سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

طهارت (پاڻي جا احڪام) (قسط پنجين)

تحرير: افتخار علي سولنگي

سوال70 : اهو قليل پاڻي جو هيٺيون حصو جيڪو هيٺاهين جي طرف بغير ڪنهن تيزيءَ جي وهي ۽ ڪنهن نجاست سان لڳي ته ڇا ان پاڻي جو مٿيون حصو پاڪ رهندو؟

جواب: جيڪڏهن پاڻي وهڻ اهڙي طرح هجي جو ان کي مٿان کان هيٺ وهڻ چئي سگھجي ته مٿيون حصو پاڪ آهي.

سوال 71: ڇا ڪُر ۽ جاري پاڻي سان نجس ڪپڙن کي ڌوئڻ ۾ نپوڙڻ ضروري آهي يا اهو ته عين نجاست جي ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻي ان تائين پهچي وڃي ته ڪافي آهي؟

جواب: احتياط جي بنا تي انهن کي نپوڙڻ يا لوڏڻ گهرجي.

سوال72: ڇا ڪُر يا جاري پاڻيءَ سان نجس لباس کي پاڪ ڪرڻ لاءِ پاڻي ءَ مان ٻاهر ڪڍي نپوڙڻ ضروري آهي يا پاڻي ۾ اندر ئي نپوڙڻ سان پاڪ ٿي ويندو؟

جواب: پاڻي ۾ اندر ئي نپوڙڻ يا هلائڻ ڪافي آهي.

سوال73: نجس گلم يا قالين کي اهڙي پاڻي سان ڌوئڻ جيڪو پائپ لائين جي ذريعي سان هڪ وڏي حوض (منبع) سان مليل آهي ڇا اهو پاڻي جيڪڏهن نجس جڳھ تي پهچي وڃي ته پاڪ ٿي ويندو يا ڌوپ واري پاڻي کي ڪڍڻ ضروري آهي؟

جواب: پائپ لائن جي ذريعي پاڪ ڪرڻ ۾ ڌوپ واري پاڻي کي جدا ڪرڻ ضروري ناهي. بلڪه نجس جاءِ تائين پاڻي جي پهچي وڃڻ ۽ عين نجاست جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ پاڻي جي متصل ٿيڻ سان قالين مٿان هٿ ڦيرائڻ سان ڌوپ واري پاڻي جي پنهنجي جڳھ کان حرڪت ڪرڻ سان پاڪ ٿي ويندو.

سوال 74: اهڙي پاڻي سان وضو ۽ غسل ڪرڻ جو ڇا حڪم آهي جيڪو قدرتي طور گھاٽو آهي جيئن سمنڊ جو پاڻي لوڻياٺ جي گھڻي مقدار جي ڪري گھاٽو هوندو آهي جيئن (ايران ۾)  اروميه واري ڍنڍ وغيرھ جو پاڻي؟

جواب: لوڻياٺ جي ڪري پاڻي جي گھاٽي ٿيڻ سان ان پاڻي کي وري به مطلق پاڻي چئي سگھجي ٿو  ۽ مطلق پاڻي جي شرعي اثرن، ڏسڻ لاءِ عرف ۾ مطلق پاڻي چوڻ ڪافي آهي.

سوال75: ڇا ڪُر پاڻي جي آثار مترتب ٿيڻ لاءِ ڪُر پاڻي جو علم ضروري آهي  يا ڪُر پاڻي تي بنا هجڻ ڪافي آهي؟ (جيئن اهو پاڻي جيڪو ريل گاڏي جي ليٽرين ۾ هوندو آهي وغيرھ)

جواب: جيڪڏهن ان پاڻي جو پهريان ڪُر هجڻ معلوم هجي  ته ڪر پاڻي تي بنا رکڻ جائز آهي.

سوال 76: امام خميني قدس سره  جي توضيح المسائل مسئلي نمبر 147 ۾ آيو آهي ته:  طهارت (پاڪائي)  ۽ نجاست (پليدي) جي باري ۾ مميز ٻار (جيڪو بري ڀلي کي سمجھي سگھي) جي ڳالھ جو خيال نه ڪيو ويندو (يعني ان جي ڳالھ کي قبول نه ڪيو ويندو) ته هي پاڪ آهي  يا پليد هيءَ هڪ فتوى آهي  ڇاڪاڻ ته ان جو مطلب اهو آهي ته پيءُ ماءُ پنهنجي اولاد جي 15 سالن تائين رفع حاجت پاڪ ڪرڻ واري ذميواري  پنهنجي ذمي کڻن. مهرباني ڪري اسان جي شرعي ذميواري ٻڌائيندا ؟

جواب: اهو ٻار جيڪو بالغ ٿيڻ جي ويجھو آهي ان مسئلي ۾ ان جي ڳالھ معتبر آهي.

سوال 77: ڪڏهن ڪڏهن پاڻي سان ڪجھ اهڙو  مواد (اهڙي شي) ملائيندا آهن جو پاڻي جو رنگ کير وانگر ٿي ويندو آهي ڇا اهڙو پاڻي مضاف پاڻي آهي ؟ اهڙي پاڻي سان وضو ۽ پاڪائي جو ڇا حڪم آهي؟

جواب: اهڙو پاڻي مضاف ناهي.

سوال78: ڪر پاڻي ۽ جاري پاڻي ۾ ڪنهن شي کي پاڪ ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

جواب: ٻنهي پاڻين ۾ ڪو به فرق ناهي.

سوال79: جيڪڏهن کاري پاڻي کي اٻاريو وڃي يا اهڙو پاڻي جيڪو ٻاڦ مان ورتو ويو هجي، ڇا اهڙي پاڻي سان وضو ڪري سگھجي ٿو؟

جواب: جيڪڏهن اهڙي  قسم جي پاڻي کي مطلق چئي سگھجي ته مطلق پاڻي وارا احڪام جاري ٿيندا.

سوال 80: پير جي تري يا بوٽ (جتي) جي پاڪ ٿيڻ لاءِ 15 قدم هلڻ شرط آهي. ڇا اهو هلڻ  عين نجاست جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ هجي يا نجاست هئڻ جي باوجود به 15 قدم هلڻ ڪافي آهي؟ ڇا 15 قدمن جي هلڻ کانپوءِ جيڪڏهن نجاست ختم ٿي وڃي ته پير جي تري يا بوٽ (جتي) پاڪ آهي؟

جواب: اهڙو انسان جنهن جي زمين تي هلڻ جي ڪري بوٽ يا پير جي تري نجس ٿي وئي هجي ته جڏهن به 15 قدمن جيترو خشڪ زمين تي هلي ته ان جو بوٽ يا پير جي تري پاڪ ٿي ويندي. ليڪن ان شرط سان ته عين نجاست ختم ٿي وڃي.

سوال81: ڇا پير جي تري يا بوٽ جو ترو ڊامر لڳل زمين تي هلڻ سان پاڪ ٿي ويندو؟

جواب: اهڙي زمين جنهن تي ڊامر لڳل آهي  يا ڊامر سان ڪو مواد مليل هجي ته پير جي تري يا بوٽ جي تري کي پاڪ ڪندڙ ناهن .

سوال82: ڇا سج پاڪ ڪندڙ آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ان جي پاڪ ڪرڻ جا شرط ڪهڙا آهن؟

جواب: سج جي روشني سان زمين ۽ اهي سڀ شيون جيڪي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين منتقل نٿيون ٿي سگھن پاڪ ٿي وينديون جيئن بلڊنگ، دري ۾ لڳل ڪاٺي وغيرھ ان شرط سان ته سج جي روشني لڳڻ کان پهريان نجاست ختم ٿي وئي هجي. سج جي روشني مهل اهي شيون آليون هجن  ۽ سج لڳڻ جي ذريعي خشڪ ٿين.

سوال83: اهڙا نجس ڪپڙا جيڪي پاڪ ڪرڻ مهل پاڻي کي رنگين ڪري ڇڏين اهي ڪيئن پاڪ ٿيندا؟

جواب: اگر ڪپڙن جو رنگ پاڻيءَ جي مضاف ٿيڻ جو سبب نه ٿئي ته نجس ڪپڙن جي مٿان پاڻي هارڻ سان اهي پاڪ ٿي ويندا.

سوال84: اهڙو شخص جيڪو غسل جنابت ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ کي ڪجھ ٿانون ۾ وجھي ٿو  ۽ غسل ڪرڻ مهل پاڻي جا ڪجھ ڦڙا ان ٿانون ۾ ڪرن ٿا ڇا اهو ٿانون وارو پاڻي نجس ٿي وڃي ٿو؟ ۽ ڇا اهڙي پاڻي سان غسل نٿو ڪري سگھجي؟

جواب: جيڪڏهن پاڻيءَ جا ڦڙا بدن جي پاڪ حصي سان لڳي ٿانون ۾ ڪرن ته اهو (ٿانون وارو ) پاڻي پاڪ آهي  ۽ ڪو به حرج ناهي ته ان پاڻي سان غسل پورو ڪجي .

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found