اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت زلزله

ٽوٽل آيتون: 8

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جڏهن زمين کي چڱي طرح دٻايو ويندو.

  2. ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا ۽ مردا) ڪڍي ٻاهر ڪندي.

  3. ۽ هڪ انسان چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي؟

  4. هن ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي،

  5. ڇو ته تنهنجي پروردگار کيس حڪم ڏنو هوندو.

  6. ان ڏينهن ماڻهو گروھ گروھ ٿي (پنهنجن قبرن مان) اٿندا هن لاءِ ته پنهنجا عمل ڏسن.

  7. پوءِ جو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪئي ته ان کي ڏسندو.

  8. ۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪئي ته ان کي ڏسندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found