آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت انفطار

ٽوٽل آيتون: 19

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جڏهن آسمان ڦاٽندو.

  2. ۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي ڪري پوندا،

  3. ۽ جڏهن دريا وهي (پاڻ ۾ ملي) ويندا.

  4. ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون.

  5. تڏهن سڀ ڪنهن کي معلوم ٿيندو ته اڳ ۾ ڇا موڪليو آهي ۽ پٺ تي ڇا ڇڏي آيو آهي.

  6. اي انسان! تو کي ڪهڙي شي پنهنجي سڳوري پالڻهار کان ٺڳيو آهي؟

  7. جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ تو کي صحيح سالم ڪيو پوءِ تو کي برابر ڪيائين.

  8. جنهن به شڪل ۾ چاهيائين تنهن ۾ جوڙيو اٿس،

  9. ها! ڳالھ هي آهي ته اوهين ماڻهو جزا (جي ڏينهن) کي ڪوڙو ڪريو ٿا.

  10. هوڏانهن توهان تي نگهبان مقرر آهن،

  11. بزرگ (فرشتا) سڀ ڳالهيون (لکڻ وارا) ڪراما ڪاتبين،

  12. جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ ڄاڻن ٿا.

  13. بيشڪ نيڪوڪار ته نعمت ۾ هوندا.

  14. ۽ اهي ان کان لڪي نه سگهندا.

  15. اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا.

  16. ۽ ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.

  17. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟

  18. (وري ٿا چئون ته) تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟

  19. جنهن ڏينهن ڪو به شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو. ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو ئي هوندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found