جمع, 18 آڪٽوبر 2019 - Fri 10 18 2019

منو

ولايت فقيه ۽ حاڪم (ولي امر مسلمين) جا احڪام  (چوٿين قسط)

تحرير: افتخار علي سولنگي

سوال56: ڇا ولايت فقيهه جو مفهوم ۽ مصداق جي جهت سان عقيدو رکڻ هڪ عقلي امر آهي يا شرعي؟

جواب: ولايت فقيهه، حڪم شرعي تعبدي آهي جنهن جي معنا آهي هڪ دين شناس ۽ عادل فقيهه جي حڪومت، هي حڪم، عقل وٽ پڻ تائيد ٿيل آهي  ۽ ان جي مصداق کي معين ڪرڻ لاءِ عقلائي طريقو موجود آهي جيڪو طريقو اسلامي جھموريه ايران جي آئين ۾ لکيل آهي.

سوال57:  ڇا شرعي احڪام، ان صورت ۾ جو ولي امر مسلمين، مسلمانن جي عمومي مصلحتن خاطر، انهن جي (مراجعين، احڪام)  خلاف حڪم ڏئي ته اهي شرعي احڪام قابل تغيير ۽ تعطيل آهن؟

جواب: هن مسئلي جا مورد مختلف آهن.

سوال58: ڇا خبرون رسائيندڙ گروهن لاءِ اسلامي حڪومتي نظام ۾ ضروري آهي ته ولي فقيهه يا حوزه علميه يا ٻين ادارن جي ماتحت هجن؟

جواب: خبرون رسائيندڙ گروهن لاءِ ضروري آهي ته ولي امر مسلمين جي ماتحت هجن  ۽ انهن کي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ڪرڻ ۽ اسلامي ۽ الاهي معارف جي نشر و اشاعت ۾ ڪم آندو وڃي ۽ اسلامي معاشري جي فڪري ترقي ۽ انهن جي مشڪلاتن جي حل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد ۽ اخوت ۽ برادري جي ترويج ڏيڻ ۽ اهڙن ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪيو وڃي.

سوال 59: ڇا اهڙو شخص جيڪو ولايت مطلقه فقيهه (کي قبول ڪرڻ) جو عقيدو نٿو رکي، حقيقي مسلمان شمار ٿئي ٿو؟

جواب: ولايت مطلقه فقيهه جو عقيدو نه رکڻ پوءِ چاهي اهو عقيدو اجتهاد جي ڪري هجي يا تقليد جي ڪري، امام زمانه عج الله فرجه الشريف جي غيبت واري زماني ۾ مرتد يا اسلام مان خارج ٿيڻ جو سبب نٿو ٿئي.

سوال 60: ڇا ولي فقيهه، ولايت تڪويني رکي ٿو ته ان بنياد تي ديني احڪام کي ڪنهن به دليل جي بنا تي جيئن عمومي مصلحت وغيره ، نسخ ڪري سگھي؟

جواب: نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات کان پوءِ دين اسلام جي احڪام جو نسخ ٿيڻ محال آهي ۽ موضوع جي تبديل ٿيڻ سان يا اضطراري حالت جي پيش اچڻ يا هڪ وقتي رڪاوٽ جي ڪري حڪم جاري ڪرڻ، نسخ شمار نٿو ٿئي ۽ ولايت تڪويني فقط معصومين عليهم السلام سان مخصوص آهي.

سوال 61: انهن ماڻهن (مراجعين) جي نسبت اسان جي ڪهڙي ذميواري آهي جيڪي فقط امور حسبيه ۾ ولايت فقيهه جي عقيدي کي قبول ڪن ٿا جڏهن ته انهن جا ڪجھ نمائندا هن نظرئي جي تبليغ پڻ ڪن ٿا؟

جواب: ولايت فقيهه، مذهب حقه اثنا عشري جي بنيادي نڪتن منجھان هڪ آهي، جنهن جي معنا آهي اسلامي معاشري جي رهبري ۽ مسلمانن جي معاشرتي امورن جي سرپرستي ڪرڻ، جنهن جي اصل بنياد امامت آهي اگر ڪو شخص استدلال ۽ برهان سان ان عقيدي جي لازمي نه هجڻ تي پهتو هجي ته معذور آهي، ليڪن مسلمانن ۾ اختلاف ۽ فرقه بندي جي ترويج ڪرڻ جائز ناهي.

سوال62: ڇا ولي فقيهه جا حڪم سڀني مسلمانن تي واجب آهن يا فقط سندس مقلدن تي واجب آهن، ڇا ان شخص تي ولي فقيهه جي اطاعت ۽ پيروي ڪرڻ واجب آهي جيڪو هڪ اهڙي مرجع تقليد جو مقلد آهي جيڪو مجتهد، ولايت مطلقه فقيهه جو عقيدو نٿو رکي؟

جواب: مذهب شيعه جي مطابق سڀني مسلمانن تي واجب آهي ته ولي فقيه جي ولايت فقيهه جي عنوان سان جاري ڪيل حڪمن جي پيروي ڪن ۽ ان جي امر و نهي جي سامهون سر تسليم خم ڪن هي حڪم ٻين مجتهدن جي مقلدن کي ته ڇا پر انهن مجتهدن کي پڻ شامل آهي اسان جي نظر ۾ ولايت فقيهه جي عقيدي کي اسلام ۽ ولايت ائمه معصومين  E جي عقيدي رکڻ کان الڳ نٿو ڪري سگھجي.

سوال63: ولايت مطلقه جو لفظ، نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زماني ۾ هن معنا ۾ استعمال ٿيل آهي  ته جيڪڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ڪنهن شخص کي هڪ حڪم ڪن ته اگرچه اهو ڪم سڀ کان مشڪل ڪم ڇو نه هجي پر ان شخص تي واجب آهي ته ان ڪم کي انجام ڏئي؟ مثال طور: نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ڪنهن شخص کي خودڪشي ڪرڻ جو حڪم ڪري، واجب آهي ته اهو شخص پاڻ کي قتل ڪري ؟ سوال هي آهي ته ڇا هن زماني ۾ ولايت فقيهه جي اها ئي معنا آهي (جيڪا معنا رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي زماني ۾ هئي) ان کي نظر ۾ رکندي ته نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم معصوم هئا پر هن زماني ۾ مصعوم موجود ناهي؟

جواب: فقيهه جامع الشرائط جي ولايت مطلقه جو مطلب آهي ته دين حنيف اسلام، آخري آسماني دين آهي جيڪو قيامت تائين قائم هوندو. دين اسلام، دين حڪومت ۽ معاشري جي رهبري ڪرڻ وارو دين آهي ان جي ڪري اسلامي معاشري جا سڀئي طبقا مجبور آهن ته هڪ رهبر، حاڪم  ۽ ولي امر رکندا هجن  ته جيئن امت اسلامي کي اسلام ۽ مسلمانن جي دشمنن جي شر کان محفوظ رکي  ۽ اسلامي معاشري جي پاسداري ڪندي، ان معاشري ۾ عدالت قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ هر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم کي روڪي ۽ ثقافتي، سياسي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ مقدما فراهم ڪري، هي ڪم اجراء واري مرحلي ۾شايد ڪجھ ماڻهن جي آزادي ۽ منافع ۽ انهن جي راءِ جي مخالف هجي، مسلمانن جو رهبر  ۽ حاڪم ان کان پوءِ شرعي قانونن مطابق هڪ اهم ذميواري پنهنجن ڪلهن تي کڻي ٿو ته جنهن به مورد ۾ ضروري سمجھي ان جاءِ تي فقهه اسلامي مطابق ارادو ڪري  ۽ ضروري حڪم جاري ڪري، ولي فقيهه جا اختيارات انهن موردن ۾ جيڪي مورد اسلام ۽ مسلمانن جي عمومي مصلحتن سان تعلق رکندڙ آهن اگر عوام جي اختيار ۽ ارادي سان تعارض (ٽڪراءُ) رکندڙ هجن ته ولي فقيهه جو ارادو، امت جي ارادي تي مقدم آهي. هيءَ ولايت مطلقه جي باري ۾ هڪ مختصر وضاحت هئي.

سوال64: جهڙي ريت فوت ٿيل مجتهد جي تقليد تي باقي رهڻ لاءِ (فقهاءَ جي فتوا جي بنا تي) زندھ مجتهد جي اجازت ضروري آهي ڇا اهڙي طرح اهي حڪومتي شرعي احڪام جيڪي فوت ٿيل رهبر کان جاري  ۽ صادر ٿيا هجن، انهن جي باقي  ۽ نافذ هجڻ جي لاءِ زندھ رهبر جي اجازت ضروري آهي يا زندھ رهبر جي اجازت کان بغير پڻ اجراء ۽ نافذ هجڻ جي صلاحيت رکندڙ آهن؟

جواب: جيڪڏهن ولي فقيهه (رهبر) کان صادر ٿيل ولائي احڪام  ۽ منصوب ٿيل مقام وقتي نه هجن ته ان صورت ۾ استمرار رکندڙ (باقي) ۽ نافذ آهن. سواءِ ان صورت جي ته نئون ولي امر مسلمين انهن جي نقض ڪرڻ ۾ مصلحت سمجھي ۽ انهن کي نقض ڪري.

سوال65: ڇا ان مجتهد تي ولي فقيهه جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ واجب آهي جيڪو مجتهد اسلامي جمهوريه ايران ۾ زندگي گذاري ٿو پر ولي فقيهه جي ولايت مطلقه جو عقيدو رکندڙ ناهي؟ اگر اهو مجتهد ولي فقيهه جي مخالفت ڪري ته ڇا اهو فاسق شمار ٿيندو؟ ۽ ان صورت ۾ ته جڏهن هڪ مجتهد، ولايت مطلقه جو عقيدو رکندڙ ناهي پر پنهنجو پاڻ کي ولايت مطلقه واري مقام لاءِ وڌيڪ مناسب ۽ بهتر سمجھي ٿو  ۽ جيڪڏهن ولي فقيهه جي خصوصاً انهن حڪمن جي مخالفت ڪري جيڪي حڪم، ولي امر مسلمين جي عنوان سان جاري ٿيل آهن ڇا سندس مخالفت ڪرڻ سان فاسق ٿي ويندو؟   

جواب: ولي امر مسلمين جي انهن حڪمن جي پيروي ڪرڻ جيڪي ولائي ۽ حڪومتي عنوان سان جاري ٿيل آهن، هر مڪلف تي واجب آهي چاهي اهو (مڪلف) مجتهد ڇو نه هجي ۽ ڪنهن لاءِ به جائز ناهي ته ان سوچ سان ته پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ ڀلو سمجھي ٿو، مخالفت ڪري خصوصاً ان صورت ۾ جڏهن منصب ولايت تي پهتل شخص ڄاتل سڃاتل  قانوني رستن سان مقام ولايت تي پهتو هجي ٻيءَ صورت ۾ مسئلو مختلف ٿي ويندو (جنهن جي نتيجي ۾ جواب پڻ مختلف هوندو.)

سوال66: ڇا جامع الشرائط مجتهد، امام زمانه عج الله فرجه الشريف جي غيبت واري زماني ۾ حدود کي جاري ڪرڻ تي ولايت رکي ٿو؟

جواب: حدود کي جاري ڪرڻ، امام زمانه عج الله فرجه الشريف جي غيبت واري زماني ۾ پڻ واجب آهي  ۽ ان جي ولايت فقط ولي امر مسلمين وٽ آهي.

سوال67: ڇا ولايت فقيهه هڪ تقليدي مسئلو آهي يا اعتقادي؟ ۽ جيڪو ان جو عقيدو نٿو رکي ان جي لاءِ ڇا حڪم آهي؟

جواب: ولايت فقيهه امامت ۽ ولايت جي قسمن منجھان آهي جڏهن ته امامت ۽ ولايت اصول مذهب منجھان آهي صرف ان فرق سان ته ولايت فقيهه سان مربوط احڪام ٻين فقهي حڪمن وانگر آهن جيڪي شرعي دليلن مان استخراج ۽ استنباط ڪيا وڃن ٿا  ۽ جيڪو انسان استدلال ۽ برهان جي ذريعي ولايت فقيهه کي قبول نه ڪري ته اهو معذور آهي.

سوال68: ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ مسئولين کان (ولايت اداري) جي نالي هڪ مسئلو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جنهن جي معنا آهي ته (اداري ۾) مٿانهين مقام جي حڪم جي ڪنهن به اعتراض کان بغير اطاعت ۽ پيروي ڪرڻ، ان باري ۾ اوهان جي نظر ڇا آهي؟ ۽ اسان جي شرعي ذميواري ڪهڙي آهي؟

جواب: انهن اداري حڪمن جي مخالفت ڪرڻ جائز ناهي جيڪي حڪم اداري جي قانون مطابق جاري ٿيل هجن. ليڪن اسلامي مفاهيم ۾ ولايت اداري جي نالي سان ڪا به شيءِ وجود نٿي رکي. 

سوال69: ڇا نمائنده ولي فقيهه جي انهن حڪمن جي پيروي ڪرڻ جائز ناهي جيڪي حڪم سندس نمائندگي جي دائري ۾ اچن ٿا؟

جواب: اگر ولي فقيهه جي نمائندي، پنهنجي حڪمن کي (نمائندگي وارن) اختيارن جي دائري ۾ رهي ڪري جاري ڪيو هجي جيڪي اختيارات کيس ولي فقيه جي طرفان مليل آهن ته پوءِ ان جي مخالفت ڪرڻ جائز ناهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found