سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت قدر

ٽوٽل آيتون: 5

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اسان هن قرآن کي قدر جي رات ۾ نازل (ڪرڻ شروع) ڪيو.

  2. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي؟

  3. قدر جي رات (درجي ۽ عمل ۾) هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي.

  4. ان رات ۾ سڀئي ملائڪ ۽ روح (امري) پنهنجي پالڻهار جي طرفان سموري سال جي هر ڳالھ جا حڪم کڻي نازل ٿين ٿا.

  5. هي رات پرھ ڦٽي تائين (سراسر) سلامتي واري آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found