آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت اعليٰ

ٽوٽل آيتون: 19

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول) پنهنجي عاليشان پروردگار جي نالي جي تسبيح ڪر!

  2. جنهن سڀ ڪنهن کي پيدا ڪيو پوءِ صحيح سالم بنايو.

  3. ۽ جنهن (ان جو) اندازو مقرر ڪيو وري راھ ڏسيائين.

  4. ۽ جنهن (حيوانن لاءِ) چارو اڳايو،

  5. پوءِ ان کي ڪارو سڪو سڙيل ڪيائين.

  6. اسين تو کي (اهڙو) پڙهائينداسون جو ڪڏهن نه ڀلندين.

  7. پر جو خدا چاهي (منسوخ ڪري ڇڏي) بيشڪ اهو ظاهر ۽ ڳجھ کي ڄاڻي ٿو.

  8. ۽ اسين تو کي سولي طريقي جي توفيق عطا ڪنداسون.

  9. ته جيترو سمجهائڻ فائدي وارو هجي سمجهائيندو.

  10. جيڪو ڊڄي ٿو سو ته يڪدم ڄاڻندو.

  11. ۽ بدبخت ان (ڳالھ) کان پاسو ڪندو،

  12. جيڪو (قيامت ۾) تمام وڏي (تيز) باھ ۾ داخل ٿيندو.

  13. وري ان ۾ مرندو ۽ نه جيئندو.

  14. بيشڪ اهو مراد کي پهتو جيڪو (شرڪ کان) پاڪ ٿيو.

  15. ۽ پنهنجي پالڻهار جي نالي جو ذڪر ڪندو ۽ نماز پڙهندو رهيو.

  16. پر اوهين ته دنياوي زندگي کي پسند ڪريو ٿا،

  17. هوڏانهن آخرت گهڻو چڱي ۽ گهڻو بقا واري آهي.

  18. بيشڪ هي بيان ته پهرين صحيفن ۾،

  19. ابراهيم ۽ موسى جي صحيفن ۾ (به) آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found