جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت تڪوير

ٽوٽل آيتون: 29

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو،

  2. ۽ چنڊ تارا ڪري پوندا.

  3. ۽ جبلن کي هلايو ويندو.

  4. ۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون بيڪار ٿي وينديون.

  5. ۽ جڏهن جنگلي جانورن کي گڏ ڪيو ويندو،

  6. ۽ جڏهن دريا (باھ وانگر) تپايا ويندا،

  7. روحون هڏن سان ملايون وينديون.

  8. ۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي کان پڇيو ويندو،

  9. ته ڪهڙي گناھ ڪري ماري وئي هئين؟

  10. ۽ جڏهن عملن جا دفتر کوليا ويندا،

  11. ۽ جڏهن آسمان جي کل لاهي ويندي،

  12. ۽ جڏهن دوزخ جي باھ ڀڙڪائي ويندي،

  13. ۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو،

  14. تڏهن سڀ ڪو ماڻهو ڄاڻيندو ته ان پاڻ سان ڪهڙا (اعمال) آندا آهن.

  15. پوءِ قسم کڻان ٿو پٺ تي هٽندڙن،

  16. سڌو هلندڙن (تارن جو،

  17. پڻ رات جو (قسم آهي) جڏهن اچي ٿي،

  18. ۽ صبح جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو.

  19. ته اهو (قرآن) هڪ عزت واري فرشتي (جبرائيل) جي زبان جو پيغام آهي،

  20. جو وڏي سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وڏي مرتبي واري،

  21. اتي (سڀني فرشتن جو) سردار امانت دار آهي.

  22. ۽ (اي مڪي وارو!) اوهان جو ساٿي (محمد) ڪو چريو نه آهي.

  23. ۽ بيشڪ ان جبرئيل کي آسمان جي پڌري (مشرقي) ڪناري تي ڏٺو آهي.

  24. ۽ هو غيب جي خبرن ظاهر ڪرڻ ۾ بخيل نه آهي.

  25. ۽ نه اهو (قرآن) تڙيل شيطان جو ڪلام آهي.

  26. پوءِ اوهين ڪيڏانهن وڃو ٿا.

  27. اهو (ته) سموري جهان وارن لاءِ رڳو نصيحت آهي.

  28. (پر) تنهن لاءِ جو اوهان مان سڌي راھ تي هلي.

  29. ۽ اوهين چاهيو ئي نه ٿا پر اهو جيڪي جهانن جو پروردگار (خدا) چاهي ٿو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found