير

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم جي نبوت جي دور ۾ قرآن مجيد کي سمجهڻ لاءِ سندن اصحاب کانئس ئي قرآن مجيد جي مختلف آيتن جي وضاحت ۽ لڪل ۽ غير واضح معنائون پڇا ڪندا هيا ۽ خود پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم جي عادت هئي ته انهن جي پڇڻ کان اڳ ئي انهن لاءِ تلاوت، آيتن جي تشريح ۽ نازل ٿيڻ جو مقصد وغيرھ بيان فرمائيندا هئا. قرآن مجيد پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم کي اها ئي ذميداري سونپي هئي ته هو قرآن جي تفسير ڪن. جهڙي نموني هي آيت ڪريمه آهي:

يتلوا عليهم آياته و يزکّيهم و يعلّمهم الکتاب والحکمة،(۴)

ترجمو: انهن جي لاءِ قرآن جون آيتون پڙهي ٿو ۽ کين پاڪ ٿو ڪري ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جون ڳالهيون سيکاري ٿو.

رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم منظم طور تي ان علم جي بنياد رکي ۽ باقاعدھ طور تي ان علم جي چاهيندڙن لاءِ مدرسو کوليو. قرآني آيتن جي تفسير ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم ٻن طريقن کي استعمال ڪندا هيا. هڪ طريقو عمومي ۽ پبلڪ وارو ۽ ٻيو طريقو خصوصي ۽ منظم.

عمومي طريقي ۾ به پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم ٻن صورتن سان قرآن کي عوام لاءِ بيان فرمائيندا هئا.

۱_ زباني: يعني ڪنهن آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ ان جي زباني تشريح ڪندا هئا ۽ عوام جي ميڙاڪي ۾ ان کي بيان فرمائيندا هئا. کانئن ڪيتريون ئي حديثون ان موضوع تي نقل ڪيون ويون آهن جيڪي آيتن جي تفسير ۾ بيان ٿيل آهن.

۲_ عملي: هن طريقي موجب جنهن کي اسان وٽ رائج اصطلاح ۾ پريڪٽيڪلي طريقو به چئي سگهجي ٿو. پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم ڪجھ آيتن جي نازل ٿيڻ کان پوءِ انهن جي تشريح عملي طور تي ڪري ڏيکاريندا هئا. مثال طور جڏهن نماز جو حڪم هن آيت:

و اقيموا الصلواة… (۵)

۽ نماز قائم ڪريو.  جي ذريعي نازل ٿيو ته پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم اصحاب سڳورن کي حڪم ڏنو ته: صلّوا کما رايتموني اصلّي،(۶) ائين نماز پڙهو جيئن آءُ ٿو پڙهان.

يا حج جي باري ۾ جڏهن آيت نازل ٿي:

و لله علي الناس حج البيت،(۷)

ترجمو: الله جي لاءِ انسانن تي حج واجب آهي. ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم فرمايو:

خذوا عني مناسککم،(۸)

يعني حج ڪرڻ جو طريقو مون کان سکو.

۽ خصوصي طريقي ۾ پڻ پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلّم ٻن طريقن کي ڪتب آڻيندا هئا.

۱_ ٽولن جي صورت ۾ شاگرد ٺاهي انهن جي تربيت ڪرڻ: ان طريقي ۾ پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم آيت جي نازل ٿيڻ ۽ عوام لاءِ بيان ڪرڻ کان پوءِ ان جي خاص تفسير ڪرڻ لاءِ هڪ ٽولي جي چونڊ ڪندا هئا جنهن ۾ خاص صحابي جيئن: عبد الله بن مسعود، ابي بن ڪعب ۽ زيد بن ثابت وغيرھ شامل هئا. هنن اصحابن جو ٽولو خاص طور تي قرآني آيتن جي تفسير جو علم پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم وٽ سکندو هئو. (۹)

محمد بن جرير طبري لکي ٿو ته ابن مسعود کان نقل آهي ته چيائين: جڏهن اسان ڏھ آيتن جي تفسير سکي وٺندا هئا سين ته جيستائين ان کي پڪو ڪري ان تي عمل ڪونه ڪندا هئا سين تيستائين ٻين آيتن جي تفسير ڪونه سکندا هئا سين. (۱۰)

۲_ خاص شاگردن کي تعليم ڏيڻ: پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلّم پنهنجي صحابين ۾ سڀن کان وڌيڪ اهميت مولا علي عليه السلام کي ڏيندا هئا. صرف تفسير نه بلڪه تمام علوم ۾ کيس مقدم رکندا هئا تاڪه ان کان پوءِ الاهي ۽ لدني علم جو مالڪ مولا علي عليه السلام پاڻ هجي.

مولا علي عليه السلام فرمائن ٿا: رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم تي جيڪا به آيت نازل ٿي آهي اها مون لکي آهي ۽ رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم ڪا آيت نه ڇڏي جنهن جي مون سان تفسير بيان نه ڪئي هجي. (۱۱)

مولا علي عليه السلام هڪ ٻئي ڊگهي روايت ۾ فرمائن ٿا: مان هر ڏينهن ۽ هر رات ۾ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم وٽ ويندو هئس ۽ اسان ٻن کان علاوھ ٻيو ڪير نه هوندو هئو ۽ سڀني صحابين کي اها خبر هئي ته مون وانگر ڪو به صحابي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم سان اهڙي ريت خلوت نه ڪندو هئو. ڪڏهن هو پاڻ منهنجي گهر ايندا هئا ۽ ڪڏهن آءُ سندن گهر ويندو هئس ۽ جڏهن مان سندن گهر ويندو هئس ته پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم اسان جي درميان پنهنجي گهروارين کي به اچڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. پر جڏهن پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم منهنجي گهر ايندا هئا ته فاطمه عليها السلام ۽ منهنجا ٻچڙا اسان سان گڏ ويهندا هئا. جڏهن به ڪو علمي مطلب کانئن پڇا ڪندو هئم ته جواب ڏيندا هئا ۽ جڏهن مطلب ختم ٿي ويندا هئا ته پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم نوان علمي مطلب بيان ڪرڻ شروع ڪندا هئا. ۽ ان کان پوءِ فرمايائون: جيڪا به آيت نازل ٿيندي هئي اها منهنجي لاءِ تلاوت ڪندا هئا ۽ مون کان لکرائيندا هئا، مان به پنهنجي هٿ سان لکندو هئس پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم منهنجي لاءِ ان آيت جي تاويل، تفسير، ناسخ ۽ منسوخ، محڪم ۽ متشابھ، خاص ۽ عام بيان فرمائيندا هئا. پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم دعا ڪئي ته الله سائين مون کي آيتن کي سمجهڻ ۽ حفظ ڪرڻ جي سگھ عطا ڪري ۽ جڏهن کان پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم منهنجي لاءِ دعا گهري ته ڪنهن به آيت جي تفسير وغيرھ مون کان ڪونه وسري. (۱۲)

پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم کان نقل ٿيل تفسيري حديثن جي تعداد

پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم جي دور ۾ تفسير جي مختلف طريقن کي نقل ڪرڻ کان پوءِ هي سوال پيش اچي ٿو ته پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم کان تفسير متعلق نقل ٿيل حديثن جي تعداد ڪيتري آهي؟

جلال الدين سيوطي پنهنجي ڪتاب الاتقان جي آخري بحث ۾ اڍائي سئو صحيح ۽ غير صحيح روايتون سندن کان نقل ڪري ٿو. ليڪن مجموعي طور تي پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم کان آيتن جي تفسير متعلق ڪيتريون روايتون نقل ٿيون آهن؟ ان بابت قرآني علوم ۽ تفسير جي عالمن ۽ دانشورن ۾ اختلاف آهي.

پهرئين نظرئي مطابق پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم تمام قرآني آيتن ۽ لفظن جي تشريح ڪري چڪا آهن ۽ ان نظرئي مطابق قرآن جون سڀ سورتون ۽ آيتون ان ۾ شامل آهن. ان نڪتي نظر جو دعويدار ابن تيميه آهي.

ٻئين نظرئي مطابق پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم قرآن جي ڪجھ آيتن جي تشريح ۽ تفسير بيان ڪئي آهي. ان نڪتي نظر جا حامي آيت الله خوئي ۽ سيوطي آهن ۽ انهن دليل طور لکيو آهي ته: پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم کان تفسير متعلق نقل ٿيل صحيح روايات جي تعداد تمام گهٽ آهي. (۱۳)

ٽئين نظرئي مطابق پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم اڪثر آيات جي تفسير ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته قرآن جون سڀ آيتون تفسير جون محتاج نه آهن. ۽ ڪجھ آيتون اهڙيون آهن جيڪي ٿوري غور ۽ فڪر سان سمجهي سگهجن ٿيون. جيئن:

و لا تقربوا الزنا،(۱۴)

زنا جي ويجهو نه وڃو. يا

و لا تقربوا مال اليتيم،(۱۵)

يتيم جي مال جي قريب نه وڃو. ۽ انهن آيتن جهڙيون ٻيون کوڙ ساريون آيتون جن کي سمجهڻ لاءِ تفسير جي ضرورت ئي ڪونه آهي.

هي نظريو اهل علم ۽ دانشمندن وٽ اهميت رکندڙ آهي ڇاڪاڻ ته عقل جي قريب آهي. ان نظرئي لاءِ دليل هي آهي ته پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم پاڻ کان پوءِ قرآن سان گڏ اهلبيت عليهم السلام جي ذات کي ماڻهن جي هدايت لاءِ مقرر ڪري ويا جيڪو ان ڳالھ تي دليل آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلّم اهو سمجهيو پئي ته سندن هن دنيا مان برقعو مٽائڻ کان پوءِ جيڪڏهن امت کي قرآن سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ته اهي حضرت علي عليه السلام ۽ آل علي عليهم السلام ڏانهن رجوع ڪن. ۽ پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلّم اڳواٽ ئي حضرت علي عليه السلام ۽ سندس ٻچڙن کي سڀن خدائي علمن ۽ رازن کان آگاھ ڪري چڪا هئا.

امام حسن مجتبي عليه السلام کان روايت نقل ٿي آهي ته فرمايائون: سڀ علم اسان اهلبيت وٽ آهن ۽ اسان اهلبيت ان جا حقدار آهيون، علم پنهنجي سڀني خاصيتن سان گڏ اسان وٽ موجود آهي، قيامت تائين جيڪو به واقعو پيش ايندو _ايتري تائين جو ڪنهن کل تي خارش جو نشان_ سڀ جو سڀ علي عليه السلام جي هٿن سان لکيل ۽ پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم جي ذريعي تصديق ٿيل اسان وٽ موجود آهي. (۱۶)

ان روايت مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته جيڪو به تفسير جي باري ۾ پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم کان رهجي ويو هجي اهو مولا علي عليه السلام ۽ سندس ٻچڙن بيان ڪيو آهي ۽ انهن جو قول اهو ئي پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلّم جو قول آهي. ۽ اهڙي ريت تفسير جي ميدان ۾ روايتن جو وڏو عدد هن وقت اسان وٽ موجود آهي، جيڪو قرآن سمجهڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو.

نتيجو: گذشته مطالب کان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلّم کان نقل ٿيل روايتون، سندن حديثون ۽ سندن سنت ڪريمه چاهي اصول دين ۾ يا فروع دين ۾ سڀ جون سڀ قرآن جي تفسير بابت آهن ۽ اهڙي ريت سندن برحق خليفن کان نقل ٿيل روايتون گهڻي مقدار ۾ اسان وٽ موجود آهن. قرآن جي عظيم ۽ برک عالم آيت الله هادي معرفت به ان ٽئين نظرئي کي اپنايو آهي. (۱۷)

آيت الله هادي معرفت پنهنجي نظرئي تي دليل ڏيندي فرمائن ٿا ته فقط عياشي سمرقندي جي تفسير ۾ سورت ڪهف تائين ٻه ۲ هزار ست ۷ سئو روايتون درج آهن. ۽ تفسير البرهان  ۾ جيڪا محدث بحراني لکي آهي سورنهن ۱۶ هزار روايتون ۽ تفسير نور الثقلين ۾ تقريبن ۴ هزار روايتون گڏ ڪيل آهن.

جاري آهي…

حوالا

۱ـ تاج العروس، جلد، ۷، صفحو ۳۴۹٫

۲ـ البرهان في علوم القرآن، جلد ۱، صفحو ۱۳٫

۳ـ تفسير الميزان، جلد ۱، صفحو ۴٫

۴ـ سورت جمعه، آيت ۲٫

۵ـ سورت بقره، آيت ۴۳٫

۶ـ بحار الانوار، جلد ۸۵، صفحو ۲۷۹٫

۷ـ سورت آل عمران، آيت ۹۷٫

۸ـ غوالي اللئالي، جلد ۱، صفحو ۲۱۵٫

۹ـ التفسير والمفسرون في ثوبه القشيب، جلد ۱، صفحو ۱۷۴

۱۰ـ جامع البيان، جلد ۱، صفحو ۲۷،۲۸٫

۱۱ـ الاحتجاج، جلد ۱، صفحو ۲۷۷٫

۱۲ـ اصول ڪافي، جلد ۱، صفحو ۶۲، حديث ۱٫

۱۳ـ الاتقان، جلد ۴، صفحو ۱۷۴٫

۱۴ـ سورت بني اسرائيل، آيت ۳۲٫

۱۵ـ سورت انعام، آيت ۱۵۲٫

۱۶ـ بحار الانوار، جلد ۴۴، صفحو ۱۰۰٫

۱۷ـ التفسير والمفسرون في ثوبه القشيب، جلد ۱، صفحو ۱۷۹٫

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*