آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت علق

ٽوٽل آيتون: 19

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول) پنهنجي پروردگار جي نالي سان پڙھ (جنهن هر شي کي) پيدا ڪيو آهي.

  2. انسان کي رت جي دڳ مان بڻايو اٿس.

  3. پڙھ! تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي.

  4. جنهن قلم سان سيکاريو آهي.

  5. انسان کي اهو ڪجھ سيکاريائين جنهن جي خبر ئي نه هيس.

  6. خبردار ٿيو ته انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي ٿو وڃي.

  7. جڏهن انسان پاڻ کي ”غني“ ٿو ڏسي.

  8. بيشڪ تنهنجي پروردگار ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي.

  9. ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو آهي جيڪو روڪي ٿو.

  10. هڪ بندي کي جڏهن اهو نماز پڙهي ٿو ته اهو (کيس) روڪي ٿو.

  11. ڀلا ڏس ته اهو (خدا جو بندو) جڏهن سڌي راھ تي هجي.

  12. يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري (ته روڪڻ ڇا جو ۽ ڇو؟).

  13. ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن هن سچي کي ڪوڙو ڪيو ۽ (هن) منهن موڙيو ته (نتيجو ڇا نڪرندو).

  14. ڇا ان کي خبر نه آهي ته خدا پڪ ڏسي رهيو آهي.

  15. خبردار ٿئي! جيڪڏهن نه مڙندو ته (کيس) ضرور چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسونس،

  16. جا چوٽي ڪوڙي گنهگار جي آهي.

  17. پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي.

  18. اسين به پنهنجن جلاد فرشتن کي سڏينداسون،

  19. ڏسو! ڪڏهن به ان جو چيو نه مڃج ۽ سجدا ڪندو رھ ۽ قرب حاصل ڪندو رھ.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found