۞ امام محمد باقر (ع):
بيشڪ پنهنجي ديني ڀاءُ بابت اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا ان ۾ موجود نه آهي مٿس تهمت ۽ بهتان آهي. تحف العقول صفحو 295

اوهان آهيو : مکيه صفحو » عالم سڳورا
  • آءِ ڊي : 1461
  • 31 ڊسمبر 2020 - 22:14
  • 11 بازدید
  • موڪليندڙ :
  • ليکڪ : حجة السلام مولانا افتخار علي سولنگي
آيت الله شيخ محمد تقي بهجت قدس سره

آيت الله شيخ محمد تقي بهجت قدس سره

تحرير: حجة السلام مولانا افتخار علي سولنگي مرحوم آيت الله شيخ محمد تقي بهجت قدس سره ۱۳۳۴ هه.ش تي گيلان جي فومن شهر ۾ پيدا ٿيا. پنهنجي ابتدائي ديني ۽ دنيوي تعليم پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪيائون ۽ پوءِ ۱۳۴۸ هه.ش ۾ پهرين ڪربلا ۽ پوءِ نجف اشرف ۾ ديني علوم حاصل ڪرڻ شروع […]

تحرير: حجة السلام مولانا افتخار علي سولنگي

مرحوم آيت الله شيخ محمد تقي بهجت قدس سره ۱۳۳۴ هه.ش تي گيلان جي فومن شهر ۾ پيدا ٿيا. پنهنجي ابتدائي ديني ۽ دنيوي تعليم پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪيائون ۽ پوءِ ۱۳۴۸ هه.ش ۾ پهرين ڪربلا ۽ پوءِ نجف اشرف ۾ ديني علوم حاصل ڪرڻ شروع ڪيا ۽ آيت الله سيد ابو الحسن اصفهاني، آيت الله ضياء عراقي، مرزا نائيني، آيت الله سيد علي قاضي طباطبائي ۽ ٻين وٽ ڪسب علم ڪيو. ۱۳۶۳ هه.ش تي ايران واپس اچڻ کانپوءِ آيت الله حجت ڪوهه ڪمري ۽ آيت الله بروجردي جي محضر ۾ حاضر ٿيا. آيت الله شيخ محمد تقي بهجت پنهنجي دور جا وڏا عارف هئا سير ۽ سلوڪ جي اعلى منازل کي درڪ ڪيائون. پاڻ هڪ مرتبو فريائون ته ” الله سائين جي ڏنل نعمتن منجهان هڪ نعمت اها آهي ته آءُ جيئن سامهون ظاهري اکين سان ڏسان ٿو ائين پٺئين پاسي به ڏسي سگهان ٿو”. انهن جو هڪ  وڏو معنادار قول آهي ته “جيتري قدر علم رکو ٿا اوترو عمل ڪيو.“

پاڻ ۲۷ ارديبهشت ۱۳۸۸ هه.ش تي هن دار فاني کي الوداع چيائون. سندن قبر قم ۾ حضرت معصومه سلام الله عليها جي روضي ۾ بالاي سر نالي جڳهه تي آهي.

اھم لفظ

جواب ڏيڻ

اوھان جي ايميل ظاھر نه ٿيندي. ضروري خانا ڀريو. *

*