خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

تقليد جا احڪام(قسط پهرين)

ٽي راهون احتياط ، اجتهاد ۽ تقليد 

سنڌيڪار: افتخار علي سولنگي

مهاڳ : شرعي حڪمن جو بيان، انهن سنتن منجھان هڪ سنت آهي جيڪا ويسر ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي غبارن جي ور چڙهيل آهي ڄڻ ته اسان پنهنجي ثقافتي تعليمات ۾ احڪام جي بيان لاءِ بلڪل ٿورڙي حصي جا قائل ٿيا آهيون جو اسان جو معاشرو شرعي حڪمن جي بلڪل  گھٽ معلومات رکندڙ آهي ۽ افسوس سان ان اڻ ڄاڻائيءَ جا عملي نتيجا پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا .

قرآن مجيد ڪيترائي ڀيرا الله سائين جا حڪم بيان ڪرڻ کان پوءِ انهن کي (حدود الله ) الله جون حدون سڏيو آهي ۽ سڀني انسانن کي انهن حدن کان ٽپڻ يا ڪراس ڪرڻ جي صورت ۾ ڌمڪي پڻ ڏني آهي 

آئمه معصومين عليهم السلام پڻ الله سائين جي حڪمن کي بيان ڪرڻ جي ضمن ۾ پنهنجي صحابين ۽ شيعن کي اهي نوراني حديثون لکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي ، شوق پڻ ڏياريو آهي

عَنِ الْمُفَضَّلِ بْنِ عُمَرَ قَالَ قَالَ لِي أَبُو عَبْدِ اللَّهِ ع‏ اكْتُبْ‏ وَ بُثَ‏ عِلْمَكَ‏ فِي إِخْوَانِكَ فَإِنْ مِتَّ فَأَوْرِثْ كُتُبَكَ بَنِيكَ فَإِنَّهُ يَأْتِي عَلَى النَّاسِ زَمَانُ هَرْجٍ لَا يَأْنَسُونَ فِيهِ إِلَّا بِكُتُبِهِمْ. (  (  الڪافي ج 1 ص 52 )

مفضل بن عمر چوي ٿو : امام صادق عليه السلام مونکي فرمايو پنهنجا اهي علم (جيڪي اسان کان سکيا اٿئي) لک ۽ ٻين ڀائرن ۾ منتشر ڪر ته جيئن تنهنجا ڪتاب توکان پوءِ به تنهنجي اولاد وٽ ميراث طور باقي رهن ، ان ڪري جو ڪو زمانو ايندو جو ماڻهن پنهنجي ڪتابن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شي سان مانوس نه هوندا .

فقيهن پڻ هميشه الله سائين جي حڪمن کي بيان ڪري ، پالڻهار جي حدن کي قرآن مجيد ۽ سنت منجھان حاصل ڪري سڀني (مڪلفن) ذميوار افرادن تائين پهچايو آهي  هاڻي ديني امور ۾ مهارت رکندڙ سڀني فردن جي ذميواري آهي ته ان تعليمات کي نشر ڪرڻ ۾ پوري وجود سان جدوجهد ڪري، الله سائين جي حدن کي پنهنجي ڪمن ۽ عملن ۾ معين ڪري ان حدن موجب عمل ڪن.

ان ڪري اسان هن مضمون وسيلي حضرت آية الله العظمى سيد علي خامنه اي (زيد عزه العالي) جي استفتائات جي ترجمي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون ان اميد سان ته محترم پڙهندڙن کي به پسند ايندو ۽ بارگاھ حق ۾ به قبوليت جو رتبو ماڻيندو .

سوال1. ڇا تقليد صرف هڪ عقلي مسئلو آهي يا مٿس دليل شرعي پڻ آهن؟

جواب: تقليد لاءِ دليل شرعي آهن ۽ عقل پڻ حڪم ڪري ٿو ته ديني احڪام جي ڄاڻ نه رکندڙ شخص، جامع الشرائط مجتهد جي طرف رجوع ڪري.

سوال2. جناب عالي جي نگاهه ۾ احتياط تي عمل ڪرڻ بهتر آهي يا تقليد؟

جواب: جيتوڻيڪ احتياط تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سندس موارد ۽ ڪيفيت جي ڄاڻ سان گڏوگڏ وقت گھڻو هجي، تنهن ڪري بهتر اهو آهي ته مڪلف ديني احڪام ۾ جامع الشرائط مجتهد جي تقليد ڪري.

سوال3. ديني احڪام ۾ فقهاء جي فتوائن جي وچ ۾ احتياط جي حد ڪيتري تائين آهي؟ ڇا فوت ٿي ويل فقهاء جي فتوا جو خيال رکڻ به لازمي آهي؟

جواب: احتياط مان مراد سندس موارد ۾ سڀني فقهي احتمالن جو خيال رکڻ آهي اهڙيءَ طرح سان جو مڪلف مطمئن ٿي وڃي ته ان  پنهنجي وظيفي تي عمل ڪيو آهي.

سوال4. منهنجي ڌيءُ جلدي مڪلف ٿيڻ واري آهي ۽ ضروري آهي ته پنهنجي لاءِ مرجع تقليد انتخاب ڪري، پر تقليد جي مسئلي کي سمجھڻ ۽ درڪ ڪرڻ سندس لاءِ ڏکيو آهي، ان جي لاءِ اسان جي ذميواري ڇا آهي؟

جواب: اگر اها اڪيلي ان مسئلي ۾ پنهنجي ذميواريءَ کي معين نٿي ڪري سگھي ته ان جي رهنمائي ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي.

سوال.5 فقهاء وٽ مشهور آهي ته احڪام جي موضوعات جي تشخيص ڏيڻ مڪلف جي ذميواري ۽ حڪم جي تشخيص ڏيڻ مجتهد جي ذميواري آهي پر جڏهن ته فقهاء ڪيترن ئي موردن ۾ احڪام جي موضوعات جي تشخيص ۾ پڻ اظهار نظر ڪن ٿا، ڇا موضوع ۾ مجتهد جي نظر جي پيروي ڪرڻ واجب آهي؟

جواب: موضوع جي تشخيص مڪلف جي ذميواري آهي ان ۾ مجتهد جي پيروي ڪرڻ واجب ناهي سواءِ ان جي ته ان تشخيص تي اطمينان پيدا ٿئي يا موضوع اهڙن موضوعن منجهان هجي جنهن ۾ استنباط جي ضرورت هجي.

سوال6. ڇا اهو شخص گنهگار آهي جيڪو ضرورت وارن ديني حڪمن کي سکڻ ۾ سستي ڪري ؟

جواب: اگر احڪام کي نه سکڻ ، ڪنهن شخص لاءِ واجب جي ترڪ ٿيڻ يا حرام جي مرتڪب ٿيڻ جو سبب ٿئي ته اهو گنهگار آهي.

سوال7. ڪڏهن ڪڏهن گھٽ اطلاع رکندڙ ماڻهن کان ديني مسئلن مان سندن مرجع تقليد جي باري ۾ سوال ڪيو وڃي ٿو ته جواب ۾ چون ٿا نٿا ڄاڻون ، يا ڄاڻائن ٿا فلان مجتهد جي تقليد ڪريون ٿا جڏهن ته عملا نه ان مجتهد جو رسالو پڙهن ٿا ۽ نه ئي وري ان جي فتوائن تي عمل ڪم ٿا ، اهڙن ماڻهن جي عملن جو ڇا حڪم آهي؟

جواب: اگر انهن جا عمل احتياط يا واقع جي مطابق هجن يا ان مجتهد جي فتوا جي مطابق هجن جو انهن جي ذميواري آهي ته ان مجتهد جي تقليد ڪن ، ته صحيح هجڻ جو حڪم رکن ٿا.

سوال8. انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته جن مسئلن ۾ مجتهد اعلم احتياط واجب جو قائل آهي ، ڇا بعد واري مجتهد اعلم جي طرف رجوع ڪري سگھون ٿا؟ اگر بعد وارو مجتهد اعلم به ان مسئلي ۾ احتياط واجب جو قائل هجي ته ڇا ان کان بعد واري اعلم جي طرف رجوع ڪرڻ جائز آهي ۽ اگر ٽئين مجتهد جي فتوا به ساڳي ريت هجي ته ڇا سندس کان بعد واري اعلم جي طرف رجوع ڪري سگھجي ٿو ۽ انهيءَ ريت................. مهرباني ڪري ان مسئلي کي واضح ڪندا؟

جواب: انهن مسئلن ۾ جن ۾ مجتهد اعلم جي فتوا نه هجي ، ان مجتهد جي طرف رجوع ڪرڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي جيڪو ان مسئلي ۾ احتياط جو قائل نه ٿيو آهي بلڪه صريح فتوا اٿس ، اعلم کانپوءِ اعلم ( الاعلم فالاعلم ) جي ترتيب جو لحاظ رکندي.

تقليد جا شرط

سوال.9 ڇا اهڙي مجتهد جي تقليد ڪرڻ جيڪو مرجعيت جي مقام تي نه پهتو هجي ۽ رساله عمليه (توضيح المسائل) نه رکندو هجي ، جائز آهي؟

جواب: اهڙي مجتهد جي تقليد ڪرڻ ۾ جيڪو جامع الشرائط هجي ، تصدي مرجعيت (يا مرجعيت جي مقام تي پهچڻ) يا رساله عمليه جو هجڻ شرط ناهي لهذا جيڪڏهن اهڙي مڪلف لاءِ جيڪو ان جي تقليد جو ارادو رکندو هجي ، ثابت ٿي وڃي ته اهو جامع الشرائط مجتهد آهي تقليد ڪرڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي.

سوال10. ڇا اهڙي شخص جي تقليد ڪرڻ جائز آهي جيڪو فقهه جي بابن منجھان ڪنهن  هڪ باب ۾ مثال نماز يا روزي جي باب ۾ ، اجتهاد جي درجي تي پهتل هجي؟

جواب: اهڙي مجتهد متجزي جي فتوا جيڪو ڪجھ فقهي بابن ۾ فتوا ۽ اجتهادي نظر رکندڙ هجي ، سندس لاءِ حجت آهي پر ٻين جي لاءِ ان جي تقليد ڪرڻ محل اشڪال آهي جيتوڻيڪ جائز هجڻ بعيد ناهي.

سوال11. ڇا ٻين ملڪن جي علماء جي تقليد ڪرڻ جن تائين پهچ ممڪن ناهي ، جائز آهي؟

جواب: جامع الشرائط مجتهد جي تقليد ڪرڻ ۾ اهو شرط ناهي ته مجتهد ، مڪلف جي ملڪ وارو يا سندس رهڻ واري جاءِ جو رهاڪو هجي.

سوال12. ڇا اها عدالت جيڪا مجتهد ۽ مرجع تقليد ۾ شرط آهي ان عدالت سان جيڪا امام جماعت ۾ شرط آهي گھٽتائيءَ ۽ گھڻائيءَ جي اعتبار کان فرق رکي ٿي؟

جواب: فتوا ۽ مرجعيت جي منصب جي حساسيت ۽ اهميت کي مد نظر رکندي ، احتياط واجب جي بنا تي شرط آهي ته مرجع تقليد مجتهد ، عدالت کانسواءِ سرڪش نفس تي تسلط جي قدرت رکندڙ هجي ۽ دنيا جي نسبت حريص نه هجي.

سوال13. چيو ٿو وڃي ته ضروري آهي ته اهڙي مجتهد جي تقليد ڪجي جيڪو عادل هجي ،عادل ڪنهن کي چئبو آهي؟

جواب: عادل اهو انسان آهي جيڪو پرهيزگاريءَ ۾ ان حد تائين پهتل هجي جو ڄاڻي واڻي گناهه نه ڪري.

سوال14. ڇا زمان ۽ مڪان جي حالتن کان آگاهي رکڻ اجتهاد جي شرطن مان آهي؟

جواب: ممڪن آهي ته اها شرط بعض مسئلن ۾ اثرائتي هجي.

سوال15. امام راحل (قدس سره) جي نظرئي مطابق ضروري آهي ته مرجع تقليد عبادات ۽ معاملات جي احڪام کانسواءِ سڀني سياسي ، اقتصادي ، نظامي ، اجتماعي ۽ رهبريءَ وارن ڪمن جي نسبت عالم ۽ آگاهه هجي ، اسان پهرين امام خميني جا مقلد هئاسين ، سندن رحلت کانپوءِ ڪجھ علماء جي رهنمائيءَ ۽ پنهنجي تشخيص ڏيڻ جي نتيجي ۾ ضروري سمجھيوسين ته جناب عالي ڏانهن رجوع ڪيون ته جيئن مرجعيت ۽ رهبريءَ کي جمع ڪيون ، ان مورد ۾ اوهان جي نظر ڇا آهي؟

جواب: جنهن مرجع جي تقليد ڪرڻ گھرجي ان جي صلاحيت جا شرط تحرير الوسيله ۽ ٻين رسالن ۾ ذڪر ٿيل آهن ۽ تقليد جي لاءِ قابل شخص جي تشخيص ڏيڻ خود مڪلف جي ذميواري آهي.

سوال16. ڇا تقليد ۾ مرجع جو اعلم هجڻ شرط آهي يا نه؟ اعلميت جو ملاڪ ۽ معيار ڇا آهي؟

جواب: جن مسئلن ۾ اعلم جي فتوا ، غير اعلم جي فتوا کان مختلف هجي ته احتياط ان ۾ آهي ته اعلم جي تقليد ڪجي .

اعلميت جو ملاڪ ۽ معيار هي آهي ته اهو مرجع ٻين سڀني مراجع جي نسبت احڪام الاهي کي سڃاڻڻ ۾ وڌيڪ قدرت رکندو هجي ۽ شرعي احڪام کي دليلن (ادله) جي ذريعي بهتر استنباط ڪري سگهي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي زماني جي حالات کان وڌيڪ آگاهه هجي جيڪي (حالات) احڪام جي موضوعات جي تشخيص ڏيڻ ۽ فقهي نظر ڏيڻ ۾ موثر آهن.

سوال17. ڇا ان شخص جي تقليد باطل آهي جنهن ان احتمال جي بنياد تي غير اعلم مجتهد جي تقليد ڪئي آهي ته مجتهد اعلم ۾تقليد جا معتبر شرط پاتا نٿا وڃن؟

جواب: احتياط جي بنا تي، اختلافي مسئلن ۾ غير اعلم جي تقليد صرف ان احتمال جي بنياد تي ته اعلم ۾ معتبر شرائط پاتا نٿا وڃن ، جائز ناهي.

سوال18. اگر ثابت ٿي وڃي ته ڪجھ علماء، ڪجھ مسئلن ۾ اعلم آهن يعني انهن منجھان هر هڪ ڪنهن معين مسئلي ۾ اعلم آهي ته ڇا انهن مان هر هڪ جي تقليد ڪرڻ جائز آهي؟

جواب: تقليد ۾ تبعيض ڪو به اشڪال نٿي رکي اگر انهن منجھان هر هڪ جي انهن مسئلن ۾ اعلميت ثابت ٿي وڃي جيڪي مڪلف جي ضرورت وارا آهن ته اختلاف فتوا جي صورت ۾، احتياط جي بنا تي تقليد ۾ تبعيض واجب آهي.

سوال19. ڇا اعلم جي هجڻ با وجود ، غير اعلم جي تقليد ڪرڻ جائز آهي؟

جواب: جن مسئلن ۾ غير اعلم جي فتوا ، اعلم جي فتوا جي مخالف نه هجي ، ان مورد ۾ غير اعلم جي طرف رجوع ڪرڻ ۾ ڪو به اشڪال ناهي.

سوال20. جناب عالي جي نگاهه ۾ مرجع تقليد جي اعلميت جي شرط ڇا آهي؟ ۽ ان جي دليل ڪهڙي آهي؟

جواب: جڏهن جامع الشرائط فقيهه گھڻا هجن ۽ سندن فتوائن ۾ اختلاف هجي ، احتياط واجب جي بنا تي ضروري آهي ته مقلد، اعلم جي تقليد ڪري سواءِ ان صورت جي ته اعلم جي فتوا احتياط جي خلاف هجي ۽ غير اعلم جي فتوا احتياط جي مطابق هجي.

اعلم جي تقليد لاءِ دليل بناءِ عقلاء ۽ حڪم عقل آهي ڇاڪاڻ ته مقلد جي لاءِ اعلم جي فتوا جو معتبر هجڻ يقيني ۽ غير اعلم جو قول احتمالي آهي.

سوال21. اسان کي ڪنهن (ڪهڙي مجتهد) جي تقليد ڪرڻ گھرجي؟

جواب: اهڙي مجتهد جي جنهن ۾ فتوا ۽ مرجعيت جا سڀ شرط پاتا وڃن ۽ احتياط جي بنا تي اعلم هجي.

سوال22. ڇا مري ويل مجتهد جي ابتدائي تقليد ڪرڻ صحيح آهي؟

جواب: ابتدائي تقليد ۾ زندهه ۽ اعلم جي تقليد ڪرڻ ۾ احتياط ترڪ نه ٿئي.

سوال23. ڇا فوت ٿيل مجتهد جي ابتدائي تقليد ، زندهه مجتهد جي تقليد تي موقوف آهي؟

جواب: ضروري آهي ته فوت ٿيل مجتهد جي تقليد ڪرڻ يا ان جي تقليد تي باقي رهڻ ، زندهه ۽  اعلم مجتهد جي تقليد جي ذريعي سان هجي .

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found