آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت بروج

ٽوٽل آيتون: 22

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. برجن واري آسمان جو قسم آهي.

  2. ۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو.

  3. ۽ شاهد جي ۽ جنهن جي شاهدي ڏني ويندي، تنهنجي

  4. (ته مڪي جا ڪافر برباد ٿيا) جيئن خندق وارا برباد ڪيا ويا،

  5. جي کاهيون باھ جون هيون.

  6. جنهن ۾ (انهن مسلمانن لاءِ) ٻارڻ وجهي ڇڏيو هو.

  7. ۽ جڏهن اهي انهن (کاهين) تي ويٺل جو سلوڪ ايمان وارن سان ڪندا هئا تنهن کي سامهون ڏسي رهيا هئا.

  8. ۽ انهن کي مومنن جي اها ڳالھ بري لڳي ته انهن ماڻهن خدا تي ايمان آندو هو جيڪو زبردست (۽) حمد جي لائق آهي.

  9. اهو (خدا) جنهن جي سڀني آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهت آهي ۽ خدا سڀ ڪنهن شي کان باخبر آهي.

  10. بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو ۽ وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باھ جي سزا (به) آهي.

  11. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.

  12. بيشڪ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ سخت آهي.

  13. اهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اهو ٻيو ڀيرو (قيامت ۾ جيئرو) ڪندو.

  14. ۽ اهو ئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي.

  15. عرش جو مالڪ وڏي شان وارو آهي.

  16. جنهن جو ارادو ڪري تنهن کي پورو ڪرڻ وارو آهي.

  17. ڇا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتي آهي؟

  18. يعني فرعون ۽ ثمود جي (بلڪل پهتي آهي)

  19. پر ڪافر ته ڪوڙي ڪرڻ جي فڪر ۾ ئي آهن.

  20. ۽ خدا انهن جي پٺيان (کين) گهيرو ڪندڙ آهي.

  21. (هي ڪوڙي ڪرڻ جي لائق نه آهي) پر هي ته قرآن مجيد آهي،

  22. جو لوح محفوظ ۾ لکيل آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found