جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت غاشيه

ٽوٽل آيتون: 26

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ڀلا تو کي ڍڪي ڇڏڻ واري مصيبت (قيامت) جو حال معلوم ٿيو آهي؟

  2. ان ڏينهن ڪيئي منهن ذليل ۽ خوار هوندا،

  3. (ٻيڙين ۽ ڳٽن سان) محبت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا.

  4. ٻرندڙ باھ ۾ گهرندا.

  5. انهن کي ٽهڪندڙ چشمي جو پاڻي پياريو ويندو.

  6. انهن لاءِ ”ضريع“ (ستياناسيءَ ٻوٽيءَ جو هڪ قسم) کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو.

  7. جو نه (کين) ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجھ بک لاهيندو.

  8. (۽) ڪي منهن ان ڏينهن کلندڙ (تر ۽ تازا) هوندا.

  9. پنهنجي ڪوشش جي ڪري (شادمان ۽) خوش هوندا.

  10. هڪ عاليشان باغ ۾،

  11. جنهن ۾ ڪا به بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا.

  12. ان ۾ وهندڙ چشما هوندا.

  13. ان ۾ اوچا (اوچا) پلنگ وڇايل هوندا،

  14. ۽ (ان جي ڪناري) گلاس رکيل هوندا.

  15. پڻ طول وهاڻا قطار ڪري رکيل.

  16. ۽ نفيس غاليچا (مسندون) وڇايل آهن.

  17. ته ڇا اهي ماڻهو اٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ڪهڙو نه (عجيب نموني) پيدا ڪيو ويو آهي؟

  18. پڻ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن مٿي کنيو ويو آهي؟

  19. ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن کڙو ڪيو ويو آهي؟

  20. ۽ زمين ڏي ته ڪيئن وڇائي ويئي آهي.

  21. پوءِ (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين.

  22. تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين.

  23. ها! جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو.

  24. تنهن کي خدا تمام وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.

  25. بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن کي موٽڻو آهي.

  26. ۽ وري انهن کان حساب وٺڻ اسان جي ذمي آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found