سومر, 17 جون 2019 - Mon 06 17 2019

منو

سورت قيامت

ٽوٽل آيتون: 40

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. آءُ ڏينهن قيامت جو قسم کڻان ٿو،

  2. ۽ (برائي کان) ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم کڻان ٿو.

  3. ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس سڙيل هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟

  4. ڇو نه! اسين ته سندس آڱرين جي ڏوڏن جي برابر ڪرڻ تي (به) قدرت رکندڙ آهيون.

  5. پر انسان گهري ٿو ته پنهنجي اڳيان به (هميشه) بدڪاري ڪندو رهي.

  6. پڇي ٿو ته قيامت جو ڪڏهن ٿيندو؟

  7. سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون،

  8. ۽ چنڊ گرهبو،

  9. ۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا،

  10. تڏهن انسان ان ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟

  11. نه! نه! ڪا پناھ جي جاءِ نه آهي.

  12. تنهنجي پروردگار وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي.

  13. ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين.

  14. پر انسان پاڻ تي هڪ ثابتي آهي،

  15. جيتوڻيڪ پنهنجي (گناهن لاءِ) بهانا پيش پيو ڪري.

  16. (اي رسول) پنهنجي زبان کي ان (قرآن پڙهڻ) سان جلدي نه هلائي!

  17. ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي.

  18. اسين ان کي (جبرئيل جي زباني) پڙهيائون ته تون به اهڙي طرح پڙهندو رھ!

  19. پوءِ ان (جي مشڪلات) کي سمجائڻ به اسان جي ئي ذمي آهي.

  20. ائين نه آهي پر (اي انسانو) حق ڳالھ هيءَ آهي جو اوهين ماڻهو دنيا کي (ته) دوست رکو ٿا.

  21. پر آخرت کي ڇڏي ويٺا آهيو.

  22. ان ڏينهن ڪي منهن تازا هوندا.

  23. (۽) پنهنجي پروردگار (جي نعمت) کي ڏسندا هوندا.

  24. ۽ ڪيترائي منهن ان ڏينهن اداس هوندا.

  25. ڀائيندا ته ساڻن ڪمر ٽوڙ معاملو ڪيو ويندو.

  26. هرگز نه! جڏهن ساھ (بدن مان ڇڪجي) نڙگهٽ تي پهچندو،

  27. ۽ چيو ويندو ته ڪو ڦيڻو رکڻ وارو آهي؟

  28. ۽ هو پاڻ ڀائيندو ته هاڻي (سڀ کان) جدائي آهي.

  29. ۽ (موت جي تڪليف ڪري) پنيءَ سان پني وچڙندي.

  30. ان ڏينهن تو کي پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هلڻو آهي.

  31. پوءِ (خدا جي ڪلام کي) نه ته سچو سمجهيائين ۽ نه نماز پڙهيائين.

  32. پر ڪوڙو ڪيائين ۽ (ان کان) موڙيائين.

  33. وري پنهنجي گهروارن ڏي آڪڙ ڪري هليو.

  34. افسوس آهي تو تي وري افسوس آهي.

  35. وري تو تي افسوس پٺيان افسوس آهي.

  36. ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته ان کي ائين ئي ڇڏيو ويندو؟

  37. ڇا اهو (منڍ ۾) مني جو ڦڙو نه هو؟ جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) وڌو ٿي ويو.

  38. وري رت جو دڳ هو پوءِ کيس خدا بڻايو ۽ وري صحيح سالم ڪيائين.

  39. وري ان مان ٻه جنس نر ۽ مادي بنايائين.

  40. ڇا اهو مئلن کي جيئرو نه ٿو ڪري سگهي؟

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found