اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

وضو شيعه ۽ اهلسنت جي نظر ۾

تحرير: مولانا نظير احمد بهشتي

مقدمو:

وضو اهڙين عبادتن مان آهي جيڪو خود مستحب هجڻ سان گڏو گڏ ٻين عبادتن جيئن نماز وغيرھ لاءِ مقدمو آهي. امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا:

لا صلاة الا بطهور، (1)

طهارت کان سواءِ نماز اڻپوري آهي.

فقهي ڪتابن ۾، وضو جا احڪام تفصيل سان بيان ٿيا آهن. اسان هتي وضو جي ڪيفيت ۽ ان موضوع ۾ اهل سنت ۽ شيعه جي اختلاف کي بيان ڪندا سين. اتي ٻه واضح نڪتا آهن جيڪي هيٺ بيان ڪريون ٿا.

الف) شيعن وٽ لازمي آهي ته ٻانهون مٿان کان هيٺ جي طرف ڌوئجن، ليڪن اهل سنت ان شرط کي ضروري نه ٿا سمجهن.

ب) شيعن وٽ ضروري آهي ته چهرو ۽ هٿ ڌوئڻ ۽ مٿي جي مسح کان بعد پيرن جو مسح ڪيو وڃي ۽ پيرن جو ڌوئڻ صحيح نه آهي، ليڪن اهل سنت وٽ پير ڌوئڻ ضروري آهن انهن جو مسح ڪافي نه آهي.

بس اسان  وضو جي بحث ۾ انهن ٻن مسئلن هٿ ڌوئڻ جي طريقي ۽ پيرن جي مسح تي ڳالهائيندا سين.

الف) هٿن کي ٺونٺين کان ڌوئڻ گهرجي

شيعه عالمن جون فتوائون

1ـ شيخ مفيد رحمه الله عليه وضو جي ڪيفيت جي باري ۾ فرمائن ٿا: 

...ان وقت سڄي لپ ۾ پاڻي کڻي کاٻي هٿ تي لاهي ۽ ان سان سڄي ٻانهن ٺونٺين کان آڱرين جي طرف ڌوئي. (2)

2ـ شيخ طوسي رحمه الله عليه به ان باري ۾ فرمائن ٿا:

پوءِ پاڻي جي ٻئي لپ ڀري پنهنجي ساڄي ٺونٺ تي لاهيندو ۽ ان کي آڱرين جي طرف ڌوئيندو. (3)

3ـ علامه حلي (ره) به ان باري ۾ فرمائن ٿا:

ٺونٺين کان ابتدا ڪرڻ واجب آهي. ۽ اگر ان جي ابتڙ ڌوئي ته ان ۾ چهري ڌوئڻ وانگر ٻه قول آهن. حقيقي قول اهو آهي ته وضو باطل آهي. (4)

شيعه عالمن جي سڀني قولن کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن وٽ ٻانهن کي ٺونٺين کان آڱرين جي طرف ڌوئڻ مشهور آهي ۽ ان جي بر عڪس يعني آڱرين کان ٺونٺين ڏانهن ڌوئڻ باطل آهي.

اهل سنت جي عالمن جون فتوائون

1ـ ماوردي چئي ٿو: ..پوءِ ساڄي ٻانهن کي ٺونٺ تائين ڌوئيندو ۽ بعد ۾ پنهنجي کاٻي ٻانهن کي به انهي طريقي سان ڌوئيندو... (5)

2ـ عبد الرحمن جزيري چئي ٿو: امام (وضو ۾) چئن فرضنـجن ڏانهن قران ۾ اشارو ٿيو آهيـ تي متفق آهن. ۽ اهي چار فرض هي آهن: ٻنهي هٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئڻ، سڄي مٿي يا ان جي ڪجهه حصي جو مسح ۽ ٻنهي پيرن کي ڀيڏين تائين ڌوئڻ. (6)

شيعه عالمن جا دليل

جهڙي ريت بيان ڪيو سين ته مشهور شيعه عالمن جو وضو ۾ هٿ ڌوئڻ وارو نظريو ان ڳالهه تي مبني آهي ته لازمي طور تي ٺونٺين کان ڌوئڻ جي ابتدا ڪجي. هاڻي مختصر طريقي سان انهن جا دليل بيان ڪري رهيا آهيون.

1ـ اصالة الاشتغال جي تقاضا اها آهي

اصول عملي ڏانهن رجوع ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچون ٿا ته اصالة الاشتغال جي تقاضا اها آهي ته ڌوئڻ جي شروعات ٺونٺين کان آهي، ان ڪري جو اهل بيت عليهم السلام جي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هٿن کي ٺونٺين کان ڌوتو وڃي، تنهن ڪري انهن روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ سان اهل سنت کي گهٽ ۾ گهٽ ذميداري ختم ٿي وڃڻ جو يقين ۽ علم حاصل نه ٿيندو.

 2ـ بياني روايتون: اهي روايتون جيڪي اهل بيت عليهم السلام بيان ڪيون آهن ته رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم ڪهڙي ريت وضو ڪندا هئا. ان ڳالهه تي دلالت ڪن ٿيون ته هٿن کي ٺونٺين کان ڌوتو وڃي.

شيخ طوسي (ره) پنهنجي سند سان بڪير کان ۽ زراره بن اعين کان نقل ڪري ٿو ته:

اسان ٻنهي امام محمد باقرعليه السلام کان رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم جي وضو جي طريقي بابت سوال ڪيو سين. پاڻ عليه السلام هڪ ننڍو ٿانو يا ٿالهه پاڻي سان ڀري کڻي اچڻ جو حڪم ڏنو ۽ پنهنجي هٿن جون ٻئي تريون ڌوتيون ۽ پوءِ پاڻي سان هڪ لپ ڀري ان سان چهرو ڌوتو، پوءِ کاٻو هٿ پاڻي مان ڀري ساڄي هٿ تي لاٿو ۽ اهو ٺونٺين کان آڱرين تائين ڌوتو ۽ ڪنهن به طرح پاڻي پوئتي ٺونٺين ڏانهن نه موٽايو ۽ ائين ئي کاٻو هٿ ڌوتو. پوءِ هٿ جي تري سان مٿي ۽ اڀريل جاين تائين ٻنهي پيرن جو مسح ڪيو.. (7)

3ـ آيت ۾ الي، مِن جي معني ۾ آهي

اهل بيت عليهم السلام جي روايتن ۾ لفظ اِلى، مِن جي معني ۾ تفسير ٿيو آهي ۽ ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته اِلى، مِن جي معني ۾ استعمال ٿيو آهي، ان ڪري جو عربن وٽ اهڙو استعمال موجود نه آهي، بلڪه ان مان مراد اها آهي ته لفظ اِلى مان حقيقي مراد مِن جي معني آهي. (8)

اهل سنت جو ابتڙ (يعني آڱرين کان ٺونٺين جي طرف ڌوئڻ) جي جائز هجڻ تي دليل

جهڙي ريت اشارو ڪيو سين: اهل سنت هٿن جي آڱرين کان ٺونٺين ڏانهن ڌوئڻ کي به جائز ٿا سمجهن ۽ انهن جو دليل اهو آهي ته آيت ۾ ڌوئڻ جو حڪم مطلق آهي ان ۾ اها قيد ۽ شرط نه آهي ته ٺونٺين کان آڱرين طرف ڌوئجي يا آڱرين کان ٺونٺين طرف. بس ان مطلق هجڻ جي تقاضا اها آهي ته هٿن کي آڱرين کان ٺونٺين جي طرف ڌوئڻ جائز هجي بلڪه اها ئي معني ظاهر آهي.

جواب:

شيعه عالم جيڪي هٿن کي ٺونٺين کان هيٺ ڌوئڻ واجب ٿا سمجهن مٿئين دليل جي جواب ۾ چون ٿا: اسان جيڪو چئون ٿا ان سان فَاغسِلُو وُجُوهَکم و اَيدِيَکم اِلَي المرافِقِ واري آيت جو ڪو ٽڪراءُ ڪونهي. ان ڪري جو:

اولا: آيت ان ڳالهه ۾ ظاهر آهي ته لفظ اِلى مغسول (يعني جنهن شي کي ڌوتو ٿو وڃي ان) جي حد کي بيان ٿو ڪري جيڪو اَيدِيَکُم آهي. نه غَسل ۽ ڌوئڻ جي حد کي، ٻين لفظن ۾ آيت اهو بيان ڪرڻ ٿي چاهي ته هٿن جو ڪيترو مقدار ڌوئڻ واجب آهي، ان ڪري جولفظ يَد ڪيترين ئي معنائن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪڏهن صرف آڱرين لاءِ جيئن چوري واري آيت ۾، ڪڏهن هٿ جي ترِي لاءِ جيئن آيت تيمم ۾، ڪڏهن ٺونٺ ۽ ان کان هيٺ لاءِ جيئن آيت وضوءَ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلهي ۽ ان کان هيٺ لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ئي عرفي موردن تي ان معني لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

الله سائين ارادو ڪيو ته اِلى وسيلي هٿ ڌوئڻ جي حد ۽ دائري کي معين ڪري ته اها حد ٺونٺ تائين آهي، تنهن ڪري حقيقت ۾ آيت ڌوئڻ جي ڪيفيت ۽ طريقي کي بيان نه ٿي ڪري. ان جو بيان پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم ۽ امامن جي ذميداري آهي جن سهڻي طريقي سان بيان به ڪيو آهي. هي ڳالهه ائين آهي ته انسان هڪ پينٽر کي چوي ڇت تائين ڀت تي پينٽ ڪر. ان جي معنا اها نه آهي ته لازمي طور تي پينٽنگ جي شروعات هيٺان کان مٿي ڪرڻي آهي.

ثانيا: جيڪڏهن آيت مغسول جي حد کي بيان ڪرڻ واري معني ۾ ظاهر نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ غَسل ۽ ڌوئڻ جي حد بيان ڪرڻ ۾ به ظاهر نه آهي ته جيئن لازمي طور تي آڱرين کان ٺونٺين تائين ڌوئڻ واري معني رسائي. نتيجي ۾ آيت مجمل آهي، تنهن ڪري بياني روايتن ڏانهن رجوع ڪيو ويندو ۽ اهي ان ڳالهه تي چٽو دليل آهن ته لازمي آهي ته هٿ ٺونٺين کان آڱرين جي طرف ڌوتو وڃي.

علامه طباطبائي (ره) فرمائن ٿا: جيڪو بيان ٿيو ان مان واضح ٿيو ته لفظ

اِلَى المرَافِقِ

قيد ۽ شرط آهي اَيدِيَکُم يعني مغسول لاءِ، نتيجي ۾غَسل ۽ ڌوئڻ لاءِ ڪا غايت بيان نه ٿي آهي. تنهن ڪري هٿن کي ٺونٺين کان آڱرين جي طرف ڌوئي سگهجي ٿو ۽ اها حالت، وضو کان علاوهه، ساڳِي هٿن کي ڌوئڻ واري طبيعي حالت آهي. اهڙي ريت ان حالت جي ابتڙ به ممڪن آهي، ليڪن ڇا ڪريون جيڪي روايتون اهل بيت عليهم السلاموٽان پهتيون آهن پهرئين صورت جي واجب هجڻ ۽ ٻئي صورت جي باطل هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون.

ثالثا: ممڪن آهي اها دعوا ڪئي وڃي ته لفظ اِلى ان صورت ۾ غايت ۽ حد بندي کي بيان ڪندو آهي جڏهن مِن ابتدائيه سان گڏ هجي. مثال طور ڪو چئي ذهبت من فريد آباد الي دادو مان فريد آباد کان دادو ويس. جڏهن ته آيت جي مورد ۾ ائين نه آهي.

بـ وضو ۾ پيرن جو مسح

وضو ۾ ٻيو اختلافي مسئلو پيرن جو مسح ڪرڻ يا انهن کي ڌوئڻ جو آهي، شيعه چون ٿا ضروري آهي ته پيرن جو مسح ڪجي، ليڪن اهل سنت جو نظريو آهي ته ضروري آهي ته ٻئي پير ڌوتا وڃن. ان مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ٿا.

شيعه فقيھن ۽ عالمن جون فتوائون

1ـ سيد مرتضي رحمه الله عليهفرمائي ٿو:

شيعن جي مخصوص احڪام مان ٻنهي پيرن جو قطعي طور تي مسح ڪرڻ هڪ آهي، ڌوئڻ يا مسح ڪرڻ مان ڪنهن هڪ کي اختيار ڪرڻ جي اجازت نه آهي. (9)

2ـ شيخ طوسي (ره) فرمائي ٿو:

ان وقت ضروري اٿس ته هٿن جي رهيل آلاڻ مان پيرن جي اڀريل حصي تائين مسح ڪري. (10)

3ـ محقق حلي رحمه الله عليه فرمائي ٿو:

ٻنهي پيرن جو مسح واجب آهي پيرن جي اڀريل جڳھ تائين جنهن کي (قبه) چيو ويندو آهي ۽ مسح جو واجب هجڻ سڀني شيعه عالمن جو نظريو آهي. (11)

4ـ علامه حلي رحمه الله عليهفرمائي ٿو:

سڀ شيعه عالم پيرن جي مسح واجب هجڻ جا قائل ٿيا آهن ۽ وضو ۾ اختياري حالت ۾ پيرن کي ڌوئڻ  کي باطل ڄاڻن ٿا. (12)

اهل سنت جي عالمن جون فتوائون:

1ـ سرخسي حنفي چئي ٿو:

پوءِ پنهنجي ٻنهي پيرن مان هر هڪ کي اڀريل جڳھ تائين ٽي ڀيرا ڌوئي... (13)

2ـ ابن قدامه حنبلي لکي ٿو:

اڪثر اهل علم وٽ ٻنهي پيرن کي ڌوئڻ واجب آهي. (14)

3ـ شافعي خداوند متعال جي قول:

و اَرجُلَکُم اِلَى الکَعبَينِ

جي تفسير ۾ لکي ٿو:

اسان اَرجُلَکُم کي فتحه يعني زبر سان پڙهون ٿا ۽ جيم تي زبر ڏيون ٿا. ان ڪري جو اهو عطف آهي

وُجُوهَکُم و اَيدِيَکُم تي.

 (15) ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته پيرن کي ڌوئڻ واجب آهي.

4ـ قرطبي مالڪي چئي ٿو:

جيڪو به و اَرجُلَکُم کي نصب سان پڙهي يعني جيم تي زبر ڏيئي پڙهي ته اهو ان نصب جي عامل کي اغسِلُوا ڄاڻيندو ۽ اهو خيال ڪندو ته وضو ۾ ٻنهي پيرن کي ڌوئڻ واجب آهي نه انهن جو مسح ڪرڻ ۽ اهو نظريو سڀني عالمن جو آهي. (16)

وضو ۾ اختلاف

اهڙي موضوع ۽ ڪم  ۾ ڇو اختلاف ٿيو آهي جنهن کي رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلّم۽ اصحاب سڳورا روزانو ڪجهه ڀيرا ورجائيندا هئا؟ اهڙو موضوع جنهن جي رسول خدا ايڏي تاڪيد ڪنداهئا، ايستائين جو کيس نماز جي صحيح هجڻ جي شرط قرار ڏنو ويو. (17)

 بغير ڪنهن شڪ جي اسلام جي ابتدائي زماني ۾ وضو ۾ ڪنهن به قسم جو اختلاف نه رهيو آهي ۽ اگر ائين هجي ها ته تاريخ ۾ ان ڏانهن اشارو ٿيل هجي ها، ان ڪري جو شريعت جو پاسبان خود انهن وٽ موجود هئو ۽ هر قسم جي اختلاف کي ختم ڪري پئي سگهيو.

اهڙي ريت تاريخ ڏانهن رجوع ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پهرئين ۽ ٻئي خليفي جي دور ۾ به وضو جي مسئلي تي ڪو اختلاف موجود نه هئو، سواءِ هڪ ننڍڙي فرع جي ته جوتن يا جورابن جي مٿان مسح صحيح آهي يا نه؟ (18) وضو ۾ اختلاف عثمان بن عفان جي زماني کان شروع ٿيو.

متقي هندي ڪنز العمال ۾ ابو مالڪ دمشقي کان نقل ٿو ڪري ته: وضو ۾ اختلاف عثمان جي خلافت جي زماني کان شروع ٿيو. (19)

بخاري ۽ مسلم پنهنجي سَنَد سان حمران کان نقل ڪن ٿا ته: عثمان بن عفان پاڻي گهريو ته جيئن وضو ڪري، پوءِ ساڄي ٻانهن ٺونٺين تائين ٽي ڀيرا ڌوتي ۽ پوءِ کاٻي ٻانهن به اهڙي ريت ڌوتي، پوءِ پنهنجي مٿي جو مسح ڪيائين ۽ ساڄي ۽ کاٻي پير مان هر هڪ کي اڀريل جاءِ تائين ٽي ڀيرا ڌوتائين ۽ چيائين: رسول خداصلى الله عليه وآله وسلّم کي ڏٺم ته ائين وضو ڪري رهيا هئا. (20)

عثمان ان جي باوجود جو تمام گهٽ روايتون بيان ڪندڙ هئو ۽ سندس ٽوٽل بيان ٿيل حديثون 146 آهن، ان موضوع ۾ ويهه حديثن جي لڳ ڀڳ کانئس نقل ٿيون آهن ۽ گهڻيون روايتون هن باب جون آهن تنهن ڪري اهو مسئلو ماڻهو کي سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري ڇڏي ته پيرن کي ڌوئڻ جو رواج عثمان ڇو وڌو.

ان جا ڪجهه دليل ٿي سگهن ٿا، عثمان پنهنجي لاءِ شريعت کي وضع ڪرڻ جي اهليت رکڻ جو قائل هئو، خاص طور تي صحابه کان دور ٿيڻ ۽ انهن جي مدد نه ملڻ جي ڪري عثمان ۽ ٻين صحابين جي درميان ڪافي فاصلا اچي ويا جيڪي سبب بڻيا ته هو حقيقي احڪام کان دور ٿي وڃي.

ان ڪري مشاهدو ڪريون ٿا ته امير المومنين علي عليه السلام پنهنجي خلافت جي زماني ۾ عملي طور تي ان بدعت سان مقابلو ڪيو ۽ مسجد ۾ (سڀني جي سامهون) وضو ڪرڻ لاءِ قنبر کان پاڻي جو ٿانو طلب ڪيو ۽ ٻئي هٿ ڌوتا، چهرو ڌوتو ۽ ٻئي ٻانهون ٺونٺين کان آڱرين تائين ڌوتيون، پوءِ هڪ ڀيرو مٿي جو مسح ڪيو ۽ ٻنهي پيرن جو اڀريل جاين تائين مسح ڪيو ۽ پوءِ فرمايو: اي رسول خدا جي وضو بابت سوال ڪرڻ وارا، پاڻ سڳورا ائين وضو ڪندا هئا. (21)

بخاري پنهنجي سند سان ام الدرداء کان نقل ڪري ٿو ته:

ابو الدرداءِ ڪاوڙ جي حالت ۾ مون وٽ آيو، کيس چيم: تو کي ڪهڙي شيءَ ڪاوڙ ڏياري آهي؟ وراڻيائين: خدا جو قسم! محمدصلى الله عليه وآله وسلّم جي ڪمن مان انهن ۾ ڪا شيءَ نه ٿو ڏسان سواءِ ان جي جو ڏسان ٿو ته نماز پڙهن ٿا. (22)

وهب بن ڪيسان کان شافعي نقل ڪري ٿو ته:

ابن زبير خطبي کان پهريان نماز شروع ڪئي ۽ فرمايو: رسول خداصلى الله عليه وآله وسلّم جون سڀ سنتون تبديل ٿي ويون، ايستائين جو نماز به. (23)

پيرن جو مسح واجب هجڻ تي شيعه عالمن جو دليل

1ـ قرآن مجيد: خداوند متعال فرمائي ٿو:

يااَيُّهَا الَّذِينَ آمَنوا اِذَا قُمتُم اِلى الصّلَاةِ فَاغسِلُوا وُجُوهَکُم و اَيدِيَکُم اِلىالمرَافِقِ وَامسَحُوا بِرُءُوسِکُم و اَرجُلَکُم اِلى الکَعبَينِ،(24)

اي مومنو! جڏهن نماز لاءِ اٿو پنهنجي چهرن کي ۽ هٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو. ۽ پنهنجي مٿي جو ۽ پيرن جو اڀريل جاين تائين مسح ڪريو.

آيت ۾ شاهد، لفظ اَرجُلَکُم آهي جيڪو رُءُوسکُم جي ويجهو هجڻ سبب ان تي عطف ٿيو آهي ۽ ان تي به ب داخل ٿيندو ۽ انهي صورت ۾ ٻنهي جو عامل وَامسَحُوا آهي نتيجي ۾ ضروري آهي ته پيرن جو به مٿي وانگر مسح ڪيو وڃي.

ليڪن اهل سنت اَرجُلَکُم کي نصب ڏيندا آهن ۽ ان کي وُجُوهَکُم تي عطف ڪندا آهن، جيڪو اغسِلُوا سان منصوب ٿيو آهي. تنهن ڪري پيرن جي ڌوئڻ جو حڪم ڪندا آهن. ليڪن اهو عقيدو هيٺين دليلن جي ڪري اشڪال ۽ اعتراض کان خالي نه آهي.

اولاً: اَرجُلَکُم کي نصب ڏيئي پڙهڻ، کيس جر ڏيئي پڙهڻ کان وڌيڪ نه آهي، ان ڪري جو ابن ڪثير، ابو عمر، ابو بڪر، ۽ حمزه عاصم کان اَرجُلِکُمکي جر سان يعني لام تي زير ڏيئي قرائت ڪيو آهي. (25)

ثانياً: نحوي چون ٿا: معطوف جو حق اهو آهي ته ويجهي کان ويجهي لفظ تي عطف ٿئي ۽ ويجهو لفظ رُءُوسکُم آهي جيڪو مجرور آهي.

ثالثاً: نصب جي قرائت جي بنياد تي به مسح جي واجب هجڻ جو استفادو ڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ جو بِرُءُوسِکُم محلاً منصوب آهي امسِحُوا جي ذريعي ۽ محل تي عطف جي ذريعي اَرجُلکُم کي منصوب پڙهي سگهجي ٿو ۽ انهي حال ۾ ئي مسح جو حڪم لڳائي سگهجي ٿو.

ٻئي پاسي کان، نصب جي قرائت جي بنياد تي، ڪلمي اَرجُلَکم کي اَيدِيَکُم تي عطف ڪرڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون موجود آهن جن مان ڪجهه هيٺ ذڪر ڪجن ٿيون.

الف) ان جو لازمو اهو ٿيندو ته معطوف ۽ معطوف عليه جي وچ ۾ هڪ اجنبي جملي جو فاصلو اچي وڃي ۽ عطف جي باب ۾ اها ڳالهه جائز نه آهي.

ب) ان جو لازمو اهو ٿيندو ته هڪ جملي مان معنا ۽ مطلب سمجهڻ کان پهريان ۽ ان جي تمام ٿيڻ کان پهريان ٻئي جملي جي طرف منتقل ٿي وڃون جنهن جو پهرئين سان ڪو رابطو ئي نه هجي.

ج) اهو احتمال فصاحت قرآن جي خلاف آهي.

اگر ڪو اعتراض ڪري ته اَرجلَکُم ۾ جر جي قرائت ان ڪري آهي جو مجرور جي ويجهو آهي جنهن کي اصطلاح ۾ عطف بالجوار چوندا آهن عطف هجڻ جي ڪري نه آهي. اسان کيس جواب ڏيندا سين ته اهو احتمال هيٺين ڳالهين جي ڪري ناقابل قبول آهي:

1ـ مجرور سان ويجهي هجڻ جي ڪري ڪسر ڏيڻ قبيح آهي صرف شعر ۾ ضرورت مهل ڏيئي سگهجي ٿي.

2ـ جوار جي ڪري ڪسر ڏيڻ ان وقت صحيح آهي جڏهن انسان کي اشتباھ ۾ نه وجهي، جڏهن ته هن آيت ۾ اگر ڪسر انهي باب مان هجي ته انسان اشتباھ ڪندي گمان ڪندو ته اهو ڪسر عطف جي ڪري آهي.

نتيجو اهو نڪتو ته:

آيت ان مسح ۾ صريح ۽ واضح آهي جنهن جا اماميه قائل آهن.

توجهه جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهل سنت جي ڪجهه عالمن وضاحت سان لکيو آهي ته آيت پيرن جي مسح ۾ ظاهر آهي نه ڌوئڻ ۾، ليڪن ڌوئڻ واريون روايتون موجود هجڻ ۽ انهن کي قرآن جي ظاهر تي ترجيح ڏيڻ سبب روايتن کي آيت تي ترجيح ڏني اٿن. انهن عالمن منجهان: ابن حزم(26) فخر رازي(27) شيخ ابراهيم حلبي(28) شيخ ابوالحسن سندي حنفي(29) شيخ محمد عبده(30) شيخ برهان الدين حلبي(31) ۽ شافعي(32) جا نالا قابل ذڪر آهن.

  1. روايتون:

ٻنهي مذهبن جي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته گهڻين ئي روايتن ۾ ٻنهي پيرن جي مسح کي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. جن مان گهڻي ڀاڱي صحيح سَنَد واريون روايتون آهن:

الف) اهل سنت جون روايتون

الفـ حميدي پنهنجي سَنَد سان ابن عبد خير کان نقل ڪري ٿو ته: علي بن ابي طالب عليه السلام کي ڏٺم ته ٻنهي پيرن مٿان مسح ڪيائين. (33)

بـ عبد الله بن احمد بن حنبل پنهنجي سَنَد سان ابن عبد خير کان نقل ٿو ڪري: علي عليه السلام کي ڏٺم ته وضو ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي ٻنهي پيرن تي مسح ڪيائين. (34)

اهل سنت جي رجالي عالمن مطابق انهن ٻنهي حديثن جي سَنَد صحيح آهي ۽ اسان بحث جي ڊگهي ٿي وڃڻ سبب ان کي وضاحت سان بيان نه ٿا ڪريون.

جـ اهڙي ريت علي عليه السلام کان ٻئي سَنَد سان نقل ڪيو اٿس ته مولا فرمايو:

مون مسح لاءِ باطني حصي کي پيرن جي ظاهري حصي کان وڌيڪ مناسب پئي سمجهيو ايستائين جو رسول صلى الله عليه وآله وسلّم کي ڏٺم جن پيرن جي ظاهري حصي جو مسح پئي ڪيو.(35)

حضرت علي عليه السلام ان حديث ۾ ڄڻ اهو بيان ڪري رهيا آهن ته اگر پنهنجي راءِ ۽ قياس مطابق حڪم هجي ها ته پيرن جو هيٺيون ۽ باطني حصو مسح ڪيو وڃي ها، ليڪن انسان کي صاحب شريعت جي فرمان جو پابند بڻجي ان جي اطاعت ڪرڻ گهرجي.

دـ ابو دائود پنهنجي سَنَد سان نزال بن سبره کان نقل ٿو ڪري ته ان چيو:

علي عليه السلام رحبه ۾ ظهر جي نماز پڙهي، ۽ پوءِ ماڻهن جون حاجتون پوريون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو ايستائين جو عصر جو وقت ٿي ويو، پاڻي جو هڪ ٿانو وٽس کڻي آيا، مولا پاڻي جي لپ ڀري چهرو ۽ ٻئي هٿ ڌوتا، پوءِ مٿي ۽ پيرن جو مسح ڪيو... ۽ پوءِ فرمايو: مون ڏٺو ته رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم ائين وضو ڪيو ۽ هي اهڙي ماڻهو جو وضو آهي جنهن دين ۾ بدعت داخل نه ڪئي آهي. (36)

انهي ئي مضمون جهڙي حديث عبد الله بن احمد بن حنبل ۽ نسائي کان نقل ٿي آهي. (37)

هـ تميم مازني نقل ٿو ڪري ته:

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم کي ڏٺم ته وضو ڪيائون ۽ پنهنجي ٻنهي پيرن جو مسح ڪيائون. (38)

مٿي ذڪر ٿيل سڀ روايتون صحيح سَنَد واريون آهن جيڪي چڱي ريت ٻنهي پيرن جي مسح واجب هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون. جڏهن ته ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن جيڪي چٽي طرح مسح جي واجب هجڻ کي بيان ڪري رهيون آهن.

اصحاب ۽ مسح جو نظريو

اصحاب به وضو ۾ پيرن جي مسح جو عقيدو رکن ٿا:

الفـ عبد الله بن احمد بن حنبل پنهنجي سَنَد سان سفيان کان نقل ٿو ڪري ته:

علي عليه السلام کي ڏٺم وضو ڪيائين ۽ پنهنجي ٻنهي پيرن مٿان مسح ڪيائين. (39)

بـ طبري پنهنجي سَنَد سان ابن عباس کان نقل ٿو ڪري:

وضو جو مطلب آهي ٻه (عضوا) ڌوئڻ ۽ ٻه (عضوا) مسح ڪرڻ. (40)

جـ طحاوي پنهنجي سَنَد سان نافع کان نقل ٿو ڪري:

عبد الله بن عمر وضو وقت جڏهن نعلين پيرن ۾ هوندي هيس پيرن جي ظاهري حصي جو مسح ڪندو هئو ۽ چوندو هئو پيغمبرصلى الله عليه وآله وسلّم ائين (وضو) ڪندا هئا. (41)

دـ بيهقي پنهنجي سَنَد سان خالد بن سعد کان نقل ٿو ڪري ته:

ابو مسعود انصاري کي ڏٺم ته پيشاب ڪيائين ۽ پوءِ وضو ڪيائين (جنهن ۾) پنهنجي جوراب ۽ نعلين تي مسح ڪيائين ۽ نماز پڙهيائين.(42)

هـ ابن ابي شيبه پنهنجي سند سان حميد کان نقل ٿو ڪري:

انس جڏهن پنهنجي ٻنهي پيرن جو مسح ڪندو هئو انهن کي آلو ڪندو هئو.(43)

تابعين ۽ مسح جو نظريو

الفـ طبري پنهنجي سَنَد سان امام محمد باقر عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته امام فرمايو:

پنهنجي مٿي ۽ ٻنهي پيرن جو مسح ڪر. (44)

بـ ۽ پڻ شعبي کان نقل ٿو ڪري ته:

ٻنهي پيرن ۾ مسح جو حڪم آهي. (45)

جـ ساڳيو ئي شخص پنهنجي سَنَد سان عڪرمه سان گڏ سفر ڪندڙ کان نقل ٿو ڪري ته:

مون کيس نه ڏٺو ته وضو وقت پيرن کي ڌوئي صرف انهن جو مسح پئي ڪيائين. (46)

دـ اهڙي ريت قناده کان وضو واري آيت جي تفسير ۾ نقل ڪري ٿو ته فرمائين:

الله سائين وضو ۾ ٻه (عضوا) ڌوئڻ ۽ ٻن (عضون) جي مسح کي واجب ڪيو آهي. (47)

هـ ساڳيو شخص عڪرمه کان نقل ٿو ڪري ته:

وضو ۾ ٻنهي پيرن کي ڌوئڻ ذميواري نه آهي، بلڪه جيڪو نازل ٿيو آهي اهو مسح آهي. (48)

وـ ابن ابي شيبه پنهنجي سند سان حسن بصري کان نقل ڪري ٿو ته:

جيڪا شي وضو ۾ واجب آهي اها ٻنهي پيرن جو مسح آهي. (49)

زـ ابن سعد پنهنجي سَنَد سان ابراهيم نخعي کان نقل ڪري ٿو ته:

جنهن شخص به مسح کان منهن موڙيو ان سنت کان منهن موڙيو ۽ مسح کي ترڪ ڪرڻ نه آهي  پر شيطان جي طرفان آهي. (50)

هي انهن روايتن مان ڪجهه هيون جيڪي اهل سنت جي طريقي سان پهتيون آهن. افسوس جو اهل سنت انهن تي ذري برابر به توجهه نه ٿا ڏين ۽ الٽو انهن جي بدران پيرن کي ڌوئڻ واريون روايتون نقل ڪن ٿاجيڪي گهڻو ڪري سَنَد جي اعتبار کان ضعيف آهن ۽ اهو صرف ان ڪري ٿا ڪن جو انهن ضعيف روايتن ۾ عثمان بن عفان جون حديثون آهن.

ب) اهل بيت عليهم السلام جون روايتون

الفـ ڪليني رحمه الله عليه پنهنجي سَنَد سان امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته:

...پنهنجي مٿي جي اڳئين حصي تي مسح ڪر ۽ پڻ پنهنجي ٻنهي پيرن تي ترتيب سان، اهڙي ريت جو مسح ساڄي پير کان شروع ڪر. (51)

بـ اهڙي ريت پنهنجي سَنَد سان امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته امام فرمايو:

اهڙو به شخص آهي جنهن جي عمر جا سٺ يا ستر سال گذري ويا آهن، جڏهن ته سندس هڪ نماز به الله سائين جي بارگاهه ۾ قبول نه آهي. راوي چئي ٿو عرض ڪيم اهو وري ڪيئن؟ مولا فرمايو: اهو ان ڪري جو الله سائين جنهن جڳھ جي مسح جو حڪم ڏنو آهي ان کي ڌوئي ٿو. (52)

جـ ساڳيو شخص پنهنجي سَنَد سان سالم ۽ غالب بن هذيل کان نقل ڪري ٿو ته:

امام محمد باقر عليه السلام کان ٻنهي پيرن تي مسح جي باري ۾ پڇيو سين؟ حضرت فرمايو: اها ساڳئي شي آهي جنهن جي جبرائيل خبر ڏني آهي.(53)

شيخ صدوق پنهنجي سَنَد سان امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته:

مولا فرمايو: هڪ شخص چاليهه سال خدا جي عبادت ڪري ٿو، ان حال ۾ جو وضو جي احڪام ۾ سندس اطاعت نه ڪئي اٿس، ان ڪري جو جنهن جي مسح جو حڪم اٿس ان کي ڌوئي ٿو. (54)

سنت کي قرآن سان ڀيٽڻ

شاطبي لکي ٿو:

معتبر هجڻ جي لحاظ کان سنت جو درجو قرآن کان پوءِ آهي ان ڪري جو:

الف) قرآن قطعي ۽ يقيني آهي ۽ سنت ظني...

ب) سنت يا ته قرآن کي بيان ڪندڙ آهي يا قرآن کان علاوھ ڪنهن شي کي بيان ڪري ٿي. جيڪڏهن قرآن کي بيان ڪندڙ هجي ته ان جو رتبو قرآن کان بعد آهي.. ۽ جيڪڏهن قرآن کي بيان ڪندڙ نه هجي ان صورت ۾ معتبر آهي جو اها شي قرآن ۾ بيان نه ٿي هجي ۽ اهو دليل آهي ته قرآن جو درجو پهريان آهي.

ج) حديثن ۽ ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن جو درجو حديث کان پهريان آهي. جيئن هڪ ڀيرو حضرت معاذ کان پڇيو ويو، ڇا جي مطابق فيصلو ٿو ڪرين؟ جواب ڏنائين: الله جي ڪتاب مطابق. پوءِ کيس فرمايو ويو: اگر الله جي ڪتاب ۾ موجود نه هجي ته؟ چيائين: رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلّم جي سنت مطابق... (55)

واضح آهي ته ٻن قسمن جي روايتن ۾ ٽڪراءُ جي صورت ۾، اهي حديثون مقدم آهن جيڪي الله سائين جي ڪتاب  سان مطابقت رکنديون هجن ۽ اهي ساڳيون مسح واريون روايتون آهن جيڪي الله جي ڪتاب سان مطابقت رکن ٿيون.

حوالا

1ـ وسائل الشيعه، ج 1، ص 256، ابواب الوضوء، باب 1، ح 1؛ صحيح مسلم، ج 1، ص 204، باب 2؛ سنن ابن ماجه، ج 1، ص 100 و سنن ابي داود، ج 1، ص 16.

2ـ المقنعه، ص 43.

3ـ النهايه، ج 1، ص 158.

4ـ تذکرة الفقهاء، ج 1، ص 158.

5ـ الحاوي الکبير، ج 1، ص 112.

6ـ الفقھ علي المذاهب الاربعه، ج 1، ص 60.

7ـ تهذيب الاحڪام، ج 1، ص 55، ح 185.

8ـ وسائل الشيعه، ج 1، ص 57، ح 159، باب 19 از ابواب الوضوء.

9ـ الانتصار، ص 105ـ106.

10ـ النهايه، ص 13.

11ـ شرائع الاسلام، ج 1، ص 22.

12ـ تذکرة الفقهاء، ج 1، ص 168.

13ـ المبسوط، ج 1، ص 8.

14ـ المغني، ج 1، ص 120.

15ـ الام،ج 1،ص 23.

16ـ الجامع الاحکام القرآن، ج 6، ص 91.

17ـ صحيح مسلم، ج 1، ص 204، باب2.

18ـ در المنثور، ج 2، ص 263.

19ـ ڪنزالعمال، ج 9، ص 443، ح 26890.

20ـ صحيح بخاري، ج 1، ص 52؛ صحيح مسلم، ج 1، ص 204، ح 3..

21ـ مسند احمد، ج 1، ص 108.

22ـ صحيح بخاري، ج 1، ص 166.

23ـ الام،ج 1،ص 208.

24ـ مائده (5)، آيه 6.

24ـ الڪشف عن وجوه القرائات، ج 1، ص 406.

25ـ المحلى،ج 2،ص 56.

26ـ التفسير الکبير، ج 11، ص 161.

27ـ غنية المتملي،ص 16.

28ـ شرح سنن ابن ماجه، ج 1، ص 88.

29ـ المنار، ج 6، ص 228.

30ـ السيرة الحلبيه، ج 1، ص 28.

31ـ احکام القرآن، ج 1، ص 50.

32ـ مسند الحميدي، ج 1، ص 26، ح 47.

33ـ مسند احمد، ج 1، ص 124.

35ـ ساڳيو، ص 114.

36ـ مسند ابي داود طيالسي، ص 22، ح 148.

37ـ مسند احمد، ج 1، ص 159؛ سنن النسائي، ج 1، ص 84.

38ـ ڪنزالعمال، ج 9، ص 429، ح 26822؛ الاصابة، ج 1، ص 187.

39ـ مسند احمد، حديث 1018.

40ـ جامع البيان، ج 6، ص 82.

41ـ شرح معاني الآثار، ج 1، ص 35.

42ـ سنن بيهقي.

43ـ المصنف، ج 1، ص 420.

44ـ جامع البيان، ج 6، ص 82.

45ـ ساڳيو.

46ـ ساڳيو.

47ـ ساڳيو.

48ـ ساڳيو.

49ـ المصنف، ج 1، ص 18.

50ـ الطبقات الکبري، ج 6، ص 282.

51ـ وسائل الشيعه، ج 1، ص 294ـ297.

52ـ ساڳيو.

53ـ ساڳيو.

54ـ ساڳيو.

55ـ الموافقات، ج 4، ص 7ـ9.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found