Logo

سورت مدثر

ٽوٽل آيتون: 56

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي (منهنجا) ڪپڙي ويڙهڻ وارا (رسول)

  2. اٿو ۽ ماڻهن کي عذاب کان ڊيڄاريو.

  3. ۽ پنهنجي پروردگار جي وڏائي بيان ڪر،

  4. ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک،

  5. ۽ گندگي کان پري رھ.

  6. ۽ اهڙي طرح احسان نه ڪر جو وڌيڪ وٺڻ جا خواهشمند ٿيو.

  7. ۽ پنهنجي پروردگار جي رضامنديءَ لاءِ صبر ڪر.

  8. پوءِ جڏهن ناقور (صور) ڦوڪيو ويندو.

  9. ته اهو ڏينهن سخت (مصيبت جو) هوندو،

  10. ڪافرن تي آسان نه هوندو.

  11. (اي رسول!) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم.

  12. ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم.

  13. ۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن.

  14. ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءَ) چڱي طرح پکيڙي ڇڏي اٿم.

  15. تڏهن به هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ ڏيان.

  16. ائين نه ٿيندو، ته هو اسان جي آيتن جو دشمن آهي.

  17. سگهو ئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس،

  18. ڇو ته ان فڪر ڪري ڪري هڪ ڳالھ تجويز ڪئي.

  19. پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين.

  20. پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين.

  21. وري ان (غور ڪري) ڏٺو.

  22. وري منهن ۾ گهمنڊ وڌائين ۽ منهن بچڙو ڪيائين.

  23. وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.

  24. پڻ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (اکين کان) هليو ٿو اچي.

  25. هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو ڪلام آهي. (خدا جو نه)

  26. سگهو ئي آءُ ان کي دوزخ ۾ وجهندس

  27. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟

  28. اهو نه ڪجھ رهائي ٿو ۽ نه ڇڏي ٿو.

  29. بدن کي ساڙي ڪارو ڪندڙ آهي.

  30. ان تي اوڻيھ (فرشتا) مقرر آهن.

  31. ۽ اسان جهنم جا نگهبان ته رڳو ملائڪ ڪيا آهن ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مومن شڪ ۾ نه پون، پڻ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ٿا ته هن مثال مان خدا جو مطلب ڇا آهي؟ (اي رسول) اهڙي طرح خدا جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهي (۾ ڇڏي) ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئون گس ڏيکاري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نه ٿو ڄاڻي. ۽ هي رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي.

  32. ٻڌي ڇڏيو، (اسان کي) چنڊ جو قسم

  33. ۽ رات جو جڏهن وڃڻ لڳي ٿي،

  34. ۽ صبح جو جڏهن روشن ٿئي ٿو،

  35. ته اهو (جهنم) به هڪ وڏي (آفت) آهي،

  36. (پڻ) ماڻهن کي ڊيڃارڻ وارو آهي،

  37. (سڀ جي لاءِ نه پر) اوهان مان جو شخص (نيڪي ڏي) وک وڌائي ۽ (برائي کان) پٺتي هٽڻ گهري.

  38. سڀ ڪو نفس پنهنجي ڪمائي جي ڪري (گروي) پيل آهي.

  39. پر سڄي هٿ ۾ (نامه اعمال) وٺڻ وارن کان سواءِ.

  40. (بهشت جي) باغن ۾ هڪ ٻئي کي پڇي رهيا هوندا،

  41. ڏوهارين جي باري ۾

  42. آخر اوهان کي ڪهڙي ڳالھ دوزخ ۾ وڌو آهي؟

  43. اهي چوندا ته اسين نڪي نمازين مان هئاسون.

  44. ۽ نڪي مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئاسون.

  45. ۽ اهل باطل وارن سان گڏجي اسين به بري ڪم ۾ گهڙي پوندا هئاسون.

  46. ۽ ڏينهن قيامت کي ڪوڙو ڪندا هئاسون.

  47. (۽ اسان ائين ئي گذاريو) تان جو اسان وٽ موت پهتو،

  48. (پوءِ ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي.

  49. پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت کان منهن موڙ ڪئي اٿن.

  50. ڄڻ ته اهي جنگلي گڏھ آهن،

  51. جو شينهن کان (دم دٻائي) ڀڄن ٿا.

  52. اصل ۾ هيءَ (ڳالھ) آهي ته انهن مان هر شخص جي هيءَ تمنا آهي ته کيس کليل (آسماني ڪتاب) عطا ڪيا وڃن.

  53. ائين ته هرگز نه ٿيندو. پر اهي ته آخرت کان ئي نه ٿا ڊڄن.

  54. ها! ها! بيشڪ هي (قرآن سراسر) نصيحت آهي.

  55. ته جيڪو گهري سو ياد رکي.

  56. ۽ خدا جي ارادي کان سواءِ ته اهي ياد رکي نه ٿا سگهن. اهو ئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ (اهو ئي) معاف ڪرڻ وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.