آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت همزه

ٽوٽل آيتون: 9

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. وڏي خرابي آهي سڀ ڪنهن چغل خور ۽ ٽوڪ هڻندڙ لاءِ،

  2. جنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي ڳڻي رکيو آهي،

  3. اهو سمجهي ٿو ته سندس مال ان کي سدائين جيئرو (۽) باقي رکندو.

  4. هرگز نه! ضرور ان کي حطمه (باھ) ۾ اڇلايو ويندو.

  5. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري (حطمه) ڇا آهي؟

  6. اها خدا جي ٻاريل باھ آهي،

  7. جا (پيرن کي لڳي ته) دلين تائين چڙهي وڃي ٿي.

  8. اهي بند ڪيا ويندا.

  9. باھ جي ڊگهن ٿنڀن ۾ وجهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found