آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

شهيد راھ حق علامه الطاف حسين الحسيني

تحرير: نظير احمد بهشتي

سنڌ ڌرتي اهل بيت اطهار عليهم السلام سان عشق ۽ الفت رکندڙ ماڻهن جي ڌرتي آهي. جنهن پنهنجي ڪک مان اهڙا انسان پيدا ڪيا جن معاشري ۾ پيار ۽ محبت اتحاد ۽ الفت ٻين لاءِ جيئڻ ۽ مٿن قربان ٿيڻ جا اهڙا سونهري اصول وضع ڪيا جن تي عمل هر ايندڙ نسل لاءِ اجري اندر جو ضامن آهي.

8 ڊسمبر 1961 عيسوي تي دادو ضلعي جي تاريخي تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ راڌڻ اسٽيشن ۾ حاجي نياز علي جانوري جي گهر ۾ به هڪ اهڙي ئي ننڍڙي جي ولادت ٿي. جيتوڻيڪ حاجي صاحب ۽ ان جو پورو خاندان مسلڪ اهل سنت سان تعلق رکندا هئا پر قديم زماني کان خاندان رسالت اهل بيت عليهم السلام سان محبت سنڌين جي سڃاڻپ رهي آهي ان بنياد تي هن نومولود کي به فرزند زهرا، دلبند مرتضي، جگر گوشه رسول، جي عطا سمجهندي مٿن نالو الطاف حسين رکيو ويو. کڻي جزوي طور پر پوءِ به انسانن جي تعمير ۾ نالي جي تاثير جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ان نالي سبب هن ٻار تي خدا جي خاص عنايت ٿي جو ننڍپڻ کان ئي علائقي ۾ ٿيندڙ مولا حسين عليه السلام جي مجلسن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. ۽ اهي مجلسون ته آهن ئي حسيني يونيورسٽيون جن ۾ قرآن، حديث، عقائد، اخلاق ۽ تهذيب نفس جا سبق پڙهايا ويندا آهن. ان ئي زماني ۾ شهيد جون مولانا مرحوم عبد الحميد چانڊيو سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون. جن جو مٿس ايترو اثر ٿيو جو پاڻ اعلانيه مڪتب اهل بيت سان وابسته ٿي ويا. ۽ چوندا آهن ته نيڪيون نيڪين کي آڻينديون آهن.

جڏهن خدا کيس مڪتب اهل بيت سان وابسته ڏٺو ته خدا کيس اعلي اعزاز سان نوازيو جو سندس دل ۾ علوم آل محمد عليهم السلام کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي تعليم مطابق پنهنجي تربيت ڪرڻ کان پوءِ معاشري ۾ مڪتب اهل بيت جي ترويج جو جذبو سندس دل ۾ پيدا ڪيو. دنيا ۾ تحصيل علوم آل محمد جهڙو ڪو ٻيو عظيم ڪم نه آهي. 

پاڻ پنهنجي ديني تعليم جي شروعات خيرپور ميرس جي قديمي ۽ معروف درسگاه سلطان المدارس کان ڪيائون. اتي ئي مولانا ڌڻي بخش سولنگي کان واقف ٿيا ۽ سندس خاص شاگرد شمار ٿيڻ لڳا. پاڻ نهايت ئي سخت حالتن ۾ ديني تعليم جاري رکيائون.

پنهنجي زباني ٻڌائيندا هئا ته: رات جو مختلف درزين جي دڪانن ٻاهران اڇلايل ڪپڙن جا ٽڪڙا ميڙي اهي کپائي پنهنجو خرچ پکو ڪندو هئس. تمام گهڻي محنت ۽ جدوجهد سان مولوي، عالم، فاضل ۽ سلطان الافاضل جي سند حاصل ڪيائون ۽ فارغ التحصيل ٿيڻ کان بعد وقت جي تقاضن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي شرعي ذميواري سمجهيائون ته منبر سنڀالڻ گهرجي جيڪو ديني تبليغ جو موثر ذريعو آهي ۽ ان تي اهل ماڻهن کي اچڻ گهرجي ته جيئن مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي حقيقي خدمت ۽ ترويج ٿي سگهي.

پنهنجي پوري توجهه منبر ڏانهن مرڪوز ڪيائون ۽ تحريڪ جعفريه جي فعال ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي ديني ۽ تبليغي سرگرمين جو آغاز ڪيائون. هي اهو زمانو هو جڏهن علامه شهيد عارف حسين الحسيني پاڻ قوم جي اڳواڻي جون ذميواريون نڀائي رهيا هئا.

علامه عارف حسين الحسيني جي شهادت کان پوءِ قوم جي قيادت ۽ اڳواڻي علامه سيد ساجد علي نقوي سنڀالي ته شهيد الطاف حسين الحسيني به نئين قائد جي غير مشروطه حمايت جاري رکي ۽ جيڪي ماڻهو به شهيد الطاف حسين الحسيني جي ويجهو رهيا آهن انهن کي چڱي ريت معلوم آهي ته پاڻ (قائد ڪي فرمان پي جان ڀي قربان هئي) جي زندهه ۽ مثالي تصوير هئا. ۽ قيادت سان جان کان وڌيڪ پيار ڪندا هئا. طالبعلمي جي زماني ۾ ئي پنهنجي چاچا انور علي جانوري جي نياڻي سان شادي ڪيائون. جنهن مان کيس چار پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. انور علي ملنگانه طبيعت جو مالڪ هو جتي به ذڪر اهل بيت عليهم السلام جي مجلس منعقد ٿيندي هئي ان ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو ۽ شهيد الطاف حسين الحسيني جي مڪتب اهل بيت ڏانهن آڻڻ ۾ سندس ڪوششن کان چشم پوشي نه ٿي ڪري سگهجي.

1989 عيسوي ڌاري کين سنڌ حڪومت ۾ نوڪري ملي پاڻ پيغمبري پيشي تعليم و تربيت سان وابسته ٿيا ۽ پرائمري اسڪول ٽيچر طور پنهنجي اضافي ذميوارين جو آغاز ڪيائون. هڪ آگاهه انسان هئا جو نوڪري ملڻ کان بعد پابندي سان ڊيوٽي ڪندا هئا. ڊيوٽي کان پوءِ يا موڪل وارن ڏينهن ۾ ئي مجلسن ۽ ميلادن جا پروگرام پڙهڻ لاءِ ويندا هئا. پنهنجي پوري زندگي امام حسين عليه السلام جي نالي ڪري ڇڏيائون.

جتي به کين مجلس جي دعوت ملندي هئي ته گرمي يا سردي، ڏينهن يا رات، ڳوٺ يا شهر، شيعه علائقو يا دشمنن جو مرڪز هجڻ جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ هليا ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: هن جان لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز آهي جو سرڪار امام حسين عاليمقام عليه السلام جي راهه ۾ قربان ٿي وڃي. شهيد پنهنجي اڪثر مجلسن ۾ فرمائيندا هئا: جهڙي ريت سرڪاري ملازمن جون بدليون ٿينديون آهن ڪڏهن دادو ڪڏهن ميهڙ ڪڏهن ڪوٽڙي اهڙي ريت اسان به نوڪر آهيون مولا حسين عليه السلام جا، امام عاليمقام اسان جي ڊيوٽي لڳائيندا آهن ڪڏهن دادو ڪڏهن سکر ڪڏهن روهڙي. اهو ئي جذبو کڻي شهيد الطاف حسين الحسيني ملڪ جي مخلتف شهرن جيئن هنگو، پشاور، ڪوهاٽ، جهنگ، ملتان، ساهيوال بلڪه ائين چوڻ ۾ ڪو واڌاءُ نه ٿيندو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دين جي تبليغ لاءِ ويا.

شهيد اهڙا بهادر انسان هئا جو سندن مقابلي ۾ ڪيڏو به جاگيردار، وڏيرو، اعلي انتظامي عملدار يا وزير هجي کيس بنا ڌڙڪ حق چئي ڏيندا هئا. سنڌ ۾ جتي به عزاداري جو مسئلو ٿيندو هئو. قائد ملت جعفريه علامه سيد ساجد علي نقوي کيس دستور ڏيندا هئا ته فورن ان مسئلي جي حل لاءِ اعلي حڪام سان ڳالهائي مسئلو حل ڪرائي. سک ۾ هر ڪو گڏ هوندو آهي پر پاڻ سختين ۾ به قيادت سان وفاداري ڪيائون. علامه سيد ساجد نقوي سان بيحد محبت ڪندا هئا ۽ هر محاذ تي سندس فضائل بيان ڪندا هئا. ۽ قائد جي مخالفن جا شديد مخالف هوندا هئا. 

علامه حسن ترابي جي شهادت کان پوءِ پاڻ ڪجهه وقت شيعه علماء ڪائونسل صوبه سنڌ جا قائم مقام صدر رهيا ۽ پوءِ علامه محمد باقر نجفي جي صدارت ۾ سينيئر نائب صدر رهيا.

عظيم اجتماعي ۽ سماجي حيثيت رکندي به پنهنجي نياڻين لاءِ طالبعلمن جي چونڊ سندس تقوا، خلوص ۽ آخرت جي اوني کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ ڪوٽڙي ۾ مسجد قبا، مسجد ۽ امام بارگاهه آل عمران، ۽ مسجد ابوالفضل العباس ڀٽائي ڪالوني ۾ امام جمعه ۽ جماعت رهيا. مسجد ابوالفضل جي تعمير ۾ سندس ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه آهن. جبل ٽوڙي ميدان هموار ڪري هڪ عاليشان مسجد ٺهرايائون.

انفاق في سبيل الله ۽ عزاداري جي فروغ لاءِ سندن ڪوششون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن پاڻ محرم ۾ عشرو پڙهندا هئا ان ۾ کين جيڪو نياز ملندو هو اهو عزاداري جي فروغ تي خرچ ڪندا هئا. 25 محرم سيد الساجدين امام زين العابدين جي شهادت جي ڏينهن ڪوٽڙي سٽي ۾ سالياني جلوس عزا جو سنگ بنياد رکيائون ۽ عزاداري جي ترويج لاءِ انجمن السجاد ڪوٽڙي قائم ڪيائون.

علائقي جا مومن هر مشڪل ۾ ڏانهس رجوع ڪندا هئا انهن جي مشڪلات جي حل لاءِ

اعلي عملدارن، وڏيرن ۽ وزيرن سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار هوندا هئا. 

اهڙا ملنسار جو جنهن سان هڪ ڀيرو ملندا هئا ان کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندا هئا. سندن تشييع جنازي جا مناظر ماڻهن جي ساڻن محبت جا چٽا شاهد آهن. ملڪ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهن جو آهون، رڙيون ۽ فريادون ٻڌائي رهيون هيون ته اهي اڄ هڪ مهربان ماڻهو کان محروم ٿي ويا آهن. هن شهيد جي خدمتن جي بيان لاءِ هي ڪجهه صفحا نا ڪافي آهن. پر صرف سندس زندگي جي جهلڪ ڏيکارڻ لاءِ هي چند صفحا تحرير ڪيا آهن. خدا پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي. 3 فيبروري 2011 عيسوي بمطابق 29 صفر 1432 ه.ق جمعي جي ڀلاري رات انسان ذات جي دشمن وحشي يزيدي درندن هٿان زخمي ٿيا. مان ٻه ڏينهن اڳ ايران مان پاڪستان پهتو هئس ۽ ميهڙ ۾ هيس زخمي ٿيڻ کان ڪجهه لمحا پهريان مون ڏانهن ڪال ڪيائون ۽ چيائون ته ڪڏهن ٿا سائڻ فاطمه معصومه سلام الله عليها جي شهر جو نياز (سوهان) کارايو. مون کين جواب ڏنو ته انشاءَ الله سڀاڻي. پر ڪنهن کي خبر هئي ته سندن لاءِ جنت ۾ مولا حسين عليه السلام جي ذاڪرن سان گڏ نياز جو اهتمام ٿي چڪو هئو. کيس ساڄي اک جي ٿورو مٿان گولي هنئي وئي. فورن کيس لال بتي اسپتال (سول اسپتال) حيدرآباد نيو ويو. جتي پوري ضلعي جا مومن ماتم ڪندا پهتا. ڊاڪٽرن پنهجا وس هلايا ليڪن قدرت جي ڪاتب ڪجهه ٻيو لکي ڇڏيو هئو رات جو 3 بجه ڊاڪٽرن پنهنجي عاجزي جو اظهار ڪندي کيس ڪراچي کڻائي وڃڻ جو چيو. اتان کان کيس آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو. انهن ڊاڪٽرن به پنهنجا سڀ حيلا هلايا پر قدرت کي کيس پنهنجو مهمان بڻائڻو هئو. جمعي جي ڀلاري ڏينهن 4 فيبروري 2011 عيسوي بمطابق 30 صفر المظفر 1432 ه.ق منجهند جو 2 وڳي شهادت ماڻيائون. ۽ هميشه لاءِ هي فاني دنيا ڇڏي ابدي مقام ڏانهن منتقل ٿيا.

الله سائين کيس جمعي جي ڏينهن پنهنجو مهمان بڻايو. اها خبر پوري ملڪ ۾ وڻ ويڙهي وانگر ڦهلجي وئي. شهيد سان محبت ڪرڻ وارا قافلن جي صورت ۾ ڪوٽڙي پهچڻ شروع ٿيا 5 فيبروري بروز ڇنڇر 10 بجه صبح نماز جنازه جو اعلان ڪيو ويو. جنهن جو انتظام تعلقه اسپتال ڪوٽڙي جي سامهون واري ڪشادي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ڪيو ويو رات کان ئي ساڻس محبت ڪرڻ وارا ڏورانهن علائقن کان ڪوٽڙي پهچڻ شروع ٿي ويا. جتي پوري سنڌ مان مومن آيا هئا، اتي ڪوهاٽ، پشاور، ملتان، شجاع آباد، جهنگ ۽ ٻين علائقن جا مومن به شريڪ ٿيا هئا، علماء به ڪثير تعداد ۾ موجود هئا. خاص ڪري قائد محترم علامه سيد ساجد علي نقوي، علامه حيدر علي جوادي، حجة الاسلام سيد شهنشاهه نقوي، حجة الاسلام رضا محمد سعيدي، حجة الاسلام نذير حسين رحماني، حجه الاسلام محمد باقر نجفي، حجة الاسلام دوست علي سعيدي، حجة الاسلام مولا بخش هالائي، حجة الاسلام اسد رضا نعيمي گاڏهي، رياض حسين الحسيني، مولانا ناظر عباس تقوي، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، مولانا علي مراد چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽ مومن شريڪ ٿيا جنازي نماز کان پهريان قائد محترم تقرير ڪندي فرمايو ته شهيد الطاف حسين الحسيني هڪ عظيم انسان هئو، خلوص جو پيڪر ۽ محبتون ونڊيندڙ هئو اڄ اسان سنڌ ۾ هڪ ٻئي وڏي قرباني ڏني آهي ۽ شهيد کي اسان هميشهه ياد رکنداسين ڪڏهن به شهيد اسان کان نه وسرندو ان جون خدمتون صرف سنڌ تائين محدود نه هيون بلڪه دين جي تبليغ لاءِ ڪوهاٽ، هنگو، پشاور، ملتان ۽ جهنگ تائين به ويو هڪ دلير انسان هئو بس اهي جملا جيئن ئي مومنن جي ڪنن تي پيا انهن جي اکين جا بند ٽٽي پيا هر مومن زارو قطار روئڻ لڳو پوءِ جنازي نماز ٿي ۽ علامه الطاف حسين الحسيني کي ڀٽائي ڪالوني ۾ موجود مسجد ۽ امام بارگاهه ابوالفضل العباس(ڪربلا بارگاهه) ۾ دفنائڻ لاءِ نيو ويو اگرچه گاڏين جو انتظام ٿيل هئو ليڪن مومنن پيادل 4 ڪلوميٽر سفر طئي ڪيو ۽ زندهه هي حسيني زنده هي جا نعرا هڻندا جنازي سان هلندا رهيا ان وقت معلوم پئي ٿيو ته شهيد جون ڪيتريون خدمتون آهن ۽ ساڻس محبت ڪرڻ وارن جي تعداد ڪيتري آهي ٻئي ڏينهن لطيف چونڪ تي سندس ٽيجهي جي مجلس جو انعقاد ٿيو جنهن م پڻ ڪثير تعداد ۾ عالمن ۽ مومنن جي شرڪت رهي جن کيس خراج عقيدت پيش ڪيو.

لکين سلام هجن ان شهيد مٿان جنهن دين اسلام ۽ مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي ترويج لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found