سورت تين
- ليکڪ ايڊمن
- شاخ: قرآن ڪريم جو ترجمو
- Hits: 169
ٽوٽل آيتون: 8
الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع
-
انجير ۽ زيتون
-
۽ طور سينا جو،
-
۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم آهي.
-
ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي اندازي ۾ پيدا ڪيو آهي.
-
وري اسان ان کي (پوڙهو ڪري) آهستي آهستي هيٺينءَ کان هيٺينءَ حالت ڏي موٽايو آهي.
-
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.
-
ته (اي رسول) اهڙين ثابتين کان پوءِ تو کي روز جزا جي باري ۾ ڪير ڪوڙو ڪري سگهي ٿو؟
-
ڇا خدا سڀني حاڪمن کان زبردست حاڪم نه آهي؟ (بيشڪ آهي)
Comments
- No comments found
Leave your comments