آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت مطففين

ٽوٽل آيتون: 36

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ماپ تور ۾ گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  2. جي ماڻهن کان جڏهن مئي وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا.

  3. پر جڏهن ان کي مئي يا توري ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا.

  4. ڇا اهي (اهو) خيال نه ٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.

  5. هڪڙي (تمام) وڏي ڏينهن لاءِ.

  6. جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو ساري جهان جي پروردگار جي اڳيان بيهندا.

  7. خبردار! بدڪار جو ڪتاب (اعمال نامو) به بيشڪ ”سجين“ ۾ آهي.

  8. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟

  9. هڪ لکيل دفتر آهي (جنهن ۾ شيطانن جا اعمال درج آهن).

  10. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  11. جيڪي حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا.

  12. هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن حد کان لنگهدڙ گنهگار کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪوڙو نه ٿو ڪري.

  13. جو جڏهن ان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن.

  14. نه! نه! پر (اصلي ڳالھ هي آهي) ته جيڪي ماڻهو (بڇڙا ڪم) ڪندا هئا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي وئي آهي.

  15. بيشڪ اهي ان ڏينهن پنهنجي پالڻهار جي (رحمت) کان روڪيا ويندا.

  16. پوءِ اهي ضرور جهنم واصل ٿيندا.

  17. پوءِ (کين) چيو ويندو ته هي اهو ته (دوزخ) آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا.

  18. (هي به) ٻڌي ڇڏيو ته تابعدارن جا عمل ”عليين“ ۾ هوندا.

  19. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟

  20. اهو هڪ لکيل دفتر آهي، (جنهن ۾ نيڪوڪارن جا عمل درج آهن).

  21. ان وٽ مقرب (فرشتا) حاضر آهن.

  22. بيشڪ نيڪ ماڻهو ته ضرور مزي ۾ هوندا.

  23. پلنگن تان ويٺي (نظارا) پيا ڏسندا.

  24. تون انهن جي چهرن مان ئي راحت جي تازگي معلوم ڪندين.

  25. مهر لڳل شراب مان پيارو ويندن.

  26. جنهن جي مهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان لاءِ تي ڀلي شائقين ان طرف رغبت ڪن.

  27. پڻ ان شراب ۾ تسنيم (جي پاڻي) جي ملاوٽ هوندي،

  28. هڪ اهو چشمو آهي جنهن مان (خدا جا) مقرب بندا پيئندا.

  29. بيشڪ ڏوهاري ايمان وارن تي (دنيا ۾) کلندا هئا.

  30. ۽ اهي جڏهن انهن وٽان لگهندا هئا ته (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي اکين سان اشارا ڪندا هئا.

  31. ۽ جڏهن پنهنجي گهروارن ڏي موٽندا هئا ته وڏائي جون ڳالهيون ڪندا هئا.

  32. ۽ جڏهن انهن (مومنن) کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته پڪ هي ته گمراھ آهن.

  33. هوڏانهن اهي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليا ويا هئا!

  34. سو اڄ (قيامت ۾) ايمان وارا (انهن) ڪافرن تي کلن ٿا.

  35. پلنگن تان (بهشت جا نظارا) ڏسن ٿا.

  36. ۽ چون ٿا هاڻي ته ڪافرن کي سندن ڪرتوتن جو پورو پورو بدلو ملي ويو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found