اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

جنازي نماز جي تڪبيرن جو انگ اکر

ليکڪ: شوڪت علي اميني

مهاڳ

سڀ تعريفون انهيءَ پاڪ پالڻهار جي لاءِ جنهن جي عظمت جي گواهي اڀرندڙ سج، روشن چنڊ، چمڪندڙ ستارا، دريائن ۽ سمنڊن جي رواني، جبلن جون بلند ۽ وڏيون قطارون ۽ سرسبز ۽ شاداب مناظر ڏئي رهيا آهن.

اهو پالڻهار جنهن انسان جي هدايت جي لاءِ ڪائنات جي ذري ذري ۾ اهڙيون ته واضح ۽ روشن نشانيون رکيون آهن جيڪي پنهنجي سونهن ۽ خوبصورتيءَ سان گڏوگڏ پالڻهار جي سگهاري هجڻ جو بهترين نمونو پڻ آهن ۽ درود ۽ سلام هجن الله سائين جي خاص هادي ۽ محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ انهيءَ جي اهلبيت ۽ عترت پاڪ عليه السلام تي جنهن جي طهارت جي ضمانت پاڪ پالڻهار پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ ڏني آهي.

اسان هن مختصر تحرير ۾ هڪ اهم مسئلي جي تحقيق ڪندا سين، جنهن ۾ شيعا ۽ سني جو اختلاف آهي ته مسلمان جي جنازي تي

نماز چئن تڪبيرن سان پڙهون يا پنجن تڪبيرن سان؟

اسان سڀ کان پهريان شيعا ۽ سني عالمن جا نظريا پيش ڪري رهيا آهيون:

سني عالم چون ٿا ته ميت تي چئن تڪبيرن سان نماز ادا ڪئي وڃي، جڏهن ته اهل تشيع چون ٿا ته ميت تي پنجن تڪبيرن سان نماز ادا ڪئي وڃي.

شيعه عالمن جون فتوائون

1. سيد مرتضى عَلَمُ الهدى  فرمائن ٿا:

وَ ممْا ظن انفراد الامامية به، القولُ بخمسِ تکبيرات في صَلاة الجَنازة(1)

پنج تڪبيرن سان نماز جنازه پڙهڻ، انهن حڪمن منجهان آهي جيڪي اماميه سان مخصوص آهن.

2. علامه ابن ادريس حلي  فرمائن ٿا:

 وَ عدد تکبيرات خمس، (2)

 نماز ميت ۾ تڪبيرن جو تعداد پنج آهي.

3. شيخ صدوق  فرمائن ٿا: جڏهن جنازي نماز پڙهڻ چاهيو ته ميت جي پاسي ۾ بيهو ۽ تڪبير چئو ۽ پوءِ هيءَ دعا پڙهو:

اشهد ان لا اله الا الله وحده لا شريک له و اشهد انّ محمدا عبده و رسوله ارسله بالحق بشيرا و نذيرا بين يدي الساعه

۽ انهيءَ کانپوءِ ٻي تڪبير چئو ۽ پوءِ هيءَ دعا پڙهو:

اللهمّ صل علي محمد و آل محمد و ارحم محمدا و آلَ محمدا و بارک علي محمد و آل محمد کافضل ما صليت و بارکت و ترحمت علي ابراهيم و آل ابراهيم انک حميد مجيد.

انهيءَ کانپوءِ ٽين تڪبير چئو ۽ پوءِ هيءَ دعا پڙهو:

اللهمّ اغفر للمومنين و المومنات و المسلمين و المسلمات الاحياء منهم و الاموات.

انهيءَ کان بعد چوٿين تڪبير چئو ۽ ان کان بعد هيءَ دعا پڙهو:

اللهمّ انّ هذا عبدک و ابن عبدک و ابن امتک نزل بک و انت خير منزول به اللهمّ انّا لانعلم منه الا خيرا و انت اعلم به منّا اللهمّ ان کان محسنا فزد في احسانه و ان کان مسيئا فتجاوز عنه و اغفر له اللهمّ اجعله عندک في اعلى علّيّين و اخلف على اهله في الغابرين و ارحمه برحمتک يا ارحم الراحمين.

انهيءَ کانپوءِ پنجين تڪبير چئي  نماز ختم ڪيو.(3)

4.ابو الصلاح حلبي به شيخ صدوق وانگر مسلمان جي جنازي تي پنجن تڪبيرن جي فتوا ڏني آهي. (4)

سني عالمن جون فتوائون

اهل سنت جي عالمن جو اتفاق آهي ته جنازي تي چار تڪبيرون واجب آهن.

1. شافعي چئي ٿو:

اذا صلى الرجل على الجنازة کبّر اربعا. (5)

جڏهن ڪوئي شخص ميت تي نماز پڙهي ته چار تڪبيرون چئي.

2. ابن رُشد جو چوڻ آهي:

اختلفوا في عدد التکبير في الصدر الاوّل اختلافا کثيرا من ثلاث الى سبع اعنى الصحابة لکن فقهاء الامصار على انّ التکبير في الجنازة اربع (6)

اسلام جي شروعاتي دور ۾ ميت مٿان تڪبيرن جي انگ اکر ۾ صحابين جي وچ ۾ تمام گھڻو اختلاف آهي جيڪو ٽن کان ستن تڪبيرن تائين آهي. ليڪن هن وقت موجود فقهاء جو اتفاق آهي ته جنازي تي چئن تڪبيرن سان نماز پڙهي وڃي.

3. نووي چوي ٿو ته: جنازي تي چار تڪبيرون پڙهيون وڃن.(7)

  1. 4. عبد الوهاب مالڪي لکي ٿو:

و تکبيرات الجنازة اربع و به قال الفقهاء اجمع(8)

 سڀني فقهاء جو اتفاق آهي ته ميت تي چار تڪبيرون پڙهيون وڃن.

ذڪر ٿيل فتوائن مان واضح ٿئي ٿو ته شيعا عالمن جو اتفاق آهي ته جنازي تي پنج تڪبيرون ۽ اهل سنت جو اتفاق آهي ته جنازي تي چار تڪبيرون پڙهيون وڃن.

اهل سنت جون دليلون

1.روايتون:

 سني عالمن پنهنجي قول ۽ نظرئي کي ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف روايتون زڪر ڪيون آهي جن مان ڪجھ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا.

ابن عباس کان نقل ٿيو آهي ته آخري ڀيرو ڏٺو ويو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جنازي تي چار تڪبيرون پڙهيون:

آخرماکبررسولاللهعلىالجنائزاربع،

 آخري مرتبو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جنازي تي چار تڪبيرون چيون هيون.

نقل ٿيو آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم نجاشيءَ جي جنازي تي چار تڪبيرون پڙهيون آهن ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي ان سيرت تي زندگيءَ جي آخري وقت تائين باقي رهيا تنهنڪري رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو اهو عمل پنجن تڪبيرن جي لاءِ ناسخ آهي.

2. اجماع:

ابن عبد البر کان نقل ٿيو آهي ته سڀني فقهاء جو اجماع آهي. ابن عبد البر الاستذڪار  ڪتاب ۾ لکي ٿو:

 و انعقد الاجماع بعد ذالک على اربع و اجمع في الروايات الصحاح  و سوى ذالک شذوذ لايلتفت اليه ولانعلم احدا من فقهاء الامصار بخمس الا ابن ابي ليلى.(9)

ان کان پوءِ چئن تڪبيرن تي اجماع منعقد ٿيو آهي ۽ چئن تڪبيرن جي لاءِ صحيح روايتون پڻ موجود آهن تنهنڪري جيڪي به ان قول جا (چئن تڪبيرن) مخالف آهن اهي شاذ (گھٽ) آهن ۽ انهن ڏانهن توجھ نه ڪئي ويندي. ۽ سواءِ ابن ابي ليلى جي ڪنهن کان به پنج تڪبيرون نقل نه ٿيون آهن.

اهل سنت جي دليلن جو رد

روايتن جو جواب:

پهريون جواب: جيڪي به راويتون چئن تڪبيرن تي دلالت ڪن ٿيون اهي سڀ سند جي لحاظ کان ضعيف آهن ڇاڪاڻ ته اهل سنت انهن روايتن کي ضعيف قرار ڏنو آهي. مثال جي طور: زيلعي، شوڪاني، ابن قيم جوزيه ۽ بيهقي انهن روايتن کي ضعيف قرار ڏنو آهي.(10)

ٻيون جواب: اهڙيون ٻيون به روايتون آهن جن مان اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن نجاشيءَ جي جنازي تي پنج تڪبيرون پڙهيون آهن. ٻين لفظن ۾ جهڙي نموني نجاشيءَ جي جنازي تي چئن تڪبيرن واريون روايتون موجود آهن اهڙيءَ طرح پنجن تڪبيرن واريون روايتون پڻ موجود آهن.

اجماع جو جواب:

ابن عبد البر جي قول مان ابتدا کان آخر تائين وڌاءُ نظر اچي ٿو جڏهن ته هي مسئلو اختلافي مسئلن مان هڪ آهي ايتري قدر جو اهو مسئلو صحابين جي نزديڪ پڻ اختلافي هيو.

1. ابن رُشد چوي ٿو: اسلام جي شروعاتي دور ۾ ميت مٿان تڪبيرن جي انگ اکر ۾ صحابين جي وچ ۾ تمام گھڻو اختلاف آهي جيڪو ٽن کان ستن تڪبيرن تائين آهي.

ابن رشد جي لفظن مان صاف ظاهر آهي ته هي مسئلو اتفاقي نه آهي بلڪه پهرئين صديءَ هجري کان ئي اختلافي رهيو آهي تنهن ڪري اجماع جي ڪا به معنى باقي نٿي رهي.

2. عسقلاني صحيح بخاريءَ جي شرح ۾ پڻ ان اختلاف جي طرف اشارو ڪيو آهي ۽ اهڙي نموني نووي ۽ قاضي پڻ چيو آهي ته اجماع جي دعوى ڪرڻ اشڪال کان خالي ناهي.

قاضي عياض چوي ٿو:

 في دعوى الاجماع في نفسي شيءُ لانّ زيد بن ارقم کان يکبّر خمسا و يرفعه الى النبي صلي الله عليه وآله وسلم.(11)

منهنجي نزديڪ اجماع جي دعوى ڪرڻ اشڪال کان خالي ناهي ڇاڪاڻ ته زيد بن ارقم جنازي تي پنج تڪبيرون چوندو هيو ۽ ان عمل کي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن ڏانهن منسوب ڪندو هو.

قاضي عياض چوي ٿو:

 ثبوت الزيادة على الاربع لا مردّ له من حيث الرواية. (12)

روايتن جي لحاظ کان چئن کان وڌيڪ تڪبيرن جي ثابت هجڻ کي رد نٿو ڪري.

3. ترمذي لکي ٿو:

 قد ذهب بعض اهل العلم الى هذا من اصحاب النبي صلي الله عليه وآله وسلم و غيرهم ولابوا التکبير على الجنازة خمسا و قال احمد و اسحاق اذا کبّر الامام على الجنازة خمسا فانّه يتّبع الامام...(13)

صحابين ۽ ٻين اهل علم منجهان ڪجھ جي فتوا آهي ته جنازي تي پنج تڪبيرون پڙهيون وڃن ۽ احمد ۽ اسحاق چيو آهي ته جڏهن امام جماعت جنازي تي پنج تڪبيرون چوي ته پويا پڙهڻ وارو به ان جي پيروي ڪندو.

انهن ذڪر ٿيل دليلن مان واضح ٿئي ٿو ته اهل سنت جا دليل صحيح ناهن ۽ انهن جي رد وارا دليل قوي ۽ مضبوط آهن ۽ جنازي تي چئن تڪبيرن بابت اجماع جي دعوى ڪرڻ به صحيح ناهي.

شيعه عالمن جا دليل

1. نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو عمل:

صحابين منجهان جيڪي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پيروي ڪندي جنازي تي پنج تڪبيرون چوندا هئا انهن ۾ زيد بن ارقم، حذيفه بن يمان، عبد الله ابن مسعود، ابوذر غفاري، امير المومنين حضرت علي  عليه السلام ، امام حسن عليه السلام ، عبد الله ابن عباس، عباس بن عبد المطلب، سڀئي بني هاشم، محمد حنفيه، جابر بن زيد، ابو يوسف، عيسى، حذيفه جو غلام، شام مان معاذ جا پيروڪار وغيره شامل آهن.

2. اهل سنت جون روايتون:

پنج تڪبيرن واري ڳالھ خود اهل سنت جي روايتن ۾ به ذڪر ٿئي آهي: جهڙي ريت

1. عبد الرحمن بن ابي ليلى چوي ٿو ته:

 کان زيد يکبر على جنائزنا اربعا و انّه کبّر على جنازة خمسا فسالته فقال: کان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم يکبرها(14)

 زيد اسان جي جنازن تي چار تڪبيرون پڙهندو هيو پر ان هڪ جنازي تي پنج تڪبيرون پڙهيون ته مون کائنس سوال ڪيو. هن جواب ڏنو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم پنج تڪبيرون پڙهندا هئا.

2. ابو سلمان چئي ٿو ته مون زيد بن ارقم جي پٺيان جنازي نماز پڙهي، جنهن ۾ ان پنج تڪبيرون پڙهيون. تنهن تي مون کائنس سوال ڪيو ته توهان پنج تڪبيرون ڀل ۾ پڙهيون آهن ڇا؟ زيد ان جي جواب ۾ چيو

 بل عمدا انّ النبي صلي الله عليه وآله وسلم يصلّيها،(15)

 بلڪه آءُ ڄاڻي واڻي پنج تڪبيرون چيون ڇاڪاڻ ته نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هميشه پنج تڪبيرون چوندا هئا.

3. ڪثير بن عبد الله پنهنجي ڏاڏي کان نقل ڪيو آهي ته:

صلّى رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم على النجاشي فکبّر عليه خمسا،(16)

 رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم نجاشيءَ جي جنازي تي نماز پڙهي ۽ انهيءَ تي پنج تڪبيرون چيون.

3. اهلبيت عليهم السلام جون روايتون:

1. عبد الله ابن سنان صحيح سند سان امام صادق عليه السلام کان نقل ڪندي بيان ڪري ٿو ته امام  فرمايو:

التکبير على الميّت خمس تکبيرات،(17)

 جنازي تي پنج تڪبيرون آهن.

2. امام صادق عليه السلام جن کان سوال ڪيو ويو ته

لِمَ جُعِلَ التکبيرُ على الميت خمسا؟ قال ورد من کل صلاة تکبيرة، (18)

 ڪهڙي سبب جي ڪري ميت تي پنج تڪبيرون آهن؟ امام فرمايو روزانه جي هر واجب نماز جي بدلي ۾ هڪ تڪبير قرار ڏني وئي آهي.

چئن تڪبيرن جي بنياد ڪنهن رکي؟

روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته چئن تڪبيرن جي بنياد رکڻ وارو شخص ٻيو خليفو عمر بن خطاب هيو. نموني جي طور تي ڪجهه روايتون ذڪر ڪجن ٿيون.

  1. من اوليات عمر المعروفة عنه ارجاع الناس الى اربع تکبيرات في صلاة الجنازة، (19) معروف آهي ته عمر بن خطاب ماڻهن کي جنازي تي چار تڪبيرن پڙهڻ تي مجبور ڪيو.

2. ابن عبد البر چوي ٿو:

 و قطع عمر بن خطاب اختلاف رسول الله ص في التکبير على الجنائز و ردّ هم الى اربع، (20)

 اصحاب جي درميان جنازي جي تڪبير ۾ اختلاف هيو جنهن کي عمر ختم ڪرايو ۽ سڀني کي جنازي تي چار تڪبيرون پڙهڻ تي مجبور ڪيو.

چئن ۽ پنجن تڪبيرن ۾ اختلاف جو راز

امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيو آهي ته امام فرمايو ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جڏهن جنازي تي نماز پڙهندا هئا ته ابتدا ۾ تڪبير چوندا هئا ۽ ان کانپوءِ شهادتين پڙهندا هئا ۽ ان کانپوءِ ٻيهر تڪبير چوندا هئا ۽ انبياء تي درود ۽ سلام موڪليندا هئا ۽ دعا ڪندا هئا. انهيءَ کانپوءِ ٽين تڪبير چوندا هئا ۽ مومنن ۽ مومنات جي لاءِ دعا ڪندا هئا. پوءِ وري چوٿين تڪبير چوندا هئا ۽ ميت جي لاءِ دعا گھرندا هئا. انهيءَ کانپوءِ پنجين تڪبير چوندا هئا ۽ نماز کي ختم ڪندا هئا ۽ جڏهن خداوند متعال منافقن جي لاءِ دعا ڪرڻ کان منع ڪيو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جنازي تي تڪبير چوندا هئا ۽ انکان پوءِ شهادتين پڙهندا هئا ۽ ان کانپوءِ وري تڪبير چوندا هئا ۽ پيغمبرن تي درود ۽ سلام موڪليندا هئا .وري تڪبير چوندا هئا ۽ مومنن جي دعا ڪندا هئا. ۽ پوءِ چوٿين تڪبير چئي نماز ختم ڪندا هئا ۽ منافقن جي لاءِ دعا نه ڪندا هئا.(21)

انهن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جنازي تي چار ۽ پنج تڪبيرون پڙهيون آهن؛ اگر جنازو مومن جو هو ته پنج ۽ جيڪڏهن منافق جو هو ته چار تڪبيرون پڙهيون.

تفسير نور الثقلين ۾ هڪ روايت ذڪر ڪئي وئي آهي  جيڪا هن مطلب کي وڌيڪ روشن ڪري ٿي.

ان النبي صلي الله عليه وآله وسلم کان يکبر على رجل خمس على قوم آخرين اربعا و اذا کبر على رجل اربعا انهم يعني بالنفاق،

 پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ڪجهه تي پنجن تڪبيرون پڙهندا هئا ان مان معلوم ٿيندو هيو ته اهو منافق آهي.(22)

ان بنياد تي اهلبيت عليهم السلام جي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ڪجھ صحابي جيڪڏهن ڪنهن جنازي تي چار يا پنج تڪبيرون پڙهندا هئا ته ان جو سبب ايمان ۽ نفاق هوندو هيو ۽ اهو ئي راز هيو جنهن کي ڪجهه صحابه سمجهي نه سگهيا.

_____________________________

حوالا

  • ڪتاب الانصار ص 175
  • السرائر ج 1 ص 365
  • الهداية ص 112، 113
  • الڪافي في الفقه ص 157
  • ڪتاب الام ج1 ص 308
  • بداية المجتهد ج 1ص 188
  • ڪتاب المجموع ج 5 ص 231
  • عيون المجالس ج 1 ص 461
  • فتحالباريج 3 ص 163
  • نيل الاوطار ج 4 ص 99 ، 100 ، سنن بيهقي ج 4 ص 37
  • شرح مسلم، حاشيه قسطلالي ج 4 ص 484
  • عون المعبود ج 3 ص 187
  • صحيحترمذيج 3 ص 343
  • صحيح مسلم ج 3 ص 56 ، سنن ترمذي ج 3 ص 343
  • مسند احمد بن حنبل ج 4 ص 370، 371
  • مجمع الزوائد ج 3 ص 35 ۽ 38
  • وسائل الشيعه باب صلاة الجنازة حديث 6 ۽ 9
  • تاريخ الخلفاء ص 137
  • جامع بيان العلم ج 2 ص 104
  • وسائل الشيعه ج 1 ص 145
  • تفسير نور الثقلين ج 2 ص 250

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found