جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت طور

ٽوٽل آيتون: 49

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (جبل) طور جو قسم

  2. ۽ ان ڪتاب (لوح محفوظ) جو

  3. جيڪو ڪشادن ورقن ۾ لکيل آهي

  4. ۽ بيت المعمور جو (جيڪو ڪعبي جي بلڪل مٿان فرشتن جو قبلو آهي)

  5. ۽ مٿاهين ڇت (آسمان) جو،

  6. ۽ ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ جو قسم،

  7. ته اوهان جي پروردگار جو عذاب ضرور ٿيڻ وارو آهي.

  8. ۽ (ان کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي.

  9. ان ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح چڪر ڪاٽڻ لڳندو.

  10. ۽ جبل اڏڻ لڳا.

  11. پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  12. جي ماڻهو باطل (ڪمن) ۾ پيل کيڏي رهيا آهن.

  13. جنهن ڏينهن دوزخ جي باھ ڏي ڌڪيو ويندن.

  14. ۽ (چئين) ته هيءَ باھ اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا.

  15. ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟

  16. ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالھ آهي. اوهان کي ته رڳو اهو ئي بدلو ملندو جيڪي ڪندا هئا.

  17. بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.

  18. جيڪي (نعمتون) سندن پالڻهار انهن کي ڏنيون آهن تن جا مزا ماڻي رهيا آهن. ۽ انهن جو پروردگار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.

  19. (۽ جيئن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو، انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو.

  20. قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسون.

  21. ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد به ايمان ۾ سندن ساٿ ڏنو ته اسين انهن جي اولاد کي به سندن درجي تائين پهچائي ڇڏينداسون ۽ اسان سندن عملن مان ڪجھ به گهٽ نه ڪنداسون، سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ ۾ ڳھ ٿيل (گروي) آهي.

  22. ۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا وڌائي ڏينداسون.

  23. اتي (خوش خبريءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان شراب جو پيالو پيا ڇنندا جنهن ۾ نڪا بيهودگي آهي ۽ نه گناھ.

  24. (۽ خدمت لاءِ) اهڙا (ڳڀرو) ڇوڪرا انهن جي چوگرد پيا گهمندا ڦرندا جي (سهڻائپ ۽ جمال ۾ ڄڻ ته احتياط سان رکيل موتي آهن.

  25. ۽ هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري (مزي جون) ڳالهيون ڪندا.

  26. انهن مان ڪي چوندا ته اسين پنهنجي گهر ۾ اڳي (خدا کان ڏاڍا) ڊڄندا هئاسون.

  27. ته خدا اسان تي وڏو احسان ڪيو جو اسان کي (دوزخ جي) لوءِ جي عذاب کان بچايو.

  28. (هن کان) اڳي اسين ان (جي بچڻ) کان دعائون گهرندا هئاسون بيشڪ اهو احسان ڪندڙ مهربان آهي.

  29. ته (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون پنهنجي پروردگار جي فضل سان نه اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين.

  30. ڇا (تو کي) اهي ماڻهو چون ٿا ته (هي) شاعر آهي (۽) اسين ته ان (ڳالھ) جي باري ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

  31. تون چوين ته (چڱو) اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار سان رهيو آهيان.

  32. ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالھ سيکارين ٿا يا ته اهي آهن ئي سرڪش ماڻهو.

  33. ڇا! اهي ماڻهو چون ٿا ته هن قرآن کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ ڳالھ هئين آهي ته اهي ايمان ئي نه ٿا رکن.

  34. ته اهي ماڻهو جيڪڏهن سچا آهن ته اهڙو ئي ڪلام بڻائي ته آڻين.

  35. ڇا اهي ماڻهو ڪنهن جي (پيدا ڪرڻ) کان سواءِ ئي پيدا ٿي پيا آهن يا اهي ئي ماڻهو (مخلوقات کي) پيدا ڪرڻ وارا آهن؟

  36. يا انهن ئي سڀ آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا آهن (نه! بلڪل نه!) پر اهي يقين نه ٿا رکن.

  37. يا ته انهن وٽ تنهنجي پروردگار جا خزانا آهن يا ته اهي ئي حاڪم آهن.

  38. يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تي (چڙهي آسمان مان) ٻڌي وٺن ٿا. جيڪو ٻڌي ايندو هجي سو ڪو صاف دليل (ته) کڻي اچي.

  39. ڇا خدا لاءِ ته ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن.

  40. يا ته انهن کان تون (رسالت جي تبليغ) بابت ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چٽيءِ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.

  41. يا ته انهن وٽ ڳجھ (جو علم) آهي جو هو (ان کي) پيا لکن.

  42. يا ته اهي ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا. ته جي ڪافر آهن اهي پاڻ دائو ۾ (ڦاٿل) آهن.

  43. يا خدا کان سواءِ سندن ڪو (ٻيو) معبود آهي؟ جن شين کي اهي ماڻهو (خدا جو) شريڪ ڪن ٿا خدا ان کان پاڪ صاف آهي.

  44. ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو (عذاب جو) ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي ته دلدار ڪڪر آهي.

  45. ته (اي رسول) تون کين سندن حال تي ڇڏي ڏي ايستائين جو اهو ڏينهن جنهن ۾ اهي بيهوش ٿي پون سندن اڳيان اچي.

  46. جنهن ڏينهن نه سندن مڪاري ئي ڪجھ ڪم ايندن ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.

  47. ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عذاب آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄانن.

  48. ۽ (اي رسول) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم سان انتظار (ڪرڻ) ۾ صبر ڪندو رھ ڇو ته تون اسان جي نگهداشت ۾ آهين ته جڏهن تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندو ڪر.

  49. ۽ ڪجھ رات ۾ به ۽ تارن جي غائب هجڻ کان پوءِ تسبيح ڪندو رھ!.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found