اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت قارعه

ٽوٽل آيتون: 11

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (دلين کي) کڙکڙائڻ واري،

  2. (اها) کڙکڙائڻ واري ڇا آهي؟

  3. تو کي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙکڙائڻ واري ڇا آهي؟

  4. جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل مڪڙن وانگر (ميدان محشر ۾) هوندا.

  5. ۽ جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا.

  6. پوءِ جنهن جي (چڱن ڪمن) جو پڙو ڳرو هوندو،

  7. سو پسند ڪيل آرام ۾ هوندو.

  8. ۽ جنهن جي (نيڪ عملن) جو پڙو هلڪو ٿيندو.

  9. ته ان جو ٺڪاڻو ”هاويه“ هوندو.

  10. تو کي ڪهڙي خبر ته اها ”هاويه“ ڇا آهي؟

  11. (اها) تمام گرم باھ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found