ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سورت بلد

ٽوٽل آيتون: 20

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. مون کي هن شهر (مڪي) جو قسم آهي،

  2. ۽ تون هن شهر ۾ رهين ٿو،

  3. ۽ تنهنجي پيءُ (آدم) ۽ ان جي اولاد جو قسم،

  4. ته اسان انسان کي مشقت ۾ (رهڻ وارو) ڪري پيدا ڪيو آهي.

  5. ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو.

  6. چوي ٿو ته: مون مال جا (ڪيئي) ڍير ضايع ڪيا آهن.

  7. ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي،

  8. ڇا اسان سندس ٻه اکيون

  9. ۽ زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن، (ضرور بنايا)

  10. ۽ کيس (چڱي ۽ بري) ٻئي راهون (واٽون) به ڏيکاري ڇڏيون.

  11. پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ مان (ڇو) لنگهي پار نه پيو؟

  12. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي؟

  13. ڪنهن (غلام يا قرضدار کي) ڇڏائڻو آهي،

  14. يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي،

  15. مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي،

  16. يا مٽيءَ ۾ رليل مسڪين کي.

  17. پوءِ تون انهن ماڻهن ۾ (شامل) ٿي وڃين ها جن ايمان آندو ۽ صبر جي نصيحت ۽ ترس کائڻ جي وصيت ڪندا رهن ٿا.

  18. اهي ئي شخص خوش نصيب آهن.

  19. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو آهي سي بدبخت آهن.

  20. جو انهن کي باھ ۾ وجهي (اها) باھ هر طرف کان بند ڪئي ويندي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found