اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت انشقاق

ٽوٽل آيتون: 25

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جڏهن آسمان ڦاٽندو.

  2. ۽ پنهنجي پروردگار جو حڪم بجا آڻيندو ۽ کيس واجب به اها ئي ڳالھ آهي،

  3. ۽ جڏهن زمين (سڌي ڪري) ڇڪبي.

  4. ۽ جيڪي منجهس آهي سو اوڳاڇيندي ۽ خالي ٿيندي.

  5. ۽ پنهنجي پروردگار جو حڪم مڃيندي ۽ مٿس لازم به ائين ئي آهي. (ته قيامت اچي ويندي).

  6. اي انسان تون پنهنجي پالڻهار جي حضوريءَ جي ڪوشش ڪرين ٿو ته (هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور) سندس سامهون حاضر ٿيندين.

  7. پوءِ (ان ڏينهن) جنهن جو عمل نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو،

  8. تنهن کان ته حساب آسان طريقي سان ورتو ويندو،

  9. ۽ (پوءِ) اهو پنهنجي (مومنن جي) قبيلي ڏي خوش ٿي موٽندو.

  10. پر جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي پٺيءَ طرف کان ڏنو ويندو.

  11. سو ته موت کي سڏيندو.

  12. ۽ جهنم واصل ٿيندو.

  13. اهو ماڻهو ته، پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ مست رهندو.

  14. ۽ سمجهندو ته ڪڏهن به (خدا ڏي ته) ورندس ئي ڪين.

  15. هاءُ! سندس پالڻهار پڪ کيس ڏسي پيو.

  16. پوءِ مون کي شام جي ڳاڙهاڻ جو قسم،

  17. ۽ رات جو ۽ انهن شين جو جن کي اها ڍڪي ڇڏي ٿي.

  18. ۽ چنڊ جو جڏهن برابر (گول) ٿئي ٿو،

  19. ته اوهين ضرور هڪڙيءَ سختيءَ کان پوءِ ٻئيءَ سختيءَ ۾ ڦاسندو.

  20. ته پوءِ انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو ايمان نه ٿا آڻن.

  21. ۽ جڏهن انهن وٽ قرآن پڙهجي ٿو ته سجدو نه ٿا ڪن!

  22. پر هٿون ڪافر ڪوڙو ڪن ٿا.

  23. هوڏانهن اهي جيڪي دلين ۾ سانڊن ٿا تنهن کان خدا خوب واقف آهي.

  24. پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ،

  25. پوءِ جن ايمان آندو ۽ انهن سٺا ڪم ڪيا تن لاءِ (ته) اڻ کٽ اجر آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found