آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت فجر

ٽوٽل آيتون: 30

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. صبح (جي وقت) جو قسم آهي،

  2. ۽ ڏهن راتين جو،

  3. ۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو،

  4. ۽ رات جو جڏهن اچڻ لڳي ٿي.

  5. عقل واري لاءِ ته هي بيشڪ وڏو قسم آهي (ته ڪافرن تي ضرور عذاب ٿيندو)

  6. ڇا اوهان نه ڏٺو ته اوهان جي پروردگار عاد (جي قوم) سان ڇا ڪيو؟

  7. (يعني) ٿنبن وانگر قد آور ”ارم“ جي (قوم) سان.

  8. جن جهڙا سموري (دنيا جي) شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيا ويا.

  9. پڻ ثمود (جي قوم) سان (به) جي ”وادي القرى“ ۾ ڇپون گهڙي (گهر ٺاهي رهندا هئا.

  10. ۽ فرعون سان (به ڇا ڪيوسين) جيڪو سزا جي لاءِ ڪلا رکندو هو.

  11. هي ماڻهو (جدا جدا) شهرن ۾ سرڪش ٿي رهيا هئا.

  12. ۽ انهن مان گهڻا فساد ڦهلائي رهيا هئا.

  13. پوءِ تنهنجي پروردگار مٿن عذاب جو چهبڪ وسايو.

  14. پوءِ تنهنجو پالڻهار گهاٽ واري هنڌ ۾ آهي.

  15. پوءِ انسان کي جڏهن کيس سندس پالڻهار (هن طرح) آزمائي ٿو جو ان کي عزت ۽ نعمت ڏئي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پروردگار مون کي عزت عطا ڪئي آهي.

  16. پر وري جڏهن کيس (هن ريت) آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو، ته چوي ٿو ته منهنجي پالڻهار مون کي خوار ڪيو.

  17. ائين نه آهي. پر اوهين ماڻهو يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو.

  18. ۽ نه مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي ريس ٿا ڏياريو.

  19. ۽ ميراث جي مال (حلال ۽ حرام) کي سميٽي هڙپ ڪري ٿا ڇڏيو.

  20. ۽ مال (دولت) سان محبت گهڻي ٿا رکو.

  21. ياد رکو! جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي ذرا ذرا ڪيو ويندو.

  22. ۽ تنهنجي پروردگار جو حڪم، ۽ فرشتا قطارن ۾ ايندا.

  23. ۽ دوزخ کي ان ڏينهن سامهون آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان ڌيان ڪندو پر پوءِ ڪٿان (نصيحت يا فائدو) ٿيندس!

  24. چوندو ته جيڪر (ڪجھ چڱا عمل) پنهنجي (هن) حياتي لاءِ اڳيان موڪليان ها!

  25. پوءِ ان ڏينهن خدا جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪو به نه ڏيندو.

  26. ۽ ان جي جڪڙڻ جهڙو ٻيو ڪو به نه جڪڙيندو.

  27. (۽ ڪجھ ماڻهن کي چئبو) اي دلجاءِ وارا نفس!

  28. پنهنجي پالڻهار ڏي موٽي هل! جو تون ان کان خوش هو تو کان راضي.

  29. تون منهنجن (خاص) عبدن ۾ شامل ٿي وڃ.

  30. ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found