سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت شمس

ٽوٽل آيتون: 15

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. سج جو قسم آهي ۽ سندس روشنيءَ جو،

  2. ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان نڪري ٿو.

  3. ۽ ڏينهن جو جڏهن چمڪائي،

  4. ۽ رات جو جڏهن ان کي ڍڪي ٿي.

  5. ۽ آسمان جو ۽ جنهن ان کي بنايو اٿس تنهن جو.

  6. ۽ زمين جو ۽ جنهن ان کي وڇايو اٿس تنهن جو.

  7. ۽ جان جو ۽ جنهن ان کي برابر جوڙيو اٿس.

  8. پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجھ ڏني اٿس، ان جو (قسم آهي)،

  9. ته بيشڪ جنهن پنهنجي (جان) کي (گناهن کان) پاڪ رکيو سو ته ڪامياب ٿيو،

  10. ۽ جنهن (گناھ ڪري) ان (نفس کي) دٻائي ڇڏيو سو نامراد رهيو.

  11. ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشي جي ڪري ڪوڙو ڪيو،

  12. جڏهن انهن مان وڏو نامراد ٿيو،

  13. پوءِ خدا جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته خدا جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه اچو.

  14. پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ۽ ان (ڏاچي) جا پير وڍي ڇڏيا، ته کين سندن پالڻهار انهن جي نافرماني ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (عذاب) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين.

  15. ۽ هن کي بدلي جو ته ڊپ نه آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found