المجتبي فائونڊيشن طلاب سنڌ طرفان پاڪستان ۾ مظلوم شيعن جي قتل جي مذمت عالمي خابرو ايجنسي اهل بيت نيوز ايجنسي ابنا جي رپورٽ مطابق مجمع جهاني اهلبيت ۾ پاڪستان جي صوبه سنڌ سان تعلق رکندڙ تنظيم المجتبي فائونڊيشن طلاب سنڌ جي صدر حجة الاسلام والمسلمين مولانا راشد علي چانڊيو پنهنجي پيغام ۾ داعش جي هٿان […]
المجتبي فائونڊيشن طلاب سنڌ طرفان پاڪستان ۾ مظلوم شيعن جي قتل جي مذمت
عالمي خابرو ايجنسي اهل بيت نيوز ايجنسي ابنا جي رپورٽ مطابق مجمع جهاني اهلبيت ۾ پاڪستان جي صوبه سنڌ سان تعلق رکندڙ تنظيم المجتبي فائونڊيشن طلاب سنڌ جي صدر حجة الاسلام والمسلمين مولانا راشد علي چانڊيو پنهنجي پيغام ۾ داعش جي هٿان شهيد ٿيندڙ شيعن جي شهادت تي تمام گهڻي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪندي سخت لفظن سان مذمت ڪئي
صدر محترم پنهنجي پيغام ۾ انهن واقعات کي دهشتگردي جي نئين لھر سان تعبير ڪندي اعلي حڪام کي اهڙي قسمن جي واقعات کي روڪڻ، ماڻهن جي جان، مال ۽ ناموس جي حفاظت جو مطالبو ڪيو ۽ وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان کان مطالبو ڪيو تہ هو ڪوئيٽه وڃي غمگين خاندانن کي تسلي ڏين.
ياد رهي ته پنج ڏينهن پهريان بلوچستان جي علاقي مڇ ۾ ۱۱ مزدورن کي بي رحمي سان ذبح ڪيو ويو هيو، جن جا وارث پنهنجي پيارن جا جنازا روڊ تي رکي احتجاج ڪري رهيا آهن.
هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن
ويب ڊويلپر : ساجد علي سبحاني