۞ امام رضا (ع) فرمايو:
نيڪ عمل ۽ عبادت لاءِ جاکوڙ کي آل محمد عليهم السلام جي محبت جي ڀروسي تي ڇڏي نه ڏيو. اهڙي ريت عبادت جي ڀروسي تي آل محمد عليهم السلام جي محبت کي ڇڏي نه ڏيو. ڇو جو انهن مان ڪو به عمل ٻي کان سواءِ قبول نه ڪيو ويندو. بحارالانوار، جلد 75، صفحو 347.

موقعیت شما : صفحه اصلی » اخبار
  • شناسه : 205
  • ۰۸ مرداد ۱۴۰۰ - ۱۷:۴۶
  • 179 بازدید
  • ارسال توسط :
  • نویسنده : حجة الاسلام مولانا سرفراز مهدي چانڊيو
خطبه غدير جا اهم نڪتا

خطبه غدير جا اهم نڪتا

عربستان جي سنگلاخ وادين ۾ انسان نما وحشي درندن جي وچ ۾ جڏهن رب جي رحمت جو ڪرشمو، الله جي آخري نبي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه و آله وسلم جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ته هر پاسي نور ئي نور ظاهر ٿيو. فضيلت جا معيار ۽ انساني اقدار ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا، قرآن […]

عربستان جي سنگلاخ وادين ۾ انسان نما وحشي درندن جي وچ ۾ جڏهن رب جي رحمت جو ڪرشمو، الله جي آخري نبي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه و آله وسلم جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ته هر پاسي نور ئي نور ظاهر ٿيو. فضيلت جا معيار ۽ انساني اقدار ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا، قرآن جي زبان ۾ واضح گمرا هي ۾ رهندڙ قوم خير الامم بڻجڻ شروع ٿي وئي الله جي رسول پنهنجي سيرت ۽ عمل وسيلي هڪ اهڙي جامع نظام (اسلام) جو بنياد وڌو جيڪو ڏهاڙي قيامت تائين هر انسان جي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ عظيم، جامع ۽ رب جو پسنديده نظام رهندو.

جنهن نظام ۾ الله جي عبادت ۽ مخلوق جي خدمت جا مڙئي خدائي معيار شامل آهن، عزت جو معيار قوم، ڪٽنب، قبيلو، خاندان، يا علائقو نه بلڪه علم، تقوا، جهاد ۽ انساني اقدار آهن. جنهن ۾ شامل آهن نماز، روزو، حج، زڪات، خمس، نيڪي جي هدايت، برائين کان روڪ، غريبن سان ڀلائي،  مائٽن سان ڇڱائي،  پاڙيسرين جي حقن جو خيال، هر هڪ سان محبت سان پيش اچڻ، جنگ ۾ به عدالت جو قيام،  مطلب زندگي جو پورو وهنوار ڀلي نموني هلائڻ جو عملي انتظام ڪندي اها گھڙي به اچي پهتي جو رسول کي ٻڌايو ويو ته هي حج تنهنجو آخري حج آهي، ان دين ۽ نظام جنهن جو بنياد وڌو اٿئي، ان جي حفاظت جو انتظام قيامت تائين ڪرڻ لاءِ ان نظام جي والي ۽ پنهنجي جانشين جو اعلان عام مجمعي ۾ ڪر ان اعلان کان بعد ئي تنهنجو نظام ڪامل ٿيندو  ان موقعي تي الله جي رسول حج کان واپسي تي غدير نالي (مڪي ۽ مديني لاءِ جدا ٿيندڙ) ٻه واٽي تي تفصيلي خطبو پيش ڪيو جنهن ۾ موجود اهم نڪتا قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.

رڳو هڪ ڳالھ ته اسلامي متون ۾ ان ڏينهن جي تمام گھني فضيلت بيان ٿيل آهي جن منجھان ان ڏينهن روزو پوري ڄمار جي روزن برابر، هڪ مومن کي کاڌو کارائڻ ڄڻ الله جي نبي کي پنهنجو مهمان بنائڻ ۽ مومن کي مبارڪ ڏيڻ رب جي رضا جو وسيلو آهي.

۱ـ توحيد:

خطبي جو پهريون حصو پالڻهار جي وحدانيت بابت عظيم ۽ پر معنا عبارتن تي مشتمل آهي جنهن ۾ الله جي جي عظمت ۽ بزرگي، سندس علم ۽ قدرت، مڙني امور جي ان ڏانهن  واپسي (يا شين جو انجام) انسان ۽ هن جهان ۾ رب جي  قدرت جا آثار، رب جو عذاب ۽ انتقام، خدائي حمد ۽ واکاڻ کي هر حال ۾ بيان ڪرڻ، سندس حقيقت کي سمجھڻ کان لاچاري ۽ رب جي عظمت آڏو نياز ۽ نوڙت جو حڪم بيان ٿيل آهي.

۲ـ رسول الله جي نبوت:

۱: مڙني مخلوقات، اهل آسمان ۽ زمين وارن مٿان مان رب جي حجت آهيان، ان رب جي حڪم سان منهنجي ڪلام ۾ ڪا به تبديلي ناهي، گذريل رسولن ۽ نبين منهنجي بشارت ڏني آهي.

۳ـ جيستائين خدا نه چاهي ڪنهن وٽ به ڪو به علم ناهي.

۴ـ علي ابن ابي طالب جي ولايت:

پالڻهار علي عليه السلام کي توهان مٿان امام ۽ اختيار جو صاحب  بڻايو آهي، جنهن جنهن جو مان صاحب اختيار ۽ مولا آهيان ان ان جوعلي به مولا ۽ صاحب اختيارآهي. پالڻهار توهان جي دين کي امامت وسيلي ڪامل ڪيو آهي، علي جي ڳالھ ٻڌو ته جيئن سلامتي ماڻيو، سندس اطاعت ڪيو  ته جيئن هدايت حاصل ڪيو، ان جي روڪيل شين کان رڪجي وڃو ته جيئن ترقي ۽ اوسر واري واٽ تي رهي سگھو، سندس ارادي جي پوئلڳي ڪيو ته جيئن مختلف واٽون اوهان کي منحرف نه ڪري سگھن.

۴ـ ٻارهن امامن جو تذڪرو:

مان پالڻهار جي سڌي واٽ (صراط مستقيم) آهيان، جنهن تي هلڻ جو اوهان کي فرمان ڏنو ويو آهي ، ۽ مونکان بعد علي، تنهن بعد سندس نسل منجھان منهنجا فرزند آهن جيڪي حق طرف هدايت ڪندڙ امام آهن.

امامت منهنجي نسل ۾ علي جي اولاد منجھان آهي جيڪا قيامت جي ڏينهن الله ۽ ان جي رسول سان ملاقات تائين جاري رهندي، حلال اهو آهي جنهن کي الله، سندس رسول ۽ ٻارهن امام حلال سمجھن، حرام اهو آهي جنهن کي هي حرام سمجھن.

۵ـ اهل بيت جا فضائل :

توهان جو پيغمبر، بهترين رسول،  ان جو جانشين ٻين سڀني جانشينن کان افضل ۽ ان جا فرزند بهترين جانشين آهن، خدائي نور مون ۾، پوءِ علي ۾ تنهن بعد سندس نسل ۾ مهدي تائين قرار ڏنو ويو آهي.

۶ـ امير المومنين عليه السلام جا فضائل

علي امام مبين ۽ امام متقين آهي. رب جي رضا جي ڪا به آيت نازل ناهي ٿي سواءِ علي عليه السلام جي، علي پالڻهار جي واعدن جي جاءِ آهي.  علي پالڻهار وٽ اهڙن فضائلن جو حامل آهي جن کي رب قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪيو آهي. ۽ اهي ايترا ته گھڻا آهن جن کي مان هڪ مجلس ۾ ڳڻي نٿو سگھان.

۷ـ امير المومنين جو لقب

منهنجي هن ڀاءُ علي عليه السلام کان سواءِ ڪير به مومنن جو امير ناهي، ۽ مون کان بعد مومنن جي اميري ۽ سرداري هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ به جائز ناهي کيس امير المومنين جي عنوان سان سلام ڪندا رهو.

۸ـ اهل بيت جو علم:

ڪو به اهڙو علم ناهي جيڪو خدا مونکي نه سيکاريو هجي، ۽ ڪو به اهڙو علم ناهي جيڪو مون علي کي نه سيکاريو هجي، پالڻهار مونکي ڪجھ شين جو حڪم (امر)  ڏنو آهي ۽ ڪجھ کان منع (نهي)  ڪئي آهي ۽ مان به علي کي اهي امر ۽ نواهي ٻڌايون آهن، تنهن ڪري ان جي حڪم کي رب جو حڪم ۽ ان جي روڪڻ کي رب طرفان نهي سمجھو.

۹ـ حضرت مهدي

خدائي نور مون ۾ ، مونکان پوءِ علي ۾ تنهن بعد سندس نسل ۾ حضرت مهدي تائين رکيو ويو آهي، هو مڙني دينن تي غالب، ظالمن کان انتقام وٺندڙ، قلعا فتح ڪندڙ، مشرڪن مٿان غالب، ناحق وهيل خونن جو پلاند وٺندڙ، خدائي دين جو مددگار، علمن جو وارث، خدائي آيتن کي محڪم بنائيندڙ، ، هي اهو آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪم سونپيا ويا آهن ، گذشته امتن به ان جي بشارت ڏني آهي،  هو خدا جي باقي رهندڙحجت، زمين تي سندس ولي، ۽ ان جي هر ظاهر ۽ باطن جو امانتدرآهي .

۱۰ـ اهلبيت جا محب ۽ شيعا

پالڻهار هر انسان کي جيڪو علي جي ڳالھ ٻڌي ۽ سندس اطاعت ڪري بخشي ڇڏيندو،  پالڻهار هر ان انسان سان محبت ڪري جيڪو علي سان محبت ڪري، متقي انسان کان علاوه ڪير به علي سان محبت نه ڪندو، ۽ خلوص واري مومن کان سواءِ ڪير به مٿس ايمان نه آڻيندو، جيڪي انسان  علي جي ولايت ، بيعت ۽ علي مٿان اميرالمومنين جي عنوان سان سلام ڪرڻ ۾ پهل ڪندا  اهي ڪامياب آهن ۽ نعمتن سان سرشار بهشت ۾ ويندا.

۱۱ـ اهلبيت جا دشمن

علي جا دشمن اهي انسان آهن جن بابت قرآن مجيد ۾پالڻهار بيان فرمايو آهي (سوره منافقون)…

۱۲ـ اتمام حجت:

هتي حاضر، غائبين تائين، پيئر پنهنجي پٽن تائين،  (غدير جي واقعي کي) قيامت تائين پهچائيندا رهن، سڀني کان ڀلي نيڪي جو حڪم هي آهي ته منهنجي ڳالھ چڱي نموني سکو، ۽ اهي جيڪي هتي حاضر ناهن انهن تائين پهچايو ۽ انهن کي منهنجو حڪم قبول ڪرڻ ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ کان روڪيو.

۱۳ـ بيعت

مان ذميوار آهيان ته توهان کان بيعت وٺان،  ۽ توهان کي (بيعت لاءِ) هٿ ڏيان، ان شي بابت جيڪا امير المومنين علي  ۽ ان کان بعد اوري امامن لاءِ رب جي طرفان نازل ٿي آهي، جو هو مون منجھان ۽ علي منجھان آهن، ۽ مهدي به انهن منجھان آهي جيڪي علي جي بيعت ۾ پهل ڪندا اهي ڪامياب آهن.

۱۴ـ خدا جو قسم ڪڏهن به ڪير قرآن جي بان جي تفسير بيان نه ڪندو سواءِ ان انسان جي جنهن جو مون هٿ پڪڙيو اٿم، .. هي علي ابن ابي طالب آهي.

۱۵ـ نماز ۽ زڪات

نماز قائم ڪيو، زڪات ادا ڪيو، ائين ، جيئن رب توهان کي حڪم ڪيو آهي.

۱۶ـ حج ۽ عمرو

حج ۽ عمرو الله جون نشانيون (شعائر الله ) آهن حاجين جي مدد ڪئي ويندي آهن ۽ هو جيڪو خرچ ڪندا آهن اهو انهن کي واپس ڪيو ويندو آهي، ڪامل دين ۽ معرفت سان الله جي گھر جو رخ ڪيو، ۽گناهن کان دوري ۽ توبه کان سواءِ  مقدس مقامن کان واپس نه ٿيو.

۱۷ـ نيڪين جي هدايت ۽ برائين کان منع

ڪا به نيڪي معصوم امام جي رهنمائي کان سواءِ نيڪي ناهي.

۱۸ـ تقوا، تقوا اختيار ڪيو، قيامت جي ڏينهن کان ڊڄو، موت، حساب. ميزان ۽ رب جي بارگاه ۾ حساب ڏيڻ ، ثواب ۽ عذاب کي ياد رکو.

خدايا اسان کي حقيقي معنا ۾ سيرت رسول سمجھڻ ۽ ان تي عمل جي توفيق نصيب فرماءِ.

برچسب ها

این مطلب بدون برچسب می باشد.

پاسخ دادن

ایمیل شما منتشر نمی شود. فیلدهای ضروری را کامل کنید. *

*