آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

ٻه نمازون گڏي ادا ڪرڻ (جمع بين الصلاتين) شيعه ۽ سني جي نظر ۾

 

تحرير: شوڪت علي اميني

مهاڳ:

انسان جي فطرت ۾ روح عبادت ۽ بندگي هجڻ ۾ ڪو به شڪ ناهي ۽ سڀني نبين جي بعثت جو مقصد به فقط انسان جي انهي فطري غريزي جي صحيح معني ۾ هدايت ڪرڻ آهي. انسان جهالت ۽ انحرافي سبب پنهنجي حقيقي معبود کي وساري ڪري  پٿر، سج، ڳئون، پئسن، طاغوت ۽ نفساني خواهشن جي عبادت ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو. انبياءِ عليهم السلام انهي انحرافي ۽ جهالت واري رستي کان انسان کي نجات ڏيڻ ۽ انهي جهالت، انحرافي ۽ نفساني خواهشن ۾ لڪيل فطرت (عبادت ۽ بندگي) کي صحيح ۽ سڌي رستي جي طرف هدايت ڪرڻ آيا آهن.

عبادت: يعني پنهنجي پوري زندگي کي الله پاڪ جي رضايت مطابق گذارڻ ۽ جڏهن انسان هن فاني زندگي کي الله جي رضايت مطابق گذاري ته انسان جي زندگي ۾ خدائي رنگ اچي وڃي ٿو. ۽ اها زندگي جيڪا فاني هئي هميشھ جي لاءِ باقي رهجي وڃي ٿي. ڇو جو هاڻي انهي زندگي جو تعلق الله پاڪ سان ٿي وڃي ٿو ۽ الله پاڪ جو ارشاد آهي ته

(ماعند کم ينفذ و ماعندالله باق)

جيڪو ڪجھ توهان وٽ آهي اهو فاني ۽ ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ جيڪو ڪجھ الله وٽ آهي اهو هميشھ لاءِ باقي رهندو.  الله پاڪ جي عبادت ۽ بندگي جهڙي نموني فرد کي نفساني خواهشن، گناهن ۽ شيطان جي بندگي کان نجات ڏياريندي آهي اهڙي نموني هڪ عبادتگذار معاشري کي به طاغوت، ظالمن ۽ قدرتمندن جي بندگي کان آزادي ڏياريندي آهي. علامه اقبال انهي مطلب جي طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

آدم از بي بصيرت بندگي آدم کرد          گوهري داشت ولي نذر قباد وجم کرد

يعني از خوي غلامي ز سگان پست تر است      من نديدم که سگ پيش سگ سر خم کرد

تنهن ڪري الله پاڪ جي بندگي جهڙي نموني سان ماڻهو کي سنواريندي آهي اهڙي نموني سان معاشرو پڻ سنواريندي آهي. جيتوڻيڪ عبادت نماز ۽ روزي ۾ منحصر ناهي ليڪن عبادت جو بهترين ۽ اهم نمونو نماز آهي ۽ نماز هڪ اهڙي اهم عبادت آهي جا سڀني نبين جي آخري وصيت آهي. قرآن ۾ حضرت عيسي عليه السلام لاءِ آيو آهي ته چيائين:

(وَأَوْصَانِي بِالصَّلَاةِ وَالزَّكَاةِ مَا دُمْتُ حَيًّا)(1)

حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي گهرواري ۽ سندس پٽ کي مڪي جي بيابانن ۾ ڇڏيو جتي نه پاڻي ۽ نه وري ڪا آبادي هئي ۽ فرمايو ته:(رَّبَّنَا إِنِّي أَسْكَنتُ مِن ذُرِّيَّتِي بِوَادٍ غَيْرِ ذِي زَرْعٍ عِندَ بَيْتِكَ الْمُحَرَّمِ رَبَّنَا لِيُقِيمُواْ الصَّلاَةَ)(2)

حضرت لقمان پنهنجي پٽ سان مخاطب ٿيندي فرمايو:

(يَا بُنَيَّ أَقِمِ الصَّلَاة)(3)

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:

(قرة عيني في الصلواة)(4)

تنهن ڪري نماز جي فرض هئڻ ۽ انهي جي  فضيلت کان ڪنهن به مسلمان کي انڪار ناهي.  ليڪن اسان هن مختصر تحرير ۾ هڪ اهم مسئلو بيان ڪرڻ چاهيون ٿا. اهو هي ته (ظهر ۽ عصر گڏ پڙهڻ، مغرب ۽ عشا کي گڏ پڙهڻ آيا بدعت آهي ۽ نماز باطل آهي؟ يا نه شرعي لحاظ کان گڏي پڙهڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي؟ جهڙي نموني سان جدا جدا ڪري پنجن وقتن ۾ پڙهڻ ۾ به ڪو اشڪال ناهي. تنهن ڪري اسان هن تحرير ۾ فريقين (اهلسنت ۽ اهل تشيع) جي نظرين کي بيان ڪريون ڪندا سين. گڏي نماز پڙهڻ مهل سڀ کان پهريان جيڪي سوال تصور ٿي سگھن ٿا اهي هي آهن.

سوال: اهلبيت عليهم السلام جي روايتن جي روشني ۾ ٻن نمازن (يعني ٻيپهري ۽ ٽيپهري، مغرب ۽ سومهڻي) کي گڏي پڙهڻ بابت شيعن جو عقيدو ڪهڙو آهي؟

سوال: ڇا اهل  سنت جي فقهه ۾ به نماز جي وقتن جي اهڙي تقسيم (جيئن مخصوص وقت، فضيلت وارو وقت، ذمي فارغ ٿيڻ وارو وقت) موجود آهي يا نه؟

سوال: اهل تشيع ۽ اهل سنت جا فقهاء ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ بابت ڪهڙو عقيدو رکن ٿا؟

سوال: ٻن نمازن جو گڏي پڙهڻ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت مطابق آهي يا نه؟

سوال: پنج وقت نماز کي ٽن وقتن ۾ پڙهڻ جي علت ڇا آهي؟

مٿي ذڪر ٿيل سوالن مان هر هڪ جو جواب بيان ڪري رهيا آهيون.

سوال: اهلبيت عليهم السلام جي روايتن جي روشني ۾ ٻن نمازن (يعني ٻيپهري ۽ ٽيپهري، مغرب ۽ سومهڻي) کي گڏي پڙهڻ بابت شيعن جو عقيدو ڪهڙو آهي؟

جواب: اهل بيت جي روايتن مطابق شيعن جو عقيدو آهي ته جڏهن ظهر جو وقت (زوال) ٿئي ته ٻنهي نمازن يعني ظهر ۽ عصر جو وقت ٿي چڪو آهي. ليڪن ضروري آهي ته ظهر جي نماز عصر جي نماز کان پهريان پڙهي وڃي. تنهن ڪري زوال (يعني سج لڙڻ) کان غروب (يعني سج لهڻ) تائين جو وقت ٻنهي نمازن لاءِ مشترڪ آهي. ليڪن زوال کان بعد چار رڪعتون پڙهڻ جيترو وقت ظهر سان مخصوص آهي. (يعني ان وقت ۾ عصر جي نماز ادا نه ٿي ڪري سگهجي) ۽ اهڙي نموني غروب کان پهريان چئن رڪعتن پڙهڻ جيترو وقت عصر سان مخصوص آهي. باقي انهن ٻنهي وقتن جي درميان وارو وقت ظهر ۽ عصر لاءِ مشترڪ آهي. تنهن ڪري اگر ڪو شخص مخصوص وقت کان علاوه مشترڪ وقت ۾ ٻنهي نمازن کي پڙهي ته انهي جي نماز ادا آهي. ان فقط فضيلت (مستحب )کي ترڪ ڪيو آهي ۽ اهڙي نموني سان مغرب ۽ عشاء جو وقت غروب (سج لهڻ) کان وٺي اڌ رات تائين آهي ۽ مغرب جو مخصوص وقت غروب جي ابتدا کان ٽن رڪعتن پڙهڻ جيترو وقت آهي ۽ عشا جو مخصوص وقت اڌ رات (عشا جي آخري وقت) کان پهريان اندازن چئن رڪعتن پڙهڻ جيترو آهي ۽ باقي وقت ٻنهي لاءِ مشترڪ آهي. (5)

اسان جا اڪثر اهل سنت وارا ڀائر شيعن پاران ٻه نمازون گڏي پڙهڻ کي عجيب و غريب سمجھن ٿا. انهي جو  اصل سبب هي آهي جو هو سمجھن ٿا ٻنهي نمازن مان هڪ نماز  وقت کان پهريان ادا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي نماز کي وقت کان پهريان نه پر فضيلت واري وقت کان پهريان ادا ڪيو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ اسان نماز کي ٽن وقتن ۾ تقسيم ڪري سگھون ٿا.

الف) مخصوص وقت  ب) فضيلت وارو وقت  ج) اجزاءِ (يعني نماز کان ذمي فارغ ٿيڻ) وارو وقت. اسان دليل طور اهلبيت عليهم السلام کان ڪجھ روايتون ذڪر ڪريو ٿا. جن ۾ نماز جي وقت کي تقسيم ڪيو ويو آهي.

الف ـ شيخ صدوق زراره کان ۽ زراره امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته امام عليه السلام فرمايو: جڏهن زوال ٿئي (يعني ظهر جو وقت ٿئي ته) ان مهل نماز ظهر ۽ عصر جو وقت ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن غروب ٿئي (يعني سج لهي وڃي) ته نماز مغرب ۽ عشا  جو وقت ٿي وڃي ٿو. (6)

امام عليه السلام هن روايت ۾ نماز ظهر ۽ عصر، مغرب ۽ عشا  جي مشترڪ ۽ گڏيل وقت کي بيان ڪيو آهي.

ب ـ شيخ طوسي عبيد بن زرارھ کان نقل ڪري ٿو ته مون امام صادق عليه السلام کان نماز ظهر ۽  نماز عصر  جي وقت بابت پڇيو ته امام صادق عليه السلام فرمايو:  جئين  ئي  زوال ٿئي ته نماز  ظهر ۽ نماز عصر جو وقت ٿي وڃي ٿو ۽ انهن ٻنهي جو  وقت مشترڪ آهي، ايستائين جو غروب ٿئي.  (7)

هنن ذڪر ٿيل روايتن  مان صاف ظاهر آهي ته نماز ظهر ۽ عصر، مغرب ۽ عشا لاءِ هڪ مشترڪ وقت ۽ هر هڪ لاءِ هڪ مخصوص وقت آهي. تنهن ڪري ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي. فقط فضيلت جو وقت ضايع ٿي وڃي ٿو نه اصل وقت. تنهن ڪري نماز کي وقت جي اندر ادا ڪيو ويو آهي. اسان ڪجھ روايتون ذڪر ڪري رهيا آهيون، جيڪي ٻه نمازون گڏي پڙهڻ جي جائز هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون.

ث ـ شيخ صدوق عبدالله بن سنان کان ۽ عبدالله بن سنان امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو: رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم هڪ اذان ۽ ٻن اقامتن سان نماز ظهر ۽ عصر گڏي پڙهي ۽ اهڙي نموني سان نماز مغرب ۽ عشاء کي هڪ اذان ۽ ٻن اقامتن سان (بغير ڪنهن سفر يا  بيماري ۽ بغير ڪنهن خاص  علت جي) گڏي پڙهيو آهي. (8)

ج ـ اسحاق بن عمار امام صادق عليه السلام کان نقل  ڪري ٿو ته جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن نماز ظهر ۽ عصر بغير ڪنهن سبب ۽ علت جي هڪ ئي وقت (بغير ڪنهن فاصلي جي) ادا ڪئي ته حضرت عمر چيو ته: ڇا نماز بابت ڪا تازي شي نازل ٿي آهي؟ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: نه مون چاهيو ته پنهنجي امت کي آساني ڏيان. (9)

د ـ ڪليني زرارھ کان ۽  زرارھ امام صادق عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته امام عليه السلام فرمايو: رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم نماز ظهر ۽ عصر بغير ڪنهن علت جي جماعت جي صورت ۾ گڏي ادا ڪيون ۽ اهڙي نموني نماز مغرب ۽ عشاء مغرب واري ڳاڙهاڻ ختم ٿيڻ کان پهريان بغير ڪنهن علت جي جماعت سان گڏي پڙهيون. ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم اهو فقط امت جي آساني خاطر ڪيو. (ڪافي ج3 ص286 حديث 1 (10)

سوال: ڇا اهل  سنت جي فقھ ۾ به نماز جي وقت جي تقسيم جيئن مخصوص وقت، فضيلت وارو وقت، اجزاء يا نماز مان ذمو فارغ ٿيڻ وارو وقت. موجود آهي يا نه؟

جواب: ڪجھ دوست هي گمان ڪري رهيا آهن ته نماز جي وقت جي لحاظ سان (جيئن مخصوص وقت، فضيلت وارو وقت ۽ اجزاءِ يعني ذمو فارغ ٿيڻ وارو وقت) تقسيم صرف شيعن سان مخصوص آهي.  جڏهن ته نماز جي وقت جي اها تقسيم  شيعه و اهل سنت ٻنهي جي فقهن ۾ پاتي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ ٿورو اختلاف آهي  ليڪن اصل تقسيم ۾ ٻئي فقهون مشترڪ آهن.

جيئن علامه نووي مهذب جي شرح ۾ چئي ٿو: ظهر جا ٽي وقت آهن ( الف ) وقت فضيلت  (ب) وقت اختيار  (ج) وقت عذر.  وقت فضيلت اول وقت آهي ۽  وقت اختيار  وقت فضيلت کان آخري وقت تائين ۽ وقت عذر وقت عصر آهي. انهي شخص جي لاءِ جيڪو ٻن نمازن کي سفر يا بارش سبب گڏي پڙهي. انهي کان بعد نووي چوي ٿو: قاضي حسين چيو آهي ته نماز ظهر جا چار وقت آهن. الف) وقت فضيلت ب) وقت اختيار ج) وقت جواز د) وقت عذر  ۽  قاضي  ذڪر ڪيو آهي ته  وقت فضيلت  ان وقت تائين آهي جو شاخص (وقت معلوم ڪرڻ لاءِ کوڙيل ڪاٺي) جو پاڇو شاخص جي چوٿين حصي جيترو ٿي وڃي ۽ وقت اختيار ان وقت تائين آهي جو شاخص جو سايو اڌ تائين پهچي وڃي ۽ وقت جواز  جڏهن شاخص جو سايو شاخص جي اندازي جيترو ٿي وڃي. جيڪو ظهر جو  آخري وقت آهي ۽ وقت عذر عصر جو وقت آهي انهي شخص لاءِ جيڪو سفر يا بارش سببان ٻئي نمازون گڏائي پڙهي. (11)

انهي کان علاوھ به ڪجھ اهل سنت جا عالم آهن جيڪي شيعن سان گڏ آهن. نووي انهن جو ذڪر ڪيو آهي. جئين عطاءِ ۽ طاووس چيو آهي ته جڏهن ڪنهن شي جو سايو انهي جي اندازي جيترو ٿي وڃي ته عصر جو وقت داخل ٿي وڃي ٿو. انهي کان بعد جيستائين غروب واقع ٿئي ظهر ۽ عصر جو وقت گڏيل آهي. هن قول مطابق جڏهن شاخص جي اندازي جيترو سايو ٿي وڃي ته اهو خاص وقت آهي. ليڪن انهي کان بعد غروب تائين مشترڪ وقت آهي ۽ هي قول شيعه جي نظرئي جي نزديڪ آهي. 

مالڪ چوي ٿو: جڏهن شاخص جو سايو انهي شاخص جي اندازي جيترو  ٿي وڃي ته ظهر جو مخصوص وقت ختم آهي ۽ انهي کان بعد ظهر ۽ عصر جو مشترڪ وقت آهي. (12)  ۽ (13)

سوال: اهل تشيع ۽ اهل سنت جا فقهاءِ ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ بابت ڪهڙو عقيدو رکن ٿا؟

جواب: ڪجھ دوست ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ سبب شيعن تي عجيب وغريب تهمتون هڻڻ ٿا. جڏهن ته اهلسنت جي فقهاء پڻ ٻه نمازون گڏي پڙهڻ جي اجازت ڏني آهي.

اهلسنت ۽ شيعه فقهاء ان ڳالهه ۾ متفق آهن ته

1ـ عرفه ۽ مزدلفه ۾ ٻنهي نمازن کي گڏي پڙهڻ بهتر آهي 

انهي سلسلي ۾ قرطبي چئي ٿو: علماءِ جو اجماع آهي ته ظهر جي وقت عرفه ۾ ظهر ۽ عصر کي گڏي پڙهڻ ۽ اهڙي نموني عشاء جي وقت مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاء کي گڏي پڙهڻ پڻ سنت آهي. (14)

2ـ اڪثر علماءِ اهلسنت (حسن ،نخعي ۽ ابو حنيفي کان علاوھ ) جو عقيدو آهي ته سفر ۾ ٻنهي نمازن کي گڏي پڙهڻ جائز آهي ۽ اهڙي نموني سان اهل سنت جي درميان مشهور آهي ته حضر ۾ ٻه نمازون گڏي پڙهڻ عذر جي بنا تي جائز آهن. ليڪن عذر ۾ اختلاف آهي ڪجهه چون ٿا ته بارش عذر آهي. ڪجهه وري هوا ۽ بيماري کي عذر ٿا ڄاڻن ته ڪجهه ٻيا وري اونداهي کي. (15)

3ـ اهل تشيع جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته حضر ۾ حالت اختيار ۾ ٻنهي نمازن کي  گڏي پڙهي سگھجي ٿو ليڪن فاصلي سان پڙهڻ بهتر آهي. انهي سلسلي ۾ شيخ طوسي چئي ٿو ته: نماز ظهر ۽  عصر، مغرب ۽ عشاءِ کي حضر ۽ سفر ۾ گڏائي پڙهڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي. (16)

البته هي ياد رهي ته اهل تشيع جي نزديڪ ٻنهي نمازن کي گڏائي پڙهڻ جو مطلب هي ناهي ته نماز کي شرعي وقت ۾ نه پڙهيو ويو آهي، بلڪ مقصود هي آهي ته نماز کي جواز واري وقت ۾ ادا ڪيو ويو آهي.  فضيلت وارو وقت ضايع ٿيو آهي. (سيماي عقايد شيعه، آيت الله جعفر سبحاني، ترجمه محدثي.

سوال: اهل تشيع جو ٻن نمازن کي گڏي پرهڻ ڇا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت جي خلاف آهي ؟

جواب اولاـ نماز فروع دين منجھان آهي ۽ فرعي مسائل ۾ تمام مذاهب جو هڪٻئي سان اختلاف آهي. جھڙي نموني اهل سنت جي مذاهب اربعه جو فرعي مسائل ۾ هڪٻئي سان اختلاف آهي.

ثانيا ـ نماز ظهر ۽ عصر، مغرب ۽ عشا گڏي پڙهڻ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت جي خلاف ناهي، ڇو جو رسول الله ص اهي ٻئي نمازون ڪڏهن گڏائي ته ڪڏهن جدا جدا ادا ڪيون آهن. مثال طور صحيح مسلم جي باب الجمع بين الصلات في الحضر ۾ ابن عباس کان روايت نقل ڪئي وئي آهي ته رسول الله ص بغير ڪنهن سفر، خوف ۽ ڊپ جي ظهر ۽ عصر اهڙي ۽ نموني سان مغرب ۽ عشا جي  نماز کي گڏي ادا ڪيو آهي.  (17)

اهڙي نموني سان امام احمد بن حنبل مسند جي پهرئين جزء ۾ ابن عباس کان روايت نقل ڪئي آهي. ابن عباس چئي ٿو ته:

(صليت مع النبي ثمانا جمعا وسبعا جمعا)

اسان رسول الله سان گڏ (حالت حضر ۾) ست رڪعتون (يعني نماز مغرب ۽ عشا) اهڙي نموني سان اٺ رڪعتون (ظهر ۽ عصر ) گڏي ادا ڪيون سين.  امام احمد بن حنبل مسند ۾ سعيد بن جبير کان ۽ سعيد بن جبير ابن عباس کان نقل ٿو ڪري ته

(صلي رسول الله ص الظهر والعصر بالمدينه في غير خوف ولا سفر) پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بغير ڪنهن خوف ۽ ترس ۽ بغير ڪنهن مسافرت جي نماز ظهر ۽ نماز عصر کي گڏ ادا ڪيو.  (18)

ابو زبير چئي ٿو ته: مون سعيد بن جبير کان ٻه نمازون گڏي پڙهڻ جو دليل پڇيو ته جبير وراڻيو: اهو ساڳيو سوال مون ابن عباس کان ڪيو ته ابن عباس جواب ڏنو: رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن ٻه نمازون ان ڪري گڏي ادا ڪيون ته جيئن

 (اراد ان لا يحرج احد من امته)

امت جي لاءِ سختي ۽ مشقت نه ٿئي. اهڙي نموني سان صحيح مسلم ۾ عبد الله بن شفيق چئي ٿو: هڪ ڏينهن ابن عباس نماز عصر کان بعد خطبو ڏئي رهيا هئا. ابن عباس جي گفتگو طولاني ٿي وئي ايستائين جو سج لهڻ لڳو ۽ ستارا ظاهر ٿيڻ لڳا. ماڻهن جي صدا الصلاة الصلاة بلند ٿي ليڪن ابن عباس انهن ڏانهن  توجھ نه ڪئي ۽ پنهنجي گفتگو کي جاري رکيو انهي دوران هڪ ٻيو شخص اٿي بيٺو ۽ چيائين الصلاة الصلاة. انهي دوران ابن عباس انهي ڏانهن توجھ ڪندي فرمايو ته ڇا تون مون کي پيغمبر جي سنت ياد ڏياري رهيو آهين. جڏهن ته مون پاڻ ڏٺو ته پيغمبر اڪرم ص نماز ظهر ۽ عصر اهڙي نموني مغرب ۽ عشا کي گڏي ادا ڪيو.  عبد الله بن شفيق  چئي ٿو: ابن عباس جا اهي  ڪلمات منهنجي لاءَ قابل قبول نه هيا ۽ مطمئن ٿيڻ لاءِ مون ابو هريرھ کان سوال ڪيو انهي به ابن عباس جي ڪلمات جي تائيد ڪئي.  (19)  جيتوڻيڪ هن باب ۾ تمام گھڻيون روايتون ذڪر ٿيون آهن ليڪن جمع بين الصلاة جي عنوان سان باب جو هئڻ انهي ڳالھ جو دليل آهي ته ٻن نمازن جو گڏي پڙهڻ جائز آهي. ڇو جو اگر ائين نه هجي ها ته جمع بين الصلاة في السفر  يا جمع بين صلاة في الحضر سان باب جو عنوان مخصوص هجي ها ته جيئن احاديث کي جدا جدا ڪري سگھجي.

مهم نڪتو ياد رهي ته نماز کي جدا جدا ڪري پڙهڻ ۽ فضيلت جي وقت ۾ ادا ڪرڻ شيعه علماءِ جي نظر ۾ مستحب آهي. 

 سوال: ٻه نمازون گڏي پڙهڻ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت ۾ آهن يا نه ؟

جواب: شيعه ڪتابن کان علاوھ اهل سنت جي ڪتابن جيئن صحيح بخاري، صحيح مسلم، سنن ترمذي، موطا مالڪ، مسند احمد، سنن نسائي، مصنف عبد الرزاق .... ۾ تقريبا 30 روايتون جمع بين نماز ظهر و عصر ۽ مغرب و عشا بابت  نقل ٿيل آهن جن ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم بغير ڪنهن خوف يا سفر جي ٻنهي نمازن کي گڏي ادا ڪيو آهي اسان اهل سنت جي انهن ڪتابن منجهان ڪجھ روايتون جيڪي جمع بين الصلاتين جي جواز تي دلالت ڪن ٿيون هتي ذڪر ڪريون ٿا. تاڪه معلوم ٿي وڃي ته سڀئي مسلمان جمع بين الصلواتين  جي جواز جا قائل آهن ۽ مڪتب تشيع جي طرفان ڪا بدعت ناهي.

احمد بن حنبل، مسند ۾ ابن عباس کان نقل ڪري ٿو ته ابن عباس چيو: رسول الله 8 رڪعتون (نماز ظهر ۽ عصر ) ۽ اهڙي نموني سان 7 رڪعتون (مغرب ۽ عشا ) حضر ۾ بغير ڪنهن سفر جي گڏي ادا ڪيون.  ( 21)

مالڪ موطا ۾ ابن عباس کان روايت نقل ڪئي آهي ته ابن عباس چيو: رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم بغير ڪنهن خوف ۽ سفر جي نماز ظهر ۽ عصر ۽ اهڙي نموني سان نماز مغرب ۽ عشا کي گڏ ادا ڪيو.  (22)

مسلم پنهنجي صحيح جي باب جمع بين الصلاتين في الحضر ۾ چئي ٿو ته: ابن عباس چيو: رسول الله ص نماز ظهر ۽ عصر کي ۽ اهڙي نموني سان مغرب ۽ عشا کي گڏي ادا ڪيو بغير ڪهن خوف ۽ سفر جي تاڪه امت لاءِ مشقت نه ٿئي.   (23)

اهڙي نموني سان بخاري روايت ڪئي آهي ته رسول الله ص نماز يوميه منجھان 8 رڪعتون (ظهر ۽  عصر)  ۽ (مغرب ۽ عشا) گڏي ادا ڪيون آهن. (مٿي  ذڪر ٿيل احاديث کي همراه با راستگويان ڊاڪٽر سيد محمد تيجاني تونسي، ترجمو محمد جواد مهري بنياد معارف اسلامي  مان نقل ڪيو ويو آهي). (24)

سوال: پنج وقت نمازکي ٽن وقتن ۾ پڙهڻ جي علت ڇا آهي؟

 جواب: نماز کي پنجن وقتن ۾ ادا ڪرڻ ۽ اهڙي نموني سان هر هڪ نماز کي فضيلت جي وقت ۾ ادا ڪرڻ جي اهميت کان ڪنهن به مسلمان کي انڪار  ناهي ۽ دين اسلام جي بزرگ ۽ عظيم شخصيتن پڻ نماز پنجن وقتن ۾ ادا ڪئي آهي انهي ۾ ڪو به بحث ناهي. اصل بحث هن ۾ آهي ته نماز جي درميان فاصلو ڏيڻ  ( جھڙي نموني سان اهل سنت جا گھڻا فقها فاصلي جي واجب هئڻ جا قائل آهن) واجب آهي يا واجب ناهي ۽ فاصلو ڏيڻ هڪ مستحب امر آهي. ٻين مستحبات وانگر انسان انهي جي انجام ڏيڻ ۽ کيس ترڪ ڪرڻ ۾ مختار آهي. جيتوڻيڪ جدا جدا ڪري ادا ڪرڻ بهتر آهي. 

شيعن جا دانشمند

الف ـ انهن احاديث  جي پيروي ڪندي جيڪي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي عمل جي حڪايت ڪن ٿيون.

ب ـ آئمه معصومين عليهم السلام کان جيڪي روايتون نقل ٿي پهتيون آهن.

ج ـ ظاهر قرآن جي پيروي ڪندي نماز يوميه کي پنجن وقتن ۾ جدا جدا ڪري پڙهڻ کي مستحب قرار ڏنو آهي ۽ فاصلي ۽ جدا نماز پڙهڻ کي ترڪ ڪري سگھجي  ٿو. جدا پڙهڻ افضل ۽ مستحب آهي نه ڪي واجب. ليڪن  ٻن نمازن جو گڏي ادا ڪرڻ جو مطلب هي ناهي ته هڪ نماز کي ٻئي نماز جي وقت ۾ ادا ڪرڻ آهي. مثال طو ر اگر نماز مغرب ۽ عشاءِ کي  رات جي پهرئين حصي ۾ پڙهيو سين ته ائين ناهي جو عشا کي پنهنجي وقت جي اندر ادا نه ڪيو هجي. بلڪه مشترڪ وقت ۾ ٻنهي نمازن کي ادا ڪيو آهي. ڇو جو مغرب جي شروعات کان اڌ رات تائين جو وقت ٻنهي نمازن جي لاءِ (سواءِ مغرب جي پهرئين حصي ۾ اندازن ٽن رڪعتن جي پڙهڻ جو وقت جو اهو مغرب سان مخصوص آهي ۽ اهڙي نموني اڌ رات کان پهريان اندازن چئن رڪعتن جو وقت عشاءِ سان مخصوص آهي) مشتر ڪ  ۽ گڏيل وقت آهي. تنهن ڪري اگر نماز عشاءِ کي (نماز مغرب جي مخصوص وقت کان  بعد )نماز مغرب سان گڏ ادا ڪيو سين يا نماز مغرب کي عشاءِ جي مخصوص وقت کان پهريان گڏجي ادا ڪيو سين ٻنهي نمازن کي وقت (مشترڪ )جي اندر اداڪيو آهي.

وڌيڪ تفصيل جي لاءِ مرحوم شيخ حر عاملي جيڪي امام جعفر صادق عليه السلام کان احاديث نقل ڪيون آهن انهن ڏانهن مرجعو ڪيو وڃي. 

ليڪن ان نڪتي جي طرف توجھ هئڻ به ضروري آهي ته جمع بين الصلاتين واري احاديث کي فقط شيعه علماءِ نقل نه ڪيو آهي بلڪه علماءِ اهل سنت پڻ ذڪر ڪيو آهي حتي انهن مواردن ۾ جتي ڪوبه عذر ۽ بهانو ناهي تقريبا ڏه (10) روايتون انهن جي معتبر ڪتابن ۾ ابن عباس، معاذ بن جبل، عبد الله بن مسعود ۽ عبد الله بن عمر کان نقل ٿيل آهن  ليڪن اسان اختصار جي ڪري ڪجھ روايتن تي اڪتفاءِ ڪريون ٿا.

معروف محدث مسلم بن  الحجاج قشيري متوفي 261 هجري قمري، پنهنجي صحيح جي هڪ باب ۾ جنهنجو عنوان جمع بين الصلاتين آهي چار روايتون ذڪر ڪيون آهن. انهن مان ٽي روايتون ابن عباس کان ۽ هڪ روايت معاذ بن جبل کان آهن. جن جو مضمون ۽ مطلب هي آهي ته:

صلي رسول الله صه الظهر و العصر جميعا من غير خوف ولا سفر،

بنا ڪنهن خوف ۽ سفر جي رسول اڪرم ظهر ۽ عصر جي نماز گڏي ادا ڪئي ۽ انهن روايتن ۾ گڏي ادا ڪرڻ جو سبب پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي .

 اراد ان لا يحرج امته ـ

اهڙي نموني سان طبراني عبدالله بن مسعود کان نقل ڪري ٿو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نماز ظهر ۽ عصر، مغرب ۽ عشا کي گڏي ادا ڪيو ته جئين امت جي لاءِ زحمت نه   ٿئي. (شرح موطا  زرقاني ص 363) (25) اهڙي نموني عبد الله بن عمر نقل ڪيو آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم بغير ڪنهن مسافرت جي ٻه نمازون گڏي ادا ڪيون تاڪه امت جي لاءِ مشقت واقعي نه ٿئي.  (26)

هي اهي روايتون آهن جن کي اهل سنت جي بزرگ علماءِ ذڪر ڪيو آهي  ۽ هنن روايتن مان صاف ظاهر آهي ته نماز کي جدا جدا ڪري ادا ڪرڻ مستحب عمل آهي نه ڪي واجب. تنهن ڪري جيڪڏهن هي مستحب عمل (يعني جدا جدا ڪري پنجن وقتن ۾ نماز کي ادا ڪرڻ )اگر موجب بڻجي ته انسان نماز کي ترڪ ڪري ۽ نماز قضا ٿي وڃي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت جي پيروي ڪندي انهي مستحب عمل (يعني جدا جدا ڪري پنجن وقتن ۾ نماز کي ادا ڪرڻ )کي ترڪ ڪري ٻنهي نمازن کي گڏي ادا ڪيون. خصوصا موجودھ دور ۾ زندگي اهڙي نموني سان منظم ٿي چڪي آهي جو انهي مستحب جي رعايت ڪرڻ مشقت جو باعث ٿي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسان انهي مستحب جي ڪري اصل نماز کي ترڪ ڪري ڇڏي ٿو. تنهن ڪري پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رهنمائي مان الهام وٺندي اهم (واجب کي ادا ڪرڻ ) جي رعايت ڪندي مستحب عمل (نماز کي جدا جدا  ادا ڪرڻ )کي ترڪ ڪري سگجي ٿو.

حوالا

1 ـ سورت مريم آيت 31

2 ـ  سورت ابراهيم آيت 37

3ـ سورت لقمان آيت17

4ــ بحارالانوار ج 77 ص77

5ـ رک العروة الوثقى ص 171فصل اوقات نمازهاي روزانه

6 ـ الفقيه ج 1 ص 140حديث 1باب 17

7ـ  التهذ يب ج 2 ص26

8ـ الفقيه ج 1ص186شمار 188

9ـ علل الشرايع ص321 باب11  (9)

10ـ ڪافي ج3 ص286 حديث 1

11ــ المجموع ج  3  ص27

12ـ المجموع ج 3  ص24 

13ـ سيماي عقايد شيعه آيتالله جعفر سبحاني ، ترجمه جود محدثي نشر دار الحديث  بهار 1386 ص442

14 ـ بدايه المجتهد ج 1 ص 170

15ـ بديت المجتهد ج 1 ص173

16ـ الخلاف ج1  ص588 مساله 351

17ـ صحيح مسلم ج 2 شبهاي پشاور ص 109

18ـ ڪتاب الموطا ج1 ص 144 ،ڪتاب الامام  ج7 ص 216

19ـ  صحيح مسلم ج2 ص152 مسند احمد ج1ص 152

20ـ مسند  احمد بن حنبل ج 1 221

21ـ  موطا ابن مالڪ ج 1 ص 144 ح ، 4

22ــ صحيح مسلم ج 1 ص 489ـ490 ،ح ، 49ـ51

23ــ صحيح بخاري ج 1 ص 138 ـ 140

24ــ صحيح مسلم ج 2  ص  151

25 ــ شرح موطا  زرقاني ص 363

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found