جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت ليل

ٽوٽل آيتون: 21

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. قسم آهي رات جو جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.

  2. ۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو،

  3. ۽ ان (ذات) جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو،

  4. بيشڪ اوهان جون ڪوششون طرح طرح جون آهن.

  5. پوءِ جنهن سخاوت ڪئي ۽ خدا کان ڊنو.

  6. ۽ تمام چڱي ڳالھ (اسلام) کي سچو سمجهو،

  7. ته اسين ان جي لاءِ راحت ۽ آساني (جنت) جا اسباب تيار ڪنداسون.

  8. ۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪئي.

  9. ۽ تمام چڱي ڳالھ کي ڪوڙو ڪيو.

  10. ته اسان ان کي سختيءَ سان (جهنم) ۾ وجهي ڇڏينداسون.

  11. ۽ جڏهن اهو هلاڪ ٿيندو ته ان جو مال (اسباب) کيس ڪجھ به ڪم نه ايندو.

  12. اسان کي راھ ڏيکارڻي ضرور آهي.

  13. آخرت ۽ دنيا (ٻئي خاص) اسان جون ئي آهن.

  14. تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باھ کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي ڪري ٿي.

  15. جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو.

  16. جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو.

  17. ۽ جو وڏو پرهيزگار آهي سو ان کان بچايو ويندو.

  18. جيڪو پنهنجو مال (خدا جي راھ) ۾ ڏئي ٿو ته جيئن (اهو) پاڪ ٿئي.

  19. ۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي.

  20. پر (اهو ته) رڳو پنهنجي عاليشان پروردگار جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏئي ٿو.

  21. ۽ اهو ماڻهو ضرور جلد راضي (۽ خوشنود) ٿيندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found