Logo

سورت بينه

ٽوٽل آيتون: 8

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا سي ايسيتائين (پنهنجن طريقن کان) باز اچڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ظاهر دليل نه اچي.

  2. (يعني) خدا جو رسول جي پاڪ ورق پڙهي ٿو (اچي).

  3. (۽) انهن ۾ (جي) پڪيون پڪيون ڳالهيون لکيل آهن (سي ٻڌائي)

  4. ۽ (وڏي ڳالھ ته) اهل ڪتاب جدا جدا (تڏهن) ٿيا جڏهن وٽن کليل دليل اچي چڪو.

  5. انهن کي ته رڳو هي حڪم ڏنو ويو هو ته خالص سندس عقيدو رکي باطل کان پري رهي ڪري خدا جي عبادت ڪن. ۽ پابندي سان نماز پڙهن ۽ زڪوات ادا ڪندا رهن ۽ اهو ئي (سڌو سنئون ۽) سچو دين آهي.

  6. بيشڪ اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جي ماڻهو (اڃا تائين) ڪافر آهن سي دوزخ جي باھ ۾ (هوندا ۽) سدائين ان ۾ رهندا. اهي ئي ساري خلق کان تمام بڇڙا آهن.

  7. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيا سي ئي ساري خلق کان تمام چڱا آهن.

  8. ان جو بدلو سندن پالڻهار وٽ هميشه رهڻ (سهڻ) جا باغ (بستان) آهن. جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. خدا انهن کان راضي ۽ اهي خدا کان خوش. اهو بدلو خاص ان شخص لاءِ آهي جو پنهنجي پروردگار کان ڊنو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.