ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

تقيه جي حقيقت

 

تحرير: مولانا راشد علي چانڊيو

مقدمو:

اسلام ۾ ڪجھ اهڙا احڪام آهن، جن جي ڪري اهلبيت عليهم السلام جي پيروڪارن تي اعتراض ڪيا ويندا آهن.انهن احڪامن منجهان هڪ ”تقيو“ به آهي، جنهن کي مسلمانن جا گهڻا فرقه اهلبيت عليهم السلام جي پيروڪارن ۾ عيب جي نگاه سان ڏسندا آهن.

پر انهن جا اعتراض ان ڪري آهن جو انهن تقيه جي حقيقت ۽ ان جي استعمال جي طريقن کي سمجهيو ئي نه آهي ۽ انهن تقيه جي باري ۾ ڪا به تحقيق نه ڪئي آهي، جيڪڏهن انهن ڪا تحقيق ڪئي هجي ها ته يقينا اعتراض نه ڪن ها بلڪه پاڻ به قبول ڪن ها ته تقيه جو عقيدو فقط شيعن جو ناهي بلڪه تقيو اسلامي عقيدن منجهان هڪ اهم عقيدو آهي.

هي ڄاڻڻ گهرجي ته اسلام جا تمام اصول، احڪام ۽ قوانين عقل ۽ علم تي مبني آهن. هي صحيح آهي ته انسان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وڏي هدف جي ڪري، پنهنجي عزت کي بچائڻ لاءِ، حق کي مضبوط ڪرڻ ۽ باطل کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ حاضر هوندو آهي ته پنهنجي پياري جان کي انهي راھ ۾ قربان ڪري. پر ڇا ڪو به عقلمند بغير ڪنهن مقدس هدف ۽ بغير ڪنهن دليل جي پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهڻ جو چئي سگهي ٿو؟

هي واضح آهي ته عقل ۽ شريعت ڪڏهن به اهڙي عمل جي اجازت نه ڏيندا جنهن ۾ ڪنهن انسان جي جان، مال، عزت ۽ ناموس جو زيان ٿئي ۽ اهو انسان پنهنجي پاڻ کي بغير ڪنهن هدف جي  هلاڪت ۾ وجهي، اسلام واضح طور تي انسان کي تقيه ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. يعني جڏهن اهڙو وقت اچي جو مال، ناموس ۽ عزت خطري ۾ هجي ۽ حق جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪو به فائدو نه ڏسي ته ڪجھ وقت لاءِ پنهنجي عقيدي جو انڪار  ڪري ۽ لڪ ۾ پنهنجي ذميداري کي انجام ڏيندو رهي.

خداوند عالم قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو آهي:

(إِلاَّ أَنْ تَتَّقُوا مِنْهُمْ تُقَاةً،) (1)

(..مهم ترين هدف جي ڪري تقيو ڪيو) ۽ پڻ ارشاد فرمائي ٿو:

(إِلاَّ مَنْ أُکْرِهَ وَقَلْبُهُ مُطْمَئِنٌّ بِالْاِیمَانِ،) (2)

(ان شخص کان سواءِ جو (ڪفر جي ڪلمي تي) مجبور ڪيو وڃي، پر سندس دل ايمان تي برقرار هجي،) 

”عمار“ ۽ ان جي ماءُ ۽ پيءُ جو واقعو ڪڏهن به وسارڻ جهڙو نه آهي جو بت پرستن انهن کي آزار ۽ اذيتون ڏنيون ته جيئن اسلام کان بيزاري جو اعلان ڪن ۽ بت پرستي ڏانهن ٻيهر لاڙو ڪن پر عمار جي ماءُ ۽ پيءَ (تقيو نه ڪندي) اسلام جو اقرار ڪيو، پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪيو ۽ بتن کان بيزاري جو اعلان ڪيو، اهي ڪافرن جي هٿان شهيد ٿي ويا پر انهي موقعي تي ئي عمار کان جيڪو بت پرستن چاهيو عمار انهي جو اقرار ڪيو ۽ پوءِ خدا جي خوف کان تمام گهڻو رنو ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلّم ان کي فرمايو:

(إنْ عَادوا لَکَ فَعُدْ لَهُمْ)

 جيڪڏهن تون وري به ڦاسي پوين ته پوءِ جنهن جو به توکان اقرار گهرن ان جو اقرار ڪجان“ ائين عمار جي روئڻ ۽ وحشت کي پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم آرام ۾ تبديل ڪيو. (3)

تقيه جي لغوي معني

تقيو علم صرف جي لحاظ کان، اسم مصدر آهي ان جو فعل تقي يتقي ثلاثي مجرد يا

اِتّقي يَتَّقِي

ثلاثي مزيد آهي، اهل لغت وٽ تقيه وقي يقي واري مادي مان آهي. جنهن جي معني آهي ”حفاظت، آزار ۽ اذيت کان بچائڻ

”ابن منظور لسان العرب ۾ چوي ٿو:وقاه الله وقاية و واقية، اي صانه“

تقيه جي اصطلاحي معني:

پهرين تعريف: ان ڪم کي انجام ڏيڻ جيڪو انسان جي دلي عقيدي جي مطابق نه هجي ۽ ان جي دل ۾ ان (ڪم) کان علاوھ هجي.

ٻئين تعريف: ڪنهن مصلحت جي ڪري ڪنهن شي کي زبان تي آڻي ٿو پر دل ۾ ان جي مخالفت ڪري ٿو.

ٽئين تعريف: تقيه جي معني آهي پرهيز (۽ خود داري) ڪرڻ،  شرع ۾ خوداري جي معني اها آهي ته جڏهن انسان کي مالي، جاني يا ڪنهن ٻئي نقصان جو خدشو هجي ته اهو پنهنجي مذهب جو اظهار نه ڪري.

چوٿين تعريف: تقيو يعني هڪ گروھ جو ٻئي گروھ سان صلح جو اظهار ڪرڻ ۽ انهن سان سازش ڪرڻ جڏهن ته ان جي باطن ۾ ان جي خلاف هجي.

تقيه جي ثابت هجڻ لاءِ دليلون

تقيه جي جائز هجڻ لاءِ قرآن جي آيتن کان علاوھ روايتون ۽ اجماع به دليل آهن.

تقيو قرآن مجيد جي نگاه ۾

قرآن مجيد ۾ اهڙيون آيتون موجود آهن جيڪي تقيه کي جائز قرار ڏين ٿيون:

لا یتخذ المؤمنون الکافرین اولیاء من دون المؤمنین و من یفعل ذالک فلیس من الله فی شیئ الا ان تتقوا منهم تقاةً و یحذّرکم الله نفسه و الی الله المصیر. (4)

ترجمو: مومن، مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي سرپرست نه بڻائين. ۽ جو ائين ڪندو ته ان جو خدا سان ڪو واسطو نه آهي پر (اهڙين تدبيرن سان) ڪنهن طرح انهن (جي شرارت) کان ڀڄڻ گهرو ٿا ته (خير) ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي.

من کفر بالله من بعد ایمانه الا من اکره و قلبه مطمئن بالایمان،(5)

ترجمو: جيڪو به شخص خدا تي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي وڃي، اهو شخص خداوند عالم طرفان وڏي عذاب جو شڪار ٿيندو سواءِ ان جي جو کيس ڪفر تي مجبور ڪيو ويو هجي ۽ ان جو دل ايمان سان مطمئن هجي.

و قال رجل مؤمن من آل فرعون یکتم ایمانه اتقتلون رجلا أن یقول ربی الله و قد جائکم بالبینات من ربکم.(6)

ترجمو:

انهن آيتن مان ٻئين آيت جو شان نزول حضرت عمار ياسر آهن جنهن کي مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.

تقيو شيعن جي نگاه ۾

جيڪڏهن اسلامي حڪومت هجي ته مسلمانن جو وظيفو تقوا اختيار ڪرڻ هوندو آهي پر جيڪڏهن ظالمن جي حڪومت هجي ته انسان مجبورا تقيو ڪندو آهي جهڙي نموني سان روايت ۾ آهي

” التقیة واجبة لا یجوز ترکها إلی أن یخرج القائم“

 تقيو ڪرڻ واجب آهي ان کي ترڪ ڪرڻ جائز نه آهي ايستائين جو قائم قيام ڪري.

۽ اهڙي نموني ڪافي روايتن ۾ تقيو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، تقيو ان وقت ڪيو ويندو آهي جڏهن انسان لاچاري جي حالت ۾ هجي جيڪڏهن هو تقيو نٿو ڪري ته ان جي جان، مال ۽ عزت ضايع ٿي ٿئي. امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

” التقية ديني و دين آبائي... لا ايمان لمن لا تقيه له... وان تسعة اعشار الدين في التقيه“

تقيو منهنجو ۽ منهنجي ابن جو دين آهي، جيڪو شخص تقيو نٿو ڪري اهو ايمان نٿو رکي، دين جا نو حصا تقيه ۾ آهن“

هي سڀ ڳالهيون ان وقت لازم ۽ ضروري آهن جڏهن ڪو شخص دشمنن جي گهيري ۾ هجي، ان جي چئن طرفن کان دشمن موجود هجن يا ڪنهن مصلحت جي ڪري ڪو شخص مجبور ٿي وڃي ته پوءِ اهو شخص تقيه جو سهارو وٺي، جيڪڏهن ائين نه هجي ته تقيو انسان جي مٿان واجب نه هوندو، جهڙي نموني سان جڏهن قائم جو ظهور ٿيندو ۽ هر جاءِ تي عدل ئي عدل هوندو اتي تقيه ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو ان جاءِ تي فقط غير ئي تقيو ڪندا.

روايت ۾ آهي ته جڏهن قائم جي حڪومت ايندي ته تقيه جي حڪم کي واپس ورتو ويندو“ ان لحاظ سان تقيو هر زماني ۾ ۽ زمين جي هر جاءِ ته موجود رهيو آهي. ڇو جو اڄ ڪلھ انسان مجبور ٿي ويو آهي ته پنهنجي اصلي مذهب کي مخفي رکي ۽ ظاهري طور تي پنهنجي مذهب جي خلاف عمل ڪري، ان سان هو نه فقط پنهنجي جان بلڪه پنهنجي اهل ۽ عيال جي جان به بچائي سگهي ٿو. تنهن ڪري تقيو هر وقت ظالم سان صلح ۽ ڪنهن جنگ ۾ پوئتي هٽڻ جو نالو نه آهي بلڪه ڪڏهن ڪنهن مصلحت جي خاطر فرياد ڪئي ويندي آهي ۽ ظالم سان مهاڏو به اٽڪايو ويندو آهي.

جهڙي نموني سان امام حسن عليه السلام جو صلح به تقيه جي بنياد تي هئو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلّم جي مڪه ۾ تيرنهن ساله خاموشي به تقيه جي بنياد تي هئي، حضرت علي عليه السلام جو پنجويھ سال خاموش ويهڻ تقيه جي بنياد تي هيو.

سهڻن سردارن پاران هي سڀ صلح ۽ جنگيون فقط ۽ فقط اسلام جي تحفظ لاءِ هيون، جتي پاڻ تقيه جي ضرورت محسوس ڪيائون اتي تقيو انجام ڏنائون ۽ جڏهن پاڻ تلوار کڻڻ کي مناسب سمجهيائون اتي دشمن سان مهاڏو اٽڪايائون، ڪجھ مصلحتن جي خاطر تقيو ڪرڻ حرام هوندو آهي. انهي ڪري اهلبيت عليهم السلام منجهان ڪجھ تلوار کنئي ته ڪن صلح ڪيو، جڏهن به انهن صلح ڪيو ته فقط مصلحت خاطر ۽ جڏهن پاڻ  صلح نه ڪيائون ۽ تلوار کڻي ميدان ۾ آيا ان ڪري ته اتي تقيو ڪرڻ مناسب نه هيو بس انهن جو تقيو ڪرڻ ان خاطر نه هيو ته پاڻ ضعيف يا سست هئا بلڪه انهن  تقيو ڪري دين اسلام کي بچايو.

جيڪڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلّم مڪه ۾ تيرنهن سال سختيون نه سهن ها ته نه پاڻ زندھ رهي سگهن ها ۽ نه ئي مسلمان، فقط رسول الله صلي الله عليه وآله وسلّم جي تحمل ۽ مسلمانن جي تقيه جي ڪري ئي اسلام آهسته آهسته طاقت اختيار ڪئي.

اهلبيت عليهم السلام پنهنجي دشمنن سان ڪجھ مصلحتن خاطر صلح ڪيا ۽ ان ڪم ۾ پاڻ  ڪڏهن به اِهو نه سوچيائون ته متان  مخالف بزدلاڻو وار ڪري اسان کي خوار ڪري، هو ان مان  غلط فائدو حاصل ڪري اسان کي ڪمزور ۽ ڊڄڻ وارو قرار ڏئي  ۽ ڪڏهن پاڻ ڪنهن مصلحت خاطر پنهنجي شجاعت ڏيکاريندي نظر اچن ٿا، هو پنهنجي ساٿين کي نٿا ڏسن ته اهي تعداد ۾ گهٽ آهي ۽ ان جي مد مقابل دشمن تمام گهڻي مقدار ۾ آهن. فقط مصلحت کي ڏسن ٿا ته ڇا هتي تقيو جائز آهي يا نه؟ تقيو جائز نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻ تلوار ۾ هٿ وجهن ٿا ۽ دشمن کي ٻڌائن ٿا ته اسان مصلحت تحت صلح ڪندا آهيون ۽ مصلحت تحت جنگ به ڪندا آهيون.

تقيو روايات ۾

اهلبيت عليهم السلام کان تقيه جي باري ۾ تمام گهڻيون روايتون نقل ٿيون آهن علامه مرحوم شيخ حر عاملي رحمه الله عليه پنهنجي ڪتاب وسائل الشيعه ۾ 128 روايتن کي 13 بابن ۾ جمع ڪيو آهي. ان کان علاوه تقيه جي جائز هجڻ تي تمام گهڻيون روايتون موجود آهن انهن روايتن مطابق تقيو ڪرڻ مومنن جي بهترين ڪمن منجهان هڪ ڪم آهي، امت جي اصلاح جو سبب آهي ۽ دين اسلام تقيه کان علاوھ مڪمل نٿو ٿئي، انهن روايتن کان علاوھ جيڪي تقيه جي جائز هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون اهڙيون به روايتون موجود آهن جيڪي تقيه جي واجب هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون پر اهي ڪن خاص شرطن جي بنياد تي. (اهڙيون روايتون بحار الانوار ۽ اصول ڪافي ۾ موجود آهن)

ان کان علاوھ ڪجھ اهڙيون روايتون موجود آهن جيڪي دلالت ڪن ٿيون ته جڏهن انسان ڪنهن مجبوري جي حالت ۾ هجي ته اتي تقيو ڪري. (اهڙيون روايتون وسائل الشيعه ۾ موجود آهن)

هتي فقط اختصار سان تقيه جي اثبات لاءِ ڪجھ روايتن کي متن سان گڏ ذڪر ڪريون ٿا.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: تقيو مومن جي ڍال آهي، تقيو مومن جو محافظ آهي، جيڪو به تقيو نٿو ڪري اهو مومن ناهي .(7)

ابْنُ أَبِي عُمَيْرٍ عَنْ هِشَامِ بْنِ سَالِمٍ عَنْ أَبِي عُمَرَ الْأَعْجَمِيِّ قَالَ قَالَ لِي أَبُو عَبْدِ اللَّهِ يَا أَبَا عُمَرَ إِنَّ تِسْعَةَ أَعْشَارِ الدِّينِ فِي التَّقِيَّةِ ولاَ دِينَ لِمَنْ لَا تَقِيَّةَ لَهُ وَالتَّقِيَّةُ.

ابو عمر اعجمي چوي ٿو: امام جعفر صادق عليه السلام مونکي فرمايو: اي ابو عمر! ڏهن مان نو حصا دين تقيه ۾ آهي ۽ جيڪو شخص تقيه نٿو ڪري ان جو ڪو دين نه آهي.(8)

حسين بن خالد چوي ٿو اٺين امام فرمايو: جيڪو شخص ورع ۽ پرهيزگاري نٿو ڪري اهو دين نٿو رکي، جيڪو تقيو نٿو ڪري اهو ايمان نٿو رکي، توهان منجهان الله سائين وٽ پسنديدھ اهو شخص آهي جيڪو گهڻو تقيو ڪرڻ وارو هجي. ڪنهن عرض ڪيو. ڪيستائين؟ فرمايائون ان معين وقت تائين جنهن ڏينهن اسان جو قائم خروج ڪري، جيڪو به شخص اسان جي قائم جي خروج کان پهريان تقيه ڪرڻ ڇڏي ڏئي اهو اسان منجهان ناهي.(9)

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلّم تقيه جي باري ۾ فرمائن ٿا:

مَثَلُ مُؤْمِنٍ لَا تَقِيَّةَ لَهُ كَمَثَلِ جَسَدٍ لَا رَأْسَ لَه‏.(10)

اهڙو مومن جيڪو تقيو نٿو ڪري ان جي مثال ائين آهي جيئن  ڪو ڌڙ  سر کان بغير  هجي. ( يعني جيڪو شخص تقيو نٿو ڪري ان جي ڪا سڃاڻپ ئي نه آهي.

وَقَالَ أَمِيرُ الْمُؤْمِنِينَ التَّقِيَّةُ مِنْ أَفْضَلِ أَعْمَالِ الْمُؤْمِنِ يَصُونُ بِهَا نَفْسَهُ وَإِخْوَانَهُ عَنِ الْفَاجِرِينَ.(11)

حضرت امام علي عليه السلام فرمايو: تقيو مومنن جي وڏن عملن منجهان هڪ عمل آهي جنهن سبب مومن پنهنجي ۽ پنهنجي ڀائرن جي جان فاسقن جي شر کان محفوظ رکي ٿو.

اجماع:

شيعن وٽ تقيه جي جائز هجڻ لاءِ هڪ دليل اجماع به آهي ته تقيه جي جائز هجڻ تي شيعه علماء جو اجماع آهي، (12) ان کان علاوھ اهل سنت وٽ به ڪجھ موقعن تي تقيه جي جائز هجڻ تي اجماع ٿيو آهي.(13)

تقيه جا قسم

تقيه جون تمام گهڻيون تقسيم بنديون ڪيون ويون آهن سڀ کان پهرين تقسيم بندي شيخ مفيد ڪئي آهي هن تقيه کي پنجن حڪمن (واجب، مستحب، مباح، مڪروه ۽ حرام) مطابق تقسيم ڪيو آهي.

شهيد اول به ساڳئي تقسيم بندي ذڪر ڪئي آهي.

فاضل مقداد نضد القواعد ۾ تقيه جا ٽي قسم (واجب، حرام. مباح) بيان ڪيا آهن. ان کان پوءِ محقق ڪرڪي پهريون ڀيرو تقيه کي عبادات ۽ معاملات ۾ تقسيم ڪيو.

شيخ انصاري ”رسالة في التقيه“ ۾ تقيه تي تفصيل سان بحث ڪندي ان کي تمام گهڻي عموميت ڏني آهي ۽ ان جي تقسيم حڪم تڪليفي ۽ وضعي جي لحاظ سان ڪئي آهي. شيخ انصاري کان پوءِ زماني جي گذرڻ سان تقيه جي تقسيم ٻن طرحن سان ٿي. هڪ تقيه به معني اعم ۽ ٻي تقيه به معني اخص، تقيه به معني اعم فقط مصيبت جي وقت (ڪافر يا ڪنهن ٻئي مذهب واري جي سامهون ئي ڇو نه هجي)  ۽ تقيه به معني اخص  فقط اهل سنت جي سامهون.

ان کان پوءِ تقيه به معني اعم ۽ اخص کي چئن قسمن (واجب، حرام، مستحب ۽ مڪروه) ۾ تقسيم ڪيو ويو ۽ تقيه حرام کي حرام تشريعي ۽ ذاتي ۾ تقسيم ڪيو ويو.

تقيه حڪم تڪليفي:

تقيه کي تمام گهڻين جهتن سان تقسيم ڪيو ويو آهي. شيخ مفيد هن کي حڪم جي لحاظ سان (واجب، حرام ۽ مستحب ۾) تقسيم ڪيو آهي. جڏهن جان جو خطرو هجي ان صورت ۾ تقيه کي واجب، ۽ جڏهن مال جي ضايع ٿيڻ جو خطرو هجي ته تقيه کي مباح قرار ڏنو اٿس. (14)

تقيه جا قسم

تقيه واجب: واجب تقيو فقها ۽ مجتهدين جي فتوا مطابق ان جاءِ تي ڪيو ويندو آهي جتي جان ۽ عزت جي ضايع ٿيڻ جو خوف هجي، چاهي اها پنهنجي جان ۽ عزت هجي يا ڪنهن رشتيدار جي جان ۽ عزت هجي.

مستحب تقيو: شيخ انصاري مستحب تقيه جي مواردن کي بيان ڪندي فرمايو آهي ته: مستحب آهي ته مسلمان اهل ڪتاب يا ٻين مذهبن جي پيروڪارن کان تقيو ڪن، انهن جي بيمارن جي عيادت ڪن، انهن جي مُردن جي جنازن ۾ شرڪت ڪن، انهن جي عبادت گاهن ۾ وڃن. (15) پر ان کان بعد وارن منابع ۾ ملي ٿو ته ان قسم جي تقيه کي احاديث ۾ ”تقيه مداراتي“ چيو ويو آهي، ان معني ۾ ته مسلمان ٻين سان ايستائين جو مشرڪن سان به سٺي اخلاق سان ملي ته جيئن انهن جي محبت کي پاڻ ڏانهن جلب ڪري سگهي. نتيجي ۾ مستقبل ۾ انهن جي احتمالي نقصان کان بچي سگهي.

تقيه مباح: هن قسم بابت شيخ مفيد فرمائن ٿا ته جڏهن انسان کي مال جي ضايع ٿيڻ جو خوف هجي ته ان وقت تقيو ڪرڻ مباح آهي، (16) فخر رازي به مال جي حفاظت خاطر تقيه کي جائز قرار ڏنو آهي. (17)

تقيه حرام: فقها معتبر سنَدن سان روايتن کي نقل ڪندي ڪجھ موقعن تي تقيو ڪرڻ کي حرام قرار ڏنو آهي. انهن منجهان ڪجھ موارد هي آهن، واجب ۽ حرام حڪمن جي رعايت ڪرڻ جن لاءِ شارع جي طرفان تمام گهڻي اهميت بيان ڪئي وئي هجي ۽ ان ۾ تقيو ڪرڻ سان دين اسلام جي نابودي هجي، جيئن ڪعبي کي مسمار ڪرڻ وقت تقيو، اصول دين جي نفي ڪرڻ لاءِ تقيو، يا تقيه ڪرڻ جي صورت ۾ خونريزي ٿئي (18)۽ امامن کان بيزاري جو اظهار ڪرڻ.

ڪجھ علماءِ فقط ضرورت جي وقت کان علاوھ تقيه کي حرام قرار ڏنو آهي. (19)

حڪم وضعي

فقيھ احڪام وضعي جي باري ۾ لکن ٿا ته: اهڙو عمل جيڪو تقيه جي باب منجهان هجي ۽ عبادت هجي ته ضروري نه آهي ته ان عمل کي ٻيهر انجام ڏنو وڃي يعني جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪنهن عمل کي ڊڄ جي ڪري انجام ڏنو هجي ۽ اهو ڊڄ جڏهن ختم تي وڃي ته انهي ڇڏيل عبادت کي ٻيهر انجام ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ٻين لفظن ۾ فقهاء اهڙي ڪم کي جيڪو تقيه جي ڪري انجام ڏنو ويو هجي جائز شمار ڪن ٿا.(20)

مسلمانن جو مسلمانن کان تقيه ڪرڻ جو حڪم

هن وقت مسلمانن جا ٻيا فرقه ان ڳالھ تي متفق آهن ته تقيه فقط مسلمان ڪنهن ڪافر کان ڪري سگهي ٿو ۽ مسلمان ٻئي مسلمان کان تقيه نٿو ڪري سگهي، جهڙي ريت ڪجھ آيات ۽ روايات ۾ به ملي ٿو ته مسلمان ڪافرن کان تقيه ڪن. (حضرت عمار جو واقعو)

جڏهن ته فقهاء ۽ مفسرن ثابت ڪيو آهي ته تقيه فقط مسلمان جو ڪافر کان نه آهي بلڪه مسلمان به ڪنهن ٻئي مسلمان کان تقيو ڪري سگهي ٿو. (21) ان کان علاھ شافعي به مسلمان جو مسلمان کان تقيو ڪرڻ ڪرڻ کي ان صورت ۾ جائز سمجهن ٿا جڏهن ان کي جان جو خطرو هجي. (22)

اهل سنت ۽ تقيو

ابن ابي شيبه، بخاري جو استاد المصنف ۾ محمد حنفيه بن علي عليه السلام کان نقل ڪندي لکي ٿو: مون محمد بن حنفيه کان ٻڌو ته چيائين جيڪو تقيو نٿو ڪري اهو ايمان نٿو رکي. (23)

جلال الدين سيوطي ڪتاب جامع الاحاديث ۾ لکن ٿا:

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلّم فرمايو: جيڪو شخص تقيو نٿو ڪري اهو دين نٿو رکي. (24)

ديلمي همداني حضرت علي عليه السلام کان نقل ڪن ٿا:

لا دين لمن لا تقيه له. (25) جيڪو شخص تقيو نٿو ڪري اهو دين به نٿو رکي يعني اهو بي دين آهي.

مومن حق نٿو رکي ته هو پنهنجي پاڻ کي ذليل ڪري.

قتاده کان روايت آهي ته رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم فرمايو: مومن لاءِ مناسب نه آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي ذليل ڪري، سوال ڪيو ويو ڪيئن هڪ شخص پاڻ کي ذليل ڪندو؟ فرمايائون: پنهنجي پاڻ کي اهڙي مصيبت ۾ وجهي ڇڏي جنهن مان نڪرڻ جي ان وٽ طاقت نه هجي. (26)

هن روايت مان ثابت ٿئي ٿو ته تقيو ڪرڻ نه فقط جائز آهي پر ڪڏهن ڪڏهن واجب آهي، رسول الله صلى الله عليه وآله وسلّمجو حڪم ڏيڻ ته پنهنجي پاڻ کي مصيبت ۾ نه وجهو يعني ان مصيبت جي مقابلي ۾ توهان تقيو ڪري پنهنجي پاڻ کي آزاد ڪرائي سگهو ٿا.

تقيو اصحاب جي سيرت

مسيلمه کذاب کان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلّم جي صحابين جو تقيو

فخر الدين رازي پنهنجي تفسير ۾ لکن ٿا: حسن چوي ٿو ته مسيلمه ڪذاب اصحاب رسول منجهان ٻن شخصن کي گرفتار ڪيو، انهن مان هڪ کان پڇيائين: ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته محمد صلي الله عليه وآله وسلّم الله جو رسول آهي؟

هن جواب ڏنو: ها اقرار ڪيان ٿو. ان کان پوءِ پڇيائين ته ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مان به الله جو رسول آهيان؟ هن جواب ڏنو: جي ها، ڇو جو مسيلمه ڪذاب دعوا ڪئي هئي ته هو بني حنيفه جو پيغمبر آهي ۽ محمد صلى الله عليه وآله وسلّم قريش جو پيغمبر آهي، سوال پڇڻ کان پوءِ ان شخص کي آزاد ڪري ڇڏيائين، پوءِ ٻئي شخص کان سوال ڪيائين، ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته محمد الله جو رسول آهي؟ هن جواب ڏنو: گواهي ڏيان ٿو ته محمد الله جو رسول آهي، ان کان پوءِ پنهنجي لاءِ پڇيائين ڇا تون گواهي ڏئين ٿو ته مان به الله جو رسول آهيان؟ هن جواب ڏنو مان نٿو ٻڌان!!! هن ان طريقي سان کانئس ٽي مرتبه سوال ڪيو ۽ ان جواب ۾ چيو مان نٿو ٻڌان، نتيجي ۾ مسيلمه ڪذاب رسول جي ان صحابي کي قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن هي خبر رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم وٽ پهتي ته پاڻ فرمايائون: اهو شخص پنهنجي يقين ۽ عقيدي جي راھ ۾ قتل ٿي ويو. کيس مبارڪ هجي.

ٻئي شخص ان ڪم کي انجام ڏنو جيڪو الله جي طرفان جائز هيو ۽ الله سائين به ان کان ان عمل جو پڇاڻو نه ڪندو.

يعني جنهن شخص مسيلمه ڪذاب جي رسالت جي گواهي ڏني الله سائين ان کي معاف ڪندو ڇو جو ان شخص اهو عمل فقط پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪيو هيو. (27)

رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم پاران ابوذر کي تقيو ڪرڻ جي نصيحت

رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم جناب ابوذر کي فرمايو: اي ابوذر، جيڪڏهن تون ماڻهن جي وچ ۾ پست ٿي وڃين ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟

جناب ابوذر جواب ۾ عرض ڪيو. اي الله جا رسولصلى الله عليه وآله وسلّم مونکي ڪهڙو حڪم ٿا ڏيو؟ فرمايائون: صبر ڪجان، صبر ڪجان، صبر ڪجان، ماڻهن سان ائين رهجان جيئن هو هجن، انهن جي ڪمن جي مخالفت نه ڪجان. (يعني جهڙي نموني سان هو ڪم انجام ڏين ٿا ظاهر ۾ انهن سان گڏ هججان، پر عقيدي ۾ انهن جو مخالف هججان.) (28)

آخر ۾ دعا آهي الله سائين اسان کي پنهنجي حڪمن کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

حوالا

1ـ سورت آل عمران، آيت 28.

2ـ سورت نحل، آيت106. 

3ـ اسباب النزول واحدي، ص 190 .

4ـ سورت آل عمران، آيت 28.

5ـ سورت نحل، آيت 106.

6ـ سورت آل عمران، آيت 28.

7ـ ڪافي، ج2، ص221.

8ـ ڪافي، ج2، ص217.

9ـ ڪمال الدين و تمام النعمة، ج2، ص 371.

10ـ تفسير قمي، ص 320.

11ـ تفسير قمي، ص ، 320.

12ـ جامع الاحکام القرآن، سورت آل عمران، آيت 28 جي تفسير ۾.

13ـ اللوامع الالهيه في المباحث الکلاميه، ص 377، نقض الوشيعه، ص 182.

14ـ وسائل شيعه ، ج 16 ص 224.

15ـ التقيه ، ص 39، 40.

16ـ اوائل المقالات في المذاهب والمختارات، ص 135، 136.

17ـ التفسير الکبير، سورت آل عمران، آيت 28 جي تفسير ۾.

18ـ ان ڳالھ جي دليل هي آهي: فاذا بلغ الدم فلا تقية.

19ـ وسائل الشيعه، ج 16، ص 216.

20ـ التقيه، ص 43، الرسائل. ج 2، ص 188.

21ـ التفسير الکبير، سورت آل عمران، آيت 28 جي تفسير ۾، القواعد الفقهيه، ج5، ص 57.

22ـ الانصاف في مسائل دام فيها الخلاف، ج2، ص 330، 331.

23ـ الکتاب المصنف في الحاديث والآثار، ج 6 ص 474، ح 33045.

24ـ جامع الاحاديث، ج8، ص 281، ح 26050.

25ـ الفردوس بماثور الخطاب، ج5 ص 186، ح 7909.

26ـ المصنف،ج 11،ص 348،ح20721، الورع،ج1، ص 155.

27ـ تفسير ڪبير، ج8، ص ،12.

28ـ تفسير ڪبير، ج1، ص 111.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found