سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

هيڻن جو هڏ ڏوکي شهيد دوست علي چانڊيو

بابا سائين جي ياد
بسم الله الرحمن الرحيم
هيڻن جو هڏ ڏوکي شهيد دوست علي چانڊيو
ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي جو ميهڙ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مٿيون عاليوال ۾ ڌڻي بخش نالي هڪ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ انسان رهندو هئو. جنهن جو مختصر شجرو هن ريت آهي. ڌڻي بخش پٽ خدا بخش پٽ مصري فقير پٽ دولت فقير پٽ پيارو فقير پٽ سلطان فقير جنهن جو روضو اڏيل آهي ۽ شاهه گودڙيو درگاهه کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سندس درگاهه موجود آهي ۽ سوين ماڻهو سندس زيارت لاءِ ايندا آهن. سلطان فقير جو قبرستان هزارين قبرن تي مشتمل آهي. مشهور آهي ته سلطان فقير جي درگاهه ڀر سان ليلي چنيسر ۽ ڪونئرو جا گهر آهن. ڌڻي بخش کي قدرت واري ٽي پٽ عطا ڪيا. وڏي جو نالو دوست علي رکيائين ان کان ٻئين نمبر واري جو حاجي خان ۽ ٽئين نمبر جو نالو غلام حيدر رکيائين، جيڪو ننڍي هوندي ئي هڪ حادثي جو شڪار ٿي هي دنيا ڇڏي ويو. باقي رهيل ٻن پٽن دوست علي ۽ حاجي خان مان به اسان هتي صرف دوست علي بابت ٻه ٽي ڳالهيون بيان ڪندا سين. دوست علي هڪ نيڪ، صالح، اوطاقي، سمجهه ڀريو، يارن جو يار ۽ اجتماعي خدمت جي جذبي سان سرشار انسان هئو. جنهن جي اوطاق هر وقت مهمانن سان ڀريل رهندي هئي. اها مهمان نوازي سندس زندگيءَ منجهه ڏاڍيون برڪتون کڻي آئي. پاڻ هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ هڪ سکيو ستابو انسان هئو. غريبي جو زمانو به ڏٺائين پر پنهنجي محنت ۽ سياڻپ سان خدا کيس بخت کوليو. پنهنجي دور ۾ تعليمي لحاظ سان فائينل ڪيائين يعني ستون ڪلاس پاس ڪيائين. کيس ابتدا ۾ ايف پي (فرنٽيئر پروٽيڪٽ) بند تي بيلدار ڪري رکيو ويو. اتان جيڪي ٻه ڏوڪڙ ڪمايائين انهن کي سليقي سان خرچ ڪندي ڳوٺ ۾ هلڪو ڪاروبار شروع ڪيائين. خدا سندس روزيءَ ۾ برڪت وڌي. سندس ڪاروبار وڌيو جنهن مان زمينون ۽ مال خريد ڪيائين. مال ڀائيچاري تي ڏنائين جنهن ۾ به خدا ڏاڍي برڪت وڌي. ۽ زمينون آباد ڪرايائين. سندس سماجي خدمتن تي الڳ سان هڪ وڏي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.
مختصر اهو ته پوري علائقي جا ماڻهو کٽي ٽٽي مهل وٽس ايندا هئا ۽ پنهنجون مرادون ماڻي موٽندا هئا. خوشي غمي ۽ عيد وارن ڏهاڙن ۾ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ غريب خاندانن کي اناج ۽ ڪپڙا وٺي ڏيڻ سندس خدا ترسي ۽ وڏ ماڻهپ جو اعلي مثال آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي تر ۾ ايتري مشهوري ماڻيائين جو اسي واري ڏهاڪي جي مڪاني چونڊن ۾ تر جي وڏيري کي شڪست ڏيئي اتان جي سيٽ کٽيائين. پاڻ ٻه شاديون ڪيائين پهرئين گهر واري منجهان کيس ٻه پٽ جابر حسين ۽ نظير احمد ۽ ٽي نياڻيون ٿيون ۽ پوئين گهر واري مان کيس ٻه پٽ صابر حسين ۽ اشفاق حسين ۽ چار نياڻيون ٿيون.
سندس عبادت جو اهو عالم هوندو هئو جو ميهڙ تعلقي جي ڪاڇي واري وارياسي ۽ جابلو پٽي تي اونهاري ۾ باه جا شعلا ڀڙڪندي نظر ايندا آهن ۽ ماڻهو منٽ منٽ ۾ پياس جي شدت محسوس ڪرڻ لڳندا آهن پر ان شديد گرمي جي موسم ۾ به امڙ جي بقول بابا سائين رمضان جي برڪتن ۽ ۽ فيوض کان بهره ور ٿيندي روزو رکندا هئا ۽ گرمي جي شدت کان بچڻ لاءِ پاڻي جو ٿانو ڀري ان ۾ ويهي رهندا هئا.
شهادت جون گهڙيون
افسوس جو اهڙا انسان جلد ئي پنهنجي مالڪ سان ملاقات جا سانباها ڪندا آهن. ڀٽائي سرڪار جي بقول ته: گهوڙن ۽ گهوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.
1986 ع اسان جي خاندان مٿان ڏاڍو ڳرو ٿي گذريو. مارچ ۾ گهر جي سربراهه اسان جي ڏاڏا ڌڻي بخش هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ليڪن ان ۾ الله جي مصلحت هئي جو ڇهه 6 مهينا اڳ کيس پنهنجو مهمان بڻايائين ور نه ڇهه 6 مهينا بعد جيڪا مصيبت سندس اولاد مٿان آئي ان کي سهڻ سندس وس کان ٻاهر هئو.
ها دوستو ڏاڏا سائين جي وفات کي اڃا ڇهه مهينا ئي مس گذريا هئا جو اسان جي خاندان کي هڪ عظيم مصيبت سهڻي پئي. قصو هن ريت آهي ته بابا دوست علي جيئن اڳ به بيان ڪري آيا سين ته هڪ انسان دوست، ۽ فعال سماجي اڳواڻ هئو. قانون دوست هئو پاڻ به قانون جي پاسداري ڪندو هئو ٻين کي به اهو ئي درس ڏيندو هئو ۽ جتي اها ڳالهه گهڻن ماڻهن کي وڻندي هئي. ڪجهه ماڻهن لاءِ برداشت کان ٻاهر هئي. خاص ڪري جيڪي قانون جي نگاهه ۾ مجرم هئا. انهي زماني ۾ پوليس ڪاڇي واري پٽي ۾ هڪ آپريشن ڪيو جنهن ۾ ايوب ڪارو چانڊيو نالي هڪ مشهور ڌاڙيل کي ماريو. ان جي مائٽن اعتراض والاريو ته اسان جي همراهه کي دوست علي مارايو آهي. تنهن ڪري اچي اسان سان منهن مٿو ڪري ٻئي صورت ۾ اسان کيس دشمن تصور ڪندي کانئس انتقام وٺندا سين. بابا سائين ته صاف ماڻهو هئو ان چيو ڀلي اوهان امين ويهاريو ڳالهيون ڪريو اسان تي جيڪو ڏنڊ ڏوهه پيو اهو ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. انهن ڪجهه امين چونڊيا ۽ انهن وسيلي بابا سائين تائين پيغام پهچايائون ته اوهان ڪاڇي جي معروف درگاهه سلطان فقير وٽ اچو ته اتي ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪريون ٿا بابا سائين امن پسند هئو تنهن ڪري بغير ڪنهن جهجهڪ جي انهن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪاڇي جو رخ ڪيائين ڪجهه دوستن ۽ ساٿين کيس ان سفر کان روڪيو پر پاڻ ان سفر تي گهڻو اصرار ڪيائون جنهن سبب ئي چاچا سائين ۽ ٻيا عزيز ۽ مائٽ ساڻس گڏجي سلطان فقير درگاهه تي ويا. اتي درگاهه جي ڀر سان ماما سائين فقير نور محمد عرف نورل جي اوطاق هئي. بابا سائين پنهنجي سنگت ساٿ سان گڏ اوطاق تي وڃي ويٺو ته جيئن شڪايت ڪندڙ ڌر سان ڳالهين ذريعي معاملو صاف ڪري سگهجي. پر سامهون واري ڌر جي من ۾ شيطنت ۽ دشمني کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هئو. انهن ته بابا سائين کي گهرايو ئي ان ڪري هئو ته جيئن سندس پاڪ خون سان پنهنجا هٿ ڪارا ڪن. بابا سائين وارا چانهه پيئڻ ۾ مشغول هئا جو اوچتو ايوب ڪاري جا مائٽ هٿيارن سان اچي اوطاق تي ڪڙڪيا ۽ بابا سائين وارن تي هٿيارن جا منهن کولي ڏنائون. شديد فائرنگ سبب بابا سائين، چاچا حاجي خان، ماما فقير نور محمد عرف نورل ۽ ماسڙ سائين بخش شهيد ٿي ويا. دشمن اهو بيگناهه قتلام ڪرڻ کان پوءِ نعرا هڻندا هليا ويا ته اسان پنهنجو انتقام وٺي ڇڏيو. هڪ ئي گهر مان چار جنازا کڄڻ وارو منظر قيامت جو ڏيک ڏيئي رهيو هئو ان واقعي جو ٻڌندي ئي منهنجي ننڍي امڙ، منهنجي چاچي ۽ منهنجو سئوٽ غلام شبير ڏندڙجي بيهوش ٿي ويا. جنهن سبب انهن کي دائمي بيماري وڪوڙي وئي اڄ به ڪو ٺڪاءُ ٻڌندي ڏندڙجي بيهوش ٿي ويندا آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found