سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

سورت ڪافرون

ٽوٽل آيتون: 6

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي پيغمبر) تون چوين ته اي ڪافرو!

  2. آءُ انهن کي نه ٿو پوڄان جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا.

  3. ۽ جنهن (خدا) جي آءُ عبادت ڪريان ٿو تنهن جي (وري) اوهين عبادت نه ٿا ڪريو.

  4. ۽ جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ تن جي پوڄا ڪڏهين به ڪرڻ وارو نه آهيان.

  5. ۽ جنهن جي آءُ عبادت ڪريان ٿو اوهين ان جي عبادت ڪرڻ وارا نه آهيو.

  6. اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found