اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

سورت نازعات

ٽوٽل آيتون: 46

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. انهن (فرشتن) جو قسم آهي جي (ڪافرن جا روح ٽٻي ڏئي تمام سختي سان ڇڪي ڪڍن ٿا.

  2. ۽ انهن جو قسم جي (مومنن جي جان) سولي چڪي ڪڍن ٿا،

  3. ۽ انهن جو قسم جي (آسمان ۽ زمين جي وچ ۾) ترن ٿا،

  4. پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا.

  5. پوءِ (دنيا جا انتظام ڪن ٿا. (ته قيامت ضرور ٿيندي).

  6. پوءِ جڏهن زمين ڌڏندي.

  7. پوءِ ان جي پٺيان ٻيو زلزلو ايندو.

  8. ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ لڳنديون.

  9. (ذلت کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون.

  10. چون ٿا ته اسين پهرين حالت (جئيڻ ڏي) موٽايا وينداسون.

  11. ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون.

  12. چون ٿا ته اهو موٽڻ (وري جئيرو ٿيڻ) وڏي نقصان وارو موٽڻ آهي.

  13. نه (مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اها (قيامت) ته رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي،

  14. پوءِ اهي يڪدم پڌري پٽ تي (حشر جي ميدان) تي موجود هوندا.

  15. (اي رسول!) ڇا تو کي موسى جي ڳالھ پهتي آهي؟

  16. جڏهن کيس سندن پالڻهار ”طوى“ جي مقدس ميدان ۾ سڏيو.

  17. ته فرعون ڏي وڃ! ڇو ته اهو حد کان لنگهي ويو آهي.

  18. ۽ (ان کي) چئو ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته ڪفر کان پاڪ ٿئين!

  19. ۽ آءُ تو کي تنهنجي پالڻهار جي راھ ڏسيان ته تون ان کان ڊڄين،

  20. نيٺ موسى کيس (عصا جو) وڏو معجزو ڏيکاريو.

  21. پر هن ڪوڙ ڪيو ۽ نه مڃيو،

  22. پوءِ ڦري (پاڻ مخالف) ڪوشش ڪرڻ لڳو.

  23. وري (ماڻهن کي) گڏ ڪيائين.

  24. ۽ وڏي آواز چيائين ته آءُ توهان ماڻهن جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان،

  25. ته خدا (به) دنيا ۽ آخرت (ٻنهي) جي عذاب ۾ گرفتار ڪيس.

  26. بيشڪ جو شخص (خدا کان) ڊڄي تنهن لاءِ ان ڳالھ ۾ سبق آهي.

  27. ڀلا اوهان جو پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي يا آسمان جو جنهن ان کي بڻايو؟

  28. ان جي ڇت تمام بلند ڪيائين ۽ وري ان کي درست ڪيائين.

  29. ۽ ان جي رات کي اونداهي وارو ۽ (ڏينهن جو) ان جي اس ڪڍيائين.

  30. ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين.

  31. (هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاھ ڪڍيو اٿس،

  32. ۽ جبلن کي کوڙيو اٿس،

  33. (اهو سڀ ڪجھ ۽ ان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ آهي.

  34. پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي.

  35. جنهن ڏينهن سڀ ڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين.

  36. ۽ ڏسڻ وارن جي اڳيان دوزخ ظاهر ڪيو ويندو.

  37. ته جنهن (به دنيا ۾) آڪڙڪئي هوندي،

  38. ۽ دنيا جي حياتي کي پسند ڪيو هوندو،

  39. تنهن جو ٽڪاڻو ته پڪ دوزخ آهي.

  40. ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ پاڻ کي ناجائز خواهش کان روڪيندو رهيو.

  41. ته ان جو ٽڪاڻو پڪ بهشت آهي.

  42. (اي رسول!) تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي؟

  43. (اي رسول!) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو!

  44. تنهنجي پروردگار کي ئي ان جي پڇاڙي جي خبر آهي.

  45. تون ته رڳو جو شخص ان کان ڊڄي تنهن کي ڊيڄارڻ وارو آهين.

  46. جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا) ۾ هڪڙي شام صبح رهيا هئا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found