جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت طارق

ٽوٽل آيتون: 17

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي وقت ايندڙ جو.

  2. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟

  3. اهو چمڪندڙ تارو آهي،

  4. ته ڪهڙو شخص نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي.

  5. ته انسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي شي مان ان کي بنايو ويو آهي.

  6. ان کي اڇلندڙ پاڻي (منيءَ) مان بنايو ويو آهي.

  7. جو پٺي ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو.

  8. بيشڪ اهو (خدا) ان کي ٻيو ڀيرو (پيدا) ڪرڻ تي ضرور قدرت رکي ٿو.

  9. جنهن ڏينهن دلين جا ڳجھ جاچيا ويندا.

  10. پوءِ نه ان کي ڪا سگھ هوندي ۽ نه ڪو مددگار.

  11. چڪر ڪاٽيندڙ آسمان جو قسم آهي.

  12. ۽ ڦاٽڻ واري زمين جو ته،

  13. بيشڪ هي قرآن ”قول فيصل“ آهي.

  14. ۽ اها بيهوده ڳالھ ڪانهي.

  15. بيشڪ اهي (ته ان ڳالھ جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين پيا.

  16. ۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو.

  17. پوءِ تون ڪافرن کي ٿوري ڍر ڏي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found