اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

تقليد جا احڪام (ٻئين قسط)

تحرير: افتخار علي سولنگي 

سوال24: ٻن عادل شخصن جي گواهيءَ سان هڪ مجتهد جي مرجع تقليد هجڻ جي صلاحيت جي ثابت ٿي وڃڻ کانپوءِ ڇا ضروري آهي ته ان مسئلي ۾ ٻين شخصن کان تحقيق ڪيان؟

جواب: هڪ مجتهد جي صلاحيت ۽ جامع الشرائط هجڻ جي لاءِ ٻن عادل شخصن ۽ اهل خبره جي گواهي ان مجتهد جي تقليد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ٻين ماڻهن کان پڇڻ ضروري ناهي.

سوال25: مرجع تقليد کي انتخاب ڪرڻ ۽ فتوى حاصل ڪرڻ جون ڪهڙيون راهون آهن؟

جواب: امتحان ڪرڻ يا يقين حاصل ٿيڻ سان مرجع تقليد جو اجتهاد ۽ اعلميت ثابت ٿي ويندي آهي پوءِ اهو يقين چاهي اهڙي شهرت مان حاصل ٿيو هجي جيڪا مفيدِ يقين آهي يا مفيدِ اطمينان يا اهو يقين اهل خبره مان ٻن عادل شخصن جي گواهيءَ سان حاصل ٿيو هجي.

مجتهد جي فتوى حاصل ڪرڻ جون هيٺيون راهون آهن:

(1) خود مجتهد کان ٻڌڻ

(2) ٻن يا هڪ عادل شخص کان ٻڌڻ

(3) هڪ اطمينان جوڳي شخص کان ٻڌڻ

(4) ان مجتهد جي توضيح المسائل ۾ ڏسڻ پر ان شرط سان ته اهو ڪتاب غلطين کان خالي هجي.

سوال26: ڇا مرجع تقليد کي انتخاب ڪرڻ ۾ وڪالت (ڪنهن ٻئي شخص کي پنهنجو وڪيل ڪرڻ) جيئن پيءُ جو وڪيل ٿيڻ پٽ جي لاءِ يا استاد جو وڪيل ٿيڻ سندس شاگرد جي لاءِ صحيح آهي؟

جواب: اگر وڪيل ڪرڻ مان مراد، جامع الشرائط مجتهد لاءِ تحقيق ۽ ڳولها جي ذميواري پيءُ، استاد، پرورش ڪندڙ يا ٻئي ڪنهن کي سونپڻ آهي ته ان ۾ ڪو به اشڪال ناهي ۽ سندن نظر اگر ان مسئلي ۾ علم (يقين) يا اطمينان پيدا ڪندڙ هجي ۽ يا وري بينه ۽ گواهيءَ جي شرطن سان هجي ته شرعي لحاظ کان معتبر ۽ حجت آهي.

سوال27: ڪجھ علماء جيڪي پاڻ مجتهد هئا انهن کان اعلم شخص جي باري ۾ سوال ٿيو انهن جواب ڏنو ته فلان مجتهد دامت اضافاته ڏي رجوع ڪرڻ سان بري الذمه ٿي ويندو ان باوجود ته آءُ خود ان مجتهد جي اعلميت جو علم نٿو رکان يا ان جي باري ۾ شڪ آهي يا وري اطمينان رکان ٿو ته اعلم ناهي ڇاڪاڻ ته اهڙا ٻيا افراد موجود آهن جن جي لاءِ دليل يا بينه سان اعلميت جي مشابهه شيءِ ثابت ٿي چڪي آهي سندن قول تي اعتماد ڪندي ان مجتهد جي تقليد ڪري سگھان ٿو (جنهن جي لاءِ اهي چون)؟

جواب: اگر جامع الشرائط مجتهد جي اعلميت تي شرعي بينو قائم ٿئي ته ان وقت تائين جيسيتائين ٻيو شرعي بينو جيڪو ان سان ٽڪرائيندو (معارض) هجي ظاهر نه ٿئي ته اهو بينو حجت شرعي آهي ۽ ان تي اعتماد ڪيو ويندو اگرچه يقين يا اطمينان بخش نه به هجي ان صورت ۾ ٽڪرائيندڙ ( معارض ) بَيِني جي تلاش ۽ جستجو ۽ ان جي موجود نه هجڻ کي ثابت ڪرڻ ضروري ناهي.

سوال28: ڇا اهو جائز آهي ته اهڙو شخص جيڪو مجتهد جي اجازت نه رکندو هجي ۽ ڪجھ موردن ۾ فتوى ۽ احڪام شرعي کي نقل ڪرڻ ۾ خطا جو مرتڪب ٿيو هجي مجتهد جي فتوى ۽ احڪام شرعي کي بيان ڪرڻ جي ذميواري کڻي؟

جواب: مجتهد جي فتوى کي نقل ڪرڻ ۽ احڪام کي بيان ڪرڻ جي لاءِ اجازت وٺڻ شرط ناهي پر جيڪو فتوى ۽ احڪام شرعي کي نقل ڪرڻ ۾ خطا جو مرتڪب ٿئي ٿو ان جي لاءِ جائز ناهي ته ان ڪم کي پنهنجي ذمي کڻي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مورد ۾ اشتباهه ڪيائين ۽ پنهنجي خطا جي طرف متوجهه ٿيو ته ان تي واجب آهي ته ٻڌندڙ کي ان خطا يا اشتباهه کان آگاهه ڪري، بهرحال جيسيتائين چوڻ واري جي قول جي صحيح هجڻ جو اطمينان پيدا نه ڪري ان وقت تائين ٻڌندڙ لاءِ جائز ناهي ته ان تي عمل ڪري.

هڪ مجتهد کان ٻئي مجتهد ڏانهن عدول ڪرڻ

سوال29: هن وقت تائين مجتهد غير اعلم جي اجازت سان ميت جي تقليد تي باقي رهندي عمل پئي ڪيو سين. جيڪڏهن ميت جي تقليد تي باقي رهڻ جي لاءِ اعلم جي اجازت شرط آهي ته پوءِ ڇا اعلم جي طرف عدول ڪرڻ ۽ ان کان ميت جي تقليد تي باقي رهڻ جي اجازت وٺڻ واجب آهي؟

جواب: جيڪڏهن غير اعلم جي فتوى ان مسئلي ۾ اعلم جي فتوى سان موافق هجي ته غير اعلم جي  فتوى تي عمل ڪرڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي ۽ اعلم جي طرف به عدول ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

سوال30: ڇا امام خميني قدس سره جي فتوائن مان ڪنهن هڪ فتوى ۾ عدول ڪرڻ لاءِ واجب آهي ته ان مجتهد جي فتوى جي طرف رجوع ڪيان جنهن کان ميت جي تقليد تي باقي رهڻ جي اجازت ورتي آهي يا ٻين سڀني مجتهدن جي فتوى تي به عمل ڪري سگھجي ٿو؟

جواب: احتياط، انهيءَ مجتهد جي فتوائن ڏانهن رجوع ڪرڻ ۾ آهي سواءِ ان جي ته ٻيو زندهه مجتهد ان مجتهد کان اعلم ۽ عدول واري مسئلي ۾ ان جي فتوى پهرئين مجتهد جي فتوى جي مخالف هجي، ته احتياط واجب هن صورت ۾ اعلم مجتهد جي طرف رجوع ڪرڻ ۾ آهي.

سوال31: آيا اعلم کان غير اعلم جي طرف عدول ڪرڻ جائز آهي؟

جواب: احتياط واجب هي آهي ته هڪ زندهه مجتهد کان ٻئي زندهه مجتهد جي طرف عدول نه ڪجي خصوصا ان صورت ۾ جڏهن پهريون مجتهد اعلم هجي.

سوال32: آءُ هڪ اهڙو نوجوان آهيان جيڪو احڪام شرعي جو مڪلف آهي، گذريل زماني ۾ بالغ ٿيڻ کان پهريان امام خميني قدس سره جو مقلد هئس، پر اها تقليد شرعي بيني جي بنياد تي نه هئي بلڪه ان بنياد تي هئي ته امام خميني قدس سره جي تقليد بري الذمه ٿيڻ جو سبب ٿئي ٿي، ڪجھ مدت کانپوءِ ان مرجع کان عدول ڪيم جڏهن ته اهو عدول ڪرڻ پڻ صحيح نه هيو ۽ ان مرجع جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ان مرجع کان عدول ڪيم مهرباني ڪري ان مرجع جي باري ۾ منهنجي تقليد جو حڪم بيان ڪندا ۽ ان مدت ۾ منهنجي اعمال جو ڪهڙو حڪم آهي ۽ هينئر منهنجي ڪهڙي ذميواري آهي ان کي بيان ڪندا؟

جواب: توهان جا اهي اعمال جيڪي امام خميني ره جي فتوى جي مطابق آهن چاهي انهن کي امام خميني قدس سره جي حيات با برڪت ۾ يا چاهي انهن جي رحلت کانپوءِ سندن تقليد تي باقي رهڻ جي بنا تي انجام ڏنو اٿو ، صحيح آهن پر اهي اعمال جيڪي اهڙي مجتهد جي تقليد ۾ انجام ڏنا اٿو جنهن جي تقليد قوانين شرعي جي مطابق ناهي اگر اهي اعمال ڪنهن اهڙي مجتهد جي فتوى جي مطابق هجن ته صحيح آهن ۽ بريءُ الذمه ٿيڻ جو سبب ٿين ٿا و گر نه ٻي صورت ۾ انهن جي قضا اوهان تي واجب آهي.

هن وقت توهان امام خميني قدس سره جي تقليد تي باقي رهڻ يا وري اهڙي مجتهد جي طرف عدول ڪرڻ ۾ جنهن جي تقليد موازين شرعي جي مطابق هجي، مخير آهيو. (يعني اگر چاهيو ته امام خميني قدس سره جي تقليد تي باقي رهو چاهيو ته ٻئي مجتهد ڏانهن رجوع ڪريو جنهن جي تقليد موازين شرعي مطابق آهي)

ميت جي تقليد تي باقي رهڻ

سوال33: هڪ اهڙو شخص جيڪو امام خميني قدس سره جو مقلد هيو سندن رحلت کانپوءِ هڪ معين مرجع جي تقليد ڪئي اٿائين هاڻي چاهي ٿو ته ٻيهر امام خميني قدس سره جي تقليد ڪري، ڇا اها تقليد جائز آهي؟

جواب: زندهه جامع الشرائط مجتهد کان فوت ٿيل مجتهد جي طرف رجوع ڪرڻ احتياط واجب جي بنا تي جائز ناهي، پر اگر زندهه مجتهد ۾ مقلد جي عدول وقت شرط پاتا نه پئي ويا ته ان جي طرف عدول ڪرڻ پهريان کان ئي باطل هيو.

هن وقت امام خميني قدس سره جي تقليد تي باقي رهڻ يا اهڙي مجتهد جي طرف جنهن جي تقليد جائز هجي ، عدول ڪرڻ ۾ مخير آهي.

سوال34: آءُ امام خميني قدس سره جي زماني ۾ بالغ ٿيس ۽ ڪجھ احڪام ۾ انهن جي تقليد ڪيم جڏهن ته تقليد جي مسئلي جي مونکي سٺي نموني خبر نه هئي، منهنجي هينئر ڪهڙي ذميواري آهي؟

جواب: اگر عبادي ۽ غير عبادي اعمال ۾ امام خميني قدس سره جي حياتي ۾ انهن جي فتوى تي عمل ڪيو اٿو ته عملا انهن جا مقلد هيو اگرچه ڪجھ احڪام ۾.

هن وقت سڀني مسئلن ۾ امام خميني قدس سره جي تقليد تي باقي رهڻ جائز آهي.

سوال35: اگر ميت اعلم هجي ته سندس تقليد تي باقي رهڻ جو حڪم ڪهڙو آهي؟

جواب: ميت جي تقليد تي باقي رهڻ هر صورت ۾ جائز آهي پر بهتر آهي ته اعلم ميت جي تقليد تي باقي رهڻ ۾ احتياط ترڪ نه ٿئي.

سوال36: ڇا ميت جي تقليد تي باقي رهڻ ۾ اعلم مجتهد جي اجازت ضروري آهي يا هر مجتهد جي اجازت ڪافي آهي؟

جواب: ميت جي تقليد تي باقي رهڻ جي جائز هجڻ ۾ جڏهن فقهاء جو ان تي اتفاق هجي ته اعلم جي اجازت واجب ناهي.

سوال37: اهڙو شخص جيڪو امام خميني قدس سره جي تقليد ڪندو هيو سندن رحلت کانپوءِ ڪجھ مسئلن ۾ ٻئي مجتهد جي تقليد ڪئي اٿائين هينئر اهو مجتهد به وفات ڪري ويو آهي هن شخص جي ڪهڙي ذميواري آهي؟

جواب: هينئر به گذريل زماني وانگر امام خميني قدس سره جي تقليد تي انهن مسئلن ۾ جن ۾ عدول نه ڪيو هيائين ، باقي رهي سگھي ٿو اهڙيءَ طرح انهن مسئلن ۾ جن ۾ عدول ڪيو هيائين مخير آهي ته ان ٻئي مجتهد جي تقليد تي باقي رهي يا ڪنهن زندهه مجتهد جي طرف عدول ڪري.

سوال38: امام خميني قدس سره جي وفات کانپوءِ گمان پئي ڪيم ته سندن فتوى مطابق ميت جي تقليد تي باقي رهڻ جائز ناهي لهذا ٻئي زندهه مجتهد کي تقليد لاءِ انتخاب ڪيم ڇا ٻيهر امام خميني قدس سره جي تقليد ڏي رجوع ڪري سگھان ٿو؟

جواب: امام خميني قدس سره جي تقليد طرف رجوع ڪرڻ انهن مسئلن ۾ جن ۾ زندهه مجتهد جي طرف عدول ڪيو اٿو ، جائز ناهي سواءِ ان جي ته زندهه مجتهد جي فتوى اعلم ميت جي تقليد تي باقي رهڻ هجي  ۽ توهان معتقد هجو ته امام خميني قدس سره زندهه مجتهد جي نسبت اعلم آهي ته ان صورت ۾ امام خميني قدس سره جي تقليد تي باقي رهڻ واجب آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found