۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

موقعیت شما : صفحه اصلی » اسلام دين ڪامل
  • شناسه : 1230
  • 15 مَي 2020 - 11:38
  • 158 بازدید
  • ارسال توسط :
  • نویسنده : مولانا ساجد علي چانڊيو
وياج جا نقصان ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا

وياج جا نقصان ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا

مهاڳ: وياج وارو نظام اقتصادي، اخلاقي، سماجي، دنياوي ۽ اخروي مطلب ته هر حيثيت کان نقصانڪار آهي. وياج معاشري ۾ (چاهي معاشرو مسلمانن جو هجي يا غير مسلمانن جو) هڪ تمام وڏو جرم آهي جنهن جو تعلق هڪ ماڻهو سان نه بلڪه سڀني سان آهي. ان کان پهريان جو وياج جي دنياوي ۽ اخروي نقصانن […]

مهاڳ:

وياج وارو نظام اقتصادي، اخلاقي، سماجي، دنياوي ۽ اخروي مطلب ته هر حيثيت کان نقصانڪار آهي. وياج معاشري ۾ (چاهي معاشرو مسلمانن جو هجي يا غير مسلمانن جو) هڪ تمام وڏو جرم آهي جنهن جو تعلق هڪ ماڻهو سان نه بلڪه سڀني سان آهي.

ان کان پهريان جو وياج جي دنياوي ۽ اخروي نقصانن تي روشني وجهجي بهتر آهي ته هن جي مختصر تعريف ۽ تشريح ڪجي ته جيئن هن جي نقصانن سان گڏو گڏ ان جي حقيقت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ۽ فرق ٿي سگهي ته ڪهڙو ڪاروبار ۽ معاملو وياج آهي ۽ ڪهڙو نه.

وياج جي تعريف:

علامه راغب اصفهاني پنهنجي ڪتاب مفردات ۾ وياج جون ٻه لغوي معنائون بيان ڪيون آهن.

۱ـ گهڻو ٿيڻ ۲ـ اڀامڻ. جيئن قرآن ڪريم ۾ الله سائين جو فرمان آهي: ) و تري الارض هامدة فاذا انزلنا عليها الماءَ هتزت و ربت( (۱) ۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو پوءِ جڏهن مٿس پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀامي ٿي.

۽ شرعي اصطلاح ۾ وياج جي تعريف هي آهي ته قرضدار ڪنهن شخص کي (ڪجھ رقم يا جنس جيڪا ماپ يا وزن ڪري وڪڻي ويندي آهي) ڏئي پوءِ ڪجھ عرصي کان پوءِ ان کان هڪ اضافي رقم يا جنس سان گڏ ان قرض کي واپس وٺي مثال هزار روپيا يا ٻه مڻ ڪڻڪ قرض طور ڏئي ۽ ڪجھ عرصي بعد ۱۱۰۰ سئو روپيا يا ٽي مڻ ڪڻڪ واپس وٺي ته اهو وياج آهي جيڪو شريعت ۾ حرام آهي.

وياج جا قسم:

وياج جا ٻه قسم آهن ۱ـ ڪاروبار ۾ وياج. ۲ـ قرض ۾ وياج .

ڪاروبار ۾ وياج: يعني ٻن هڪ جهڙين شين ۾ معاملو ان انداز سان ته هڪ جنس ٻي جنس کان وڌيڪ ورتي وڃي مثال ٻه مڻ ڪڻڪ جي بدلي ٽي مڻ ڪڻڪ تي معاملو ڪيو وڃي.

قرض ۾ وياج: يعني ڪجھ رقم قرض طور ڏيڻ ۽ ڪجھ عرصي بعد ان سان گڏ وڌيڪ به وٺڻ مثال هزار روپيا قرض ڏئي ۽ يارنهن سئو وٺي.

قرآن ۽ روايتن ۾ وياج جو حرام هجڻ

دين اسلام ۾ وياج جو حرام هجڻ ڪنهن لاءِ به ڪا لڪي ڇپي ڳالهه ناهي پوءِ به قرآن ڪريم جي هڪ آيت ۽ هڪ روايت پيش ڪجي ٿي. الله سائين قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: )وَأَحَلَّ اللّهُ الْبَيْعَ وَحَرَّمَ الرِّبَا((۲) ۽ الله واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي.

حضرت امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: )إِنَّما حَرَّمَ اللّه عَز َّوَ جَلَّ الرِّبا لِئَلاّ يَذْهَبَ الْمَعْروفُ ((۳) الله سائين وياج کي فقط ان لاءِ حرام ڪيو آهي ته جيئن نيڪيون ختم نه ٿي وڃن.

وياج جا نقصان قرآن ۽ روايتن جي نظر ۾:

وياج جا تمام گهڻا نقصان آهن هت ڪجهه پيش ڪجن ٿا

وياج جا دنياوي نقصان

۱ـ وياج زندگي کي بي برڪت بڻائيندو آهي

وياج جا پئسا انسان جي زندگي کي خراب ڪندا آهن ڇو جو حرام آهن ۽ جڏهن به انسان جي زندگي ۾ حرام ايندو آهي اها زندگي الله سائين جي رحمت کان پري ۽ بي برڪت ٿي ويندي آهي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد ٿيو: )يَمْحَقُ اللّهُ الْرِّبَا وَيُرْبِي الصَّدَقَاتِ((۴) الله وياج کي برباد ڪري ٿو ۽ خيراتن کي وڌائي ٿو.

۲ـ وياج دين کي تباه ۽ برباد ڪندو آهي

هن آيت )يَمْحَقُ اللّهُ الْرِّبَا وَيُرْبِي الصَّدَقَاتِ( جي مفهوم تي توجھ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته وياج انسان جي دين کي تباه ۽ برباد ڪندو آهي. ڪنهن شخص امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اسان ڏسندا آهيون ته جيڪي وياج کائيندا آهن انهن جو مال گهٽجڻ بجاءِ وڌندو آهي جڏهن ته الله سائين فرمائي ٿو: مان وياج کي برباد ڪندو آهيان، امام عليه السلام جواب ڏنو: )فقال فَأَىُّ مَحْقٍ أَمْحَقُ مِنْ دِرْهَمِ رِبا يَمْحَقُ الدّينَ فَإِنْ تابَ مِنْهُ ذَهَبَ مالُهُ وَ افْتَقَرَ((۵) وياج جي هڪ درهم کان وڌيڪ اهڙي ڪهڙي نابودي آهي جيڪا دين کي نابود ڪندي آهي جو اگر (وياجي ) توبه به ڪري پوءِ به دولت ان جي هٿن مان ويندي ۽ فقير(ڪنگال) ٿي ويندو.

۳ـ وياج سخت ترين عذاب (قتل ) جو حقدار بڻائيندو آهي

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي هڪ صحابي ابو بصير امام عليه السلام کان سوال ڪيو: مولا اهڙو شخص جنهن کي خبر آهي ته وياج حرام آهي پوءِ به وياج کائي ٿو اُن لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟ امام عليه السلام جواب ڏنو: )يُؤَدَّبُ فَاِنْ عادَ اُدِّبَ فَاِنْ عادَ قُتِلَ((۶) ان شخص کي تنبيھ ڪئي ويندي ۽ اگر وري به وياج ورتائين ته پوءِ به کيس تنبيھ ڪئي ويندي ۽ اگر ٽئين ڀيري به وياج ورتائين ته کيس قتل ڪيو ويندو.

۴ـ وياج، انسان جي شرافت ۽ حيا کي ختم ڪندو آهي

پاڻ سڳورا صه حضرت علي عليه السلام کي وصيت ڪندي فرمائن ٿا: اي علي وياج جا ستر حصا آهن انهن حصن مان سڀ کان سولو ان وانگر آهي ته ڪو شخص الله سائين جي گهر ۾ پنهنجي ماءُ سان زنا ڪري. (۷)  اهڙي قسم جي روايت حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان به ملي ٿي.

۵ـ وياجي الله سائين جي لعنت جو حقدار بڻجي ٿو

پاڻ سڳورا صه جن فرمائن ٿا  )إِنَّ اللَّهَ عَزَّ وَ جَلَّ لَعَنَ آكِلَ الرِّبَا وَ مُؤْكِلَهُ وَ كَاتِبَهُ وَ شَاهِدَيْهِ( (۸) الله سائين لعنت ڪئي آهي وياج کائڻ واري، ڏيڻ واري، ۽ لکڻ واري ۽ ان جي شاهدن تي.

۶ـ وياج کائڻ کان نه مڙڻ بي ايماني جي نشاني ۽ الله ۽ رسول سان جنگ جوٽڻ آهي

الله سائين قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: )يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اتَّقُواْ اللّهَ وَذَرُواْ مَا بَقِيَ مِنَ الرِّبَا إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ*فَإِن لَّمْ تَفْعَلُواْ فَأْذَنُواْ بِحَرْبٍ مِّنَ اللّهِ وَرَسُولِهِ وَإِن تُبْتُمْ فَلَكُمْ رُؤُوسُ أَمْوَالِكُمْ لاَ تَظْلِمُونَ وَلاَ تُظْلَمُونَ( (۹) اي ايمان وارو الله کان خوف کائو ۽ جيڪو وياج باقي رهيو آهي سو جيڪڏهن اوهين سچا (۽ خالص) مومن آهيو ته ڇڏي ڏيو. پوءِ جيڪڏهن (ايئن) نه ڪيَوَ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوهان کي جنگ جي سُڌ هجي ۽ جيڪڏهن توبه ڪيَوَ ته اوهان لاءِ اوهان جي مالن جي موڙي آهي، نڪي ڪنهن تي زبردستي ڪيو ۽ نڪي اوهان تي زبر دستي ڪئي ويندي.

۷ـ وياج معاشري ۾ ڏڪار آڻيندو آهي

جنهن معاشري ۾ وياج جو رواج ٿي وڃي ته معاشري جي بربادي ۽ ڏڪار لاءِ هي وياج ئي ڪافي آهي پاڻ سڳورا صه فرمائن ٿا: )هر اُها جماعت جنهن ۾ وياج جو رواج ٿي وڃي ڏڪار ۾ پئجي ويندي آهي( هي وياج ئي سبب بڻبو آهي ته دولت بئنڪن ۾ پئي هجي ۽ ڏڪار غريب ماڻهن کي ماري وجهي انهن جي زندگي مان خوشي کڻي وٺي، مزدور ۽ محنت ڪش پنهنجي زندگي ڏکيائي ۾ گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ۽ هوڏانهن وري وياجي آسودا ٿيندا وڃن.

وياج جا اخروي نقصان

وياج وڏن گناهن منجهان هڪ وڏو گناه آهي الله سائين جيڪي عذاب وڏن گناهن لاءِ مقرر ڪيا آهن اُهي سڀ جا سڀ وياجي لاءِ پڻ آهن، انهن عذابن کان علاوه به ڪيئي اهڙا عذاب آهن جيڪي انسان تي آخرت ۾ِ نازل ڪيا ويندا.

۸ـ وياجي قبرن کان چريا ٿي اٿندا

وياجي جڏهن پنهنجن قبرن کان اٿندا ته چريا ٿي اٿندا انهن جا حواس ڪم نه ڪندا ۽ انهن جي حالت ائين هوندي جيئن اُن شخص جي هوندي آهي جنهن کي شيطان پنهنجي اثر سببان چريو بڻائي ڇڏيو هجي قرآن ڪريم ۾ آهي: )الَّذِينَ يَأْكُلُونَ الرِّبَا لاَ يَقُومُونَ إِلاَّ كَمَا يَقُومُ الَّذِي يَتَخَبَّطُهُ الشَّيْطَانُ مِنَ الْمَسِّ ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُواْ إِنَّمَا الْبَيْعُ مِثْلُ الرِّبَا وَأَحَلَّ اللّهُ الْبَيْعَ وَحَرَّمَ الرِّبَا فَمَن جَاءهُ مَوْعِظَةٌ مِّن رَّبِّهِ فَانتَهَىَ فَلَهُ مَا سَلَفَ وَأَمْرُهُ إِلَى اللّهِ وَمَنْ عَادَ فَأُوْلَـئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ( (۱۰) جيڪي وياج کائن ٿا، سي (قيامت ۾ قبرن مان) رڳو اُنهيءَ (ماڻهوءَ) جي اٿڻ جهڙو اٿندا جنهن کي شيطان اثر سببان چريو ڪيو هجي، اهو هن ڪري آهي جو اُهي (وياجي) چون ٿا ته واپار وياج جهڙو ئي ته آهي، هوڏانهن الله واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي، پوءِ جنهن کي پنهنجي پالڻهار وٽان نصيحت (منع) آئي آهي ۽ (وياج وٺڻ) ڇڏيائين تن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائون سو (هينئر) معاف آهي ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانهن (سونپيل) آهي ۽ جن هي عادت نه ڇڏي سي دوزخي آهن اُهي منجهس سدائين پيا رهندا.

هتي هڪ ٻئي ڳالهه به توجهه جي قابل آهي ته قرآن ڪريم جتي وياج کائڻ وارن جو هي انجام ٻڌايو آهي ته هو محشر جي ڏينهن پنهنجي قبرن کان اٿندا ته چرين وانگر انهن جا حواس ڪم نه ڪندا، اُتي هي به ٻڌايو آهي ته هي ان لاءِ ٿيندو جو هڪ ته اهي وياج خور هئا جيڪو حرام آهي، ٻيو ته وياج تي اصرار ۽ ضد به ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته تجارت به ته وياج وانگر آهي  جڏهن ته الله سائين هن تجارت کي حلال ۽ وياج کي حرام قرار ڏنو آهي انهن کي ڪرڻ ته ايئن گهرجي ها ته الله سائين جي حڪم کي بغير ٽال مٽول جي قبول ڪن ها، الله سائين جي حلال ڪيل کي حلال سمجهڻ ۽ حرام ڪيل کي حرام سمجهڻ ئي ايمان ۽ دين اسلام جي عين تقاضا مطابق آهي  ۽ اها ئي سچي مومن جي نشاني آهي، ڇو جو الله سائين جا سڀ حڪم بر حق ۽ مصلحتن سان ڀريل هوندا آهن. چاهي انهن تائين انسان جو عقل پهچي يا نه.

۹ـ وياجي جي محشر ۾ حالت

وياجي محشر ۾ ان حالت ۾ ايندا جو انهن جا منهن هيٺ ۽ پير مٿي هوندا. تفسير ثعلبي، ڪشاف، بيضاوي ۽ طبري ۾ ذڪر آهي ته معاذ بن جبل هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ ابو ايوب انصاري جي گهر ۾ هئا ته هي آيت نازل ٿي: )يَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا((۱۱) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي حاضر ٿيندؤ. ته معاذ پاڻ سڳورن صه کان سوال ڪيو پاڻ سڳورن صه فرمايو: اي معاذ اهڙي شيءَ جي باري ۾ سوال ڪيو اٿئي جيڪا ٻين کان وڌيڪ اهميت واري آهي، پاڻ سڳورن صه جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا ۽ فرمايائون: قيامت ۾ منهنجي امت منجهان ڏهه گروه مختلف شڪلن ۽ ان حالت ۾ ايندا جو انهن جا منهن هيٺ ۽ پير مٿي هوندا. انهن منجهان هڪ ٽولو وياجين جو هوندو جيڪي حرام کائڻ ۽ وياج کائڻ سبب سوئر جي شڪل ۾ محشور ٿيندا.

۱۰ـ وياجي جي جاءِ دوزخ آهي

الله سائين قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: ) فَمَن جَاءهُ مَوْعِظَةٌ مِّن رَّبِّهِ فَانتَهَىَ فَلَهُ مَا سَلَفَ وَأَمْرُهُ إِلَى اللّهِ وَمَنْ عَادَ فَأُوْلَـئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ((۱۲) پوءِ جنهن کي پنهنجي پالڻهار وٽان نصيحت (منع) آئي آهي ۽ (وياج وٺڻ) ڇڏيائين تن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائون سو (هينئر) معاف آهي ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله تي (سونپيل ) آهي ۽ جن هي عادت نه ڇڏي سي دوزخي آهن، اهي منجهس سدائين پيا رهندا.

هن آيت ۾ جتي وياج جي حرام هجڻ کي ڄاڻڻ کان پوءِ ان کان دوري ڪرڻ واري لاءِ هي خوش خبري آهي ته توبه ڪري ۽ وياج جي ڪاروبار کي ڇڏي ڏئي ته اڳي جيڪو ان وياج جو ڪاروبار ڪيو سو الله سائين کيس معاف ڪندو ته اتي توبه نه ڪرڻ واري لاءِ هي واعدو به آهي ته وياج جي ڪاروبار کي نه ڇڏڻ واري لاءِ دوزخ آهي جنهن ۾ هميشه رهندا.

وياج کان بچاءُ جا طريقا

وياج کان بچاءُ جا طريقا تمام گهڻا آهن هت ڪجهه پيش ڪجن ٿا

۱ـ الله سائين کان ڊڄڻ

الله سائين قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: )يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اتَّقُواْ اللّهَ وَذَرُواْ مَا بَقِيَ مِنَ الرِّبَا إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ((۱۳) اي ايمان وارو الله کان ڊڄو ۽ جيڪو وياج باقي رهيو آهي سو جيڪڏهن اوهين سچا (۽ خالص) مومن آهيو ته ڇڏي ڏيو.

وياج کان بچڻ جي هڪ راه الله سائين کان خوف کائڻ آهي جنهن انسان جي دل ۾ الله سائين جو خوف هجي اهو وياج کائيندو ئي نه ۽ اگر شيطان جي چوڻ ۾ اچي ڪري وياج کائي به ته باقي وياج کي ڇڏي ڏيندو. هتي هڪ ٻي ڳالهه به توجھ لائق آهي اها هي ته وياج کان منهن موڙڻ وارو اڪثر مومن ئي هوندو آهي، الله کان ڊڄڻ ۽ باقي وياج کي ڇڏڻ جي سگهه اڪثر مومنن ۾ ئي هوندي آهي.

۲ـ قيامت جي ياد

جڏهن انسان هن دنيا ۾ سوچ ويچار ڪري ته مان هن دنيا ۾ ان لاءِ آيو آهيان ته جيئن آخرت لاءِ ڪجهه ڪريان. مونکي آخرت ۾ اهو ئي ڪجهه ملندو جيڪو هت ڪيو هوندو ته پوءِ اها قيامت جي ياد انسان کي وياج کان بچائي سگهي ٿي، الله سائين سورت بقره ۾ وياج جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ قيامت جي يادگيري ڏياريندي فرمائي ٿو: ) وَاتَّقُواْ يَوْمًا تُرْجَعُونَ فِيهِ إِلَى اللّهِ ثُمَّ تُوَفَّى كُلُّ نَفْسٍ مَّا كَسَبَتْ وَهُمْ لاَ يُظْلَمُونَ((۱۴) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ اوهان کي الله ڏي موٽايو ويندو پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ڪمايو هوندائين تنهن جو پورو بدلو ڏبو ۽ انهن تي ظلم نه ڪبو. ۽ اهڙي ريت سورت آل عمران ۾ وياج جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ الله سائين قيامت جي يادگيري ڏياريندي فرمايو آهي: ) وَاتَّقُواْ النَّارَ الَّتِي أُعِدَّتْ لِلْكَافِرِينَ((۱۵) ۽ اُن باه کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

۳ـ الله سائين جي راه ۾ خرچ ڪرڻ

الله سائين قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: ) الَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَالَهُم بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ سِرًّا وَعَلاَنِيَةً فَلَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ…( (۱۶) جيڪي پنهنجا مال رات جو ۽ ڏينهن جو ڳجهو ۽ پڌرو (خدا جي راه ۾) خرچيندا آهن تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سندن اجر (۽ ثواب) آهي.

انسان بجاءِ ان جي جو ماڻهن کان وياج جا پيسا وٺي، مال کي الله سائين جي واٽ ۾ خرچي ۽ الله کان نفعو وٺي.

۴ـ ڀلا ڪم انجام ڏيڻ

ڀلا ڪم انجام ڏيڻ جيئن: نماز پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ وغيره، سان وياج کان بچي سگهجي ٿو. ڇو جو الله سائين سورت بقره ۾ وياج جي منع ڪرڻ وارين آيتن کان پوءِ فرمائي ٿو: ) إِنَّ الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ وَأَقَامُواْ الصَّلاَةَ وَآتَوُاْ الزَّكَاةَ لَهُمْ أَجْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ وَلاَ خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلاَ هُمْ يَحْزَنُونَ((۱۷) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙهيائون ۽ زڪوات ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سندن ئي اجر آهي ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آهي ۽ نڪي اهي غمگين رهندا. بس جيڪو شخص به ڀلن ڪمن کي انجام ڏيندو ته برائين کان به بچندو ۽ الله سائين وٽان اجر به پائيندو .

۵ـ دنيا جي محبت دل مان ڪڍڻ

الله سائين قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: ) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَأْكُلُواْ الرِّبَا أَضْعَافًا مُّضَاعَفَةً وَاتَّقُواْ اللّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ((۱۸) اي ايمان وارو (اوهين) وياج چاڙهي وڌائي نه کائو ۽ الله کان ڊڄو ته جيئن اوهين ڇوٽڪارو لهو.

انسان وياج ان لاءِ به کائيندو آهي ته جيئن ان جو مال وڌي قرآن ڪريم به انسان جي ان فطرت ڏي اشارو ڪيو آهي ته وياج چاڙهي وڌائي نه کائو. انسان جي دل ۾ هي دولت جي محبت ئي آهي جيڪا کيس مجبور ڪندي آهي ته هو وياج کائي بس وياج کان بچڻ لاءِ هي دنيا جي محبت دل مان ڪڍي تڏهن ئي فلاح پائيندو. آخر ۾ الله سائين جي بارگاه ۾ دعا آهي ته اسان کي وياج جهڙي موذي مرض کان بچائي.

حوالا

۱ـ سورت حج آيت:۵

۲ـ سور تبقره ايت ۲۷۵

۳ـ من لا يحضره الفقيه ج ۱۳، ص ۵۶۶، ح ۴۹۳۶

۴ـ سوره بقره : آيه ۲۷۶

۵ـ تهذيب الاحڪام :ج ۷ ص ۱۹ حديث ۶۵

۶ـ ڪافي (ط. اسلامي) ج۷ ص ۲۴۲ حديث ۹

۷ـ وسائل الشيعه: ج ۱۲ص ۴۲۲

۸ـ من لايحضره الفقيه: ج ۴ ص ۸ حديث ۴۹۶۸

۹ـ سورت بقره آيت ۲۷۸ ۽ ۲۷۹

۱۰ـ سورت بقره آيت ۲۷۵

۱۱ـ سورت نباء آيت ۱۸

۱۲ـ سورت بقره آيت ۲۷۵

۱۳ـ سورت بقره آيت ۲۷۸

۱۴ـ سورت بقره آيت ۲۸۱

۱۵ـ سورت آل عمران آيت ۱۳۱

۱۶ـ سورت بقره آيت ۲۷۴

۱۷ـ سورت بقره آيت ۲۷۷

۱۸ـ سورت آل عمران آيت ۱۳۰

برچسب ها

این مطلب بدون برچسب می باشد.

1 دیدگاه

  1. ماشاءَ الله بهترين تحرير آهي، مولا اوهان کي سلامت رکي.

پاسخ دادن

ایمیل شما منتشر نمی شود. فیلدهای ضروری را کامل کنید. *

*