آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت ضحيٰ

ٽوٽل آيتون: 11

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول) پهر ڏينهن ڇڙهڻ جو قسم،

  2. ۽ رات جو جڏهن (شين کي) ڍڪي ٿي.

  3. ته تنهنجي پروردگار نه تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي.

  4. ۽ تنهنجي لاءِ آخرت دنيا کان پڪ گهڻي چڱي آهي.

  5. ۽ تنهنجو پالڻهار تو کي ايترو (ته) عطا ڪندو جو تون خوش ٿيندين.

  6. ڇا ان کي يتيم ڏسي (ابو طالب جي) پناھ نه ڏني؟ (بيشڪ ڏني).

  7. ۽ تو کي (پنهنجي قوم ۾) غير معروف ڏٺو ته (تنهنجي سڃاڻڻ لاءِ سڀ جي) رهبري ڪئي وئي.

  8. ۽ تو کي تنگدست ڏسي (خديجه جي مال سان) بي پرواھ ڪيائين.

  9. ته تون به يتيم تي متان سختي ڪرين.

  10. ۽ سوال ڪرڻ واري کي متان جهڻڪين.

  11. ۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمت پيو بيان ڪر!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found