اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت عاديات

ٽوٽل آيتون: 11

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. قسم آهي هنبارو هڻي ڊوڙندڙن (غازين جي گهوڙن) جو.

  2. ۽ پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو.

  3. پوءِ صبح جي وقت ڇاپو هڻندڙن جو،

  4. پوءِ ان وقت ريتي اڏائيندڙن جو.

  5. پوءِ ان وقت (دشمن جي) دل ۾ گهڙي وڃن ٿا.

  6. (مطلب ته قسم آهي) ته ان انسان پنهنجي پروردگار جو ناشڪرو آهي.

  7. ۽ اهو پڪ پاڻ به ان (ڳالھ) کان واقف آهي.

  8. ۽ بيشڪ اهو مال جو ڏاڍو حريص آهي.

  9. ته ڇا اهو هي ڳالھ نه ٿو ڄاڻي ته جڏهن مئل قبرن مان ڪڍيا ويندا.

  10. ۽ دلين جا ڳجھ ظاهر ڪيا ويندا.

  11. بيشڪ ان ڏينهن سندن پروردگار سندن حال کان چڱي طرح واقف هوندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found