اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

سورت فيل

ٽوٽل آيتون: 5

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو تنهنجي پروردگار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو،

  2. ڇا سندن تدبير غلط نه ڪيوسون؟ (بيشڪ ڪيوسون)،

  3. ۽ مٿن ولرن جا ولر ابابيل (پکي) موڪلياسين،

  4. جن هنن کي ڪڪري جون پٿريون هنيون ٿي.

  5. پوءِ انهن کي چٻاڙيل گاھ جهڙو ڪري ڇڏيو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found